شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

ٻي عالمي جنگ ۾ دربدر ٿيندڙ ناروي جو نسل


صبح 07 لڳي 49 منٽ -اربع 20 مارچ 2019  138 
image-1

 

جنگ جنهن ۾ نه فقط انساني جانيون وينديون آهن پر انهن جنگين جا نتيجا ايندڙ ڪيترن ئي نسلن کي ڀوڳڻا به پوندا آهن، جيئن جنگ جي ڪري ٿيندڙ بيماريون، غربت، سماجي برايون وغيره شامل آهن. اڄ اسين هتي هڪ اهڙي ئي مسئلي جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ناروي جي عورتن ۽ ان جي ٻارن سان پيش آيو.

ناروي ٻي عالمي جنگ ۾ هڪ اڻ ڌريو ملڪ يعني ڪنهن به اتحاد جو حصو نه هو پر جيئن ته ان وقت جرمني هر ملڪ تي ڪاهه ڪري رهيو هو ۽ نازي فوج (جرمني جي فوج) جتي ٻيا ملڪ فتح ڪيا هئا، اتي ناروي جي ملڪ تي به   پنهنجي فتح جو جھنڊو 1940ع ۾ کوڙيو.

ناروي فتح ڪرڻ کان پوءِ هينرچ هيملر جيڪو ان وقت نازين ۾ تمام گھڻو اثر رسوخ رکندڙ ۽ هٽلر جو تمام خاص ماڻهو هو تنهن ان ڳالهه ته زور ڀريو ته آريه نسل کي وڌائڻ لاءِ جرمن سپاهي ناروي جي عورتن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪن ته جيئن اتي پيدا ٿيندڙ ٻار نازين واري نظريي کي وڌائين.

هڪ رپورٽ موجب جرمن سپاهين 50،000 (پنجاهه هزار) کان وڌيڪ عورتن سان ان نظريي آڌار ناجائز لاڳاپا قائم ڪيا ۽ ان سڀني عورتن کي ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي سهولتون به فراهم ڪيون ويون. 1941ع ۾انهن عورتن لاءِ خاص ويم گھر (Germanadministrative lebenshorn-Fountain of life) زندگي جو ڦوهارو جي نالي سان قائم ڪيا ويا، جتي ڪيترن ئي ناروي - جرمن ٻارن جنم ورتو هو.


ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ ناروي ۾ رهندڙ انهن عورتن ۽ انهن جي ٻارن لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ڪنهن عذاب کان گھٽ ڪونه هيو. انهن عورتن کي ناروي ۾ 'جرمن گرلس' جي عرفيت (nick name) سان سڏيو ويندو هو نه صرف اهو پر انهن کي غدار چئي ڪري انهن کان جنگ جو ڏنڊ وصول ڪرڻ لاءِ نشانو بنايو ويو ان کانسواءِ انهن کي مختلف قسمن جون سزائون پڻ ڏنيون ويون جيئن انهن کي شهري حقن (Civil rights) کان محروم رکڻ، ڪيترين ئي عورتن کي ٻارن سميت ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي يا زبردستي جرمني ڏانهن موڪليو ويو.

  هڪ رپورٽ موجب جرمن سپاهين ۽ ناروي جي عورتن جي لاڳاپن جي نتيجي ۾ تقريبن ڏهه کان ٻارنهن هزار ٻار پيدا ٿيا ۽ انهن عورتن سان گڏ انهن ٻارن کي به پلاند جو نشانو بنايو ويو.

ڪيترائي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ناروي جي ماڻهن جو رويو انهن ٻارن سان نه بدليو جنهن جي ڪري اهڙن ئي ٻارن جي ڪن ٽولن سال 2007ع دوران اهو ڪيس يورپين ڪورٽ ۾ ڪيو پر ڪورٽ اهو چئي ڪيس داخل نه ڪيو ته انهن واقعن جي ٿيڻ کان پوءِ ڪافي وقت گذري ويو آهي.

اسان وٽ جيڪي ماڻهو جنگيون ڪرڻ لاءِ آتا لڳا پيا آهن، انهن کي ايترو ضرور سمجهڻ گهرجي ته جنگيون رڳو فتح يا شڪست جو قصو نه هونديون آهن پر اصل ۾ اهي ماڻهن جي زندگين کي تباهه ڪرڻ جو هڪ اهڙو سلسلو هونديون آهن، جنهن کي نسلن جا نسل ڀوڳيندا آهن.

اڄ ناروي جو اهو نسل پوڙهو ٿي چڪو آهي يا وري مري چڪو آهي پر اهو سدائين ان ٻه واٽي تي بيٺل رهيو ته ان جي اصل سڃاڻپ ڪهڙي آهي. ان جي اصل ڌرتي ناروي آهي يا وري جرمني. جنگين انسان ذات لاءِ تباهي کان سواءِ ڪجهه به ناهي آندو ۽ نه ئي جنگين کان پوءِ اها اميد به ڪري سگهجي ٿي ته ڪو اهڙو امن وارو مرحلو ايندو جنهن سان جنگ لڳڻ جو ڪو امڪان به نه رهندو.

پر اڄ کان ڪجهه سال اڳ ناروي جي وزيراعظم ايرنا سولبرگ انهن عورتن کان سرڪاري سطح تي معافي گهري، جن سان جرمن فوجين جنسي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.

گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي واري 70هين سالگره جي موقعي تي هن چيو ته ”نوجوان ناروي جون ڇوڪريون ۽ عورتون جن جا جرمن فوجين سان لاڳاپا هئا يا شڪ هو ته اهي انهن جي جنسي ڏاڍ سبب تذليل جو شڪار ٿيون. اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ناروي جي اختيارين بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ڇو ته ڪنهن به شهري کي بنا ڪنهن ٽرائيل يا قانون جي سزا نٿي ڏئي سگهجي.

ڪن لاءِ اهو ٻالڪپڻ جو پيار هو، ڪن لاءِ پنهنجي دشمن فوجي سان پيار هو ۽ ان معصوم دوکي انهن جي زندگي تي هميشه لاءِ هڪ داغ ڇڏي ڏنو. اڄ سرڪاري سطح تي آئون انهن کان  معافي گهران ٿي.“

اها معافي نامي واري رپورٽ جيڪا ناروي جي جنگ کانپوءِ واري واقعي تي ٻڌل هئي، سا سينٽر فار هولوڪاسٽ ۽ مينارٽيز اسٽيڊيز ڇاپي.

جنگ کي ست ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ ان ۾ سڌي ريت متاثر ٿيندڙ عورتن مان ڪيتريون ئي اهو ٻڌڻ لاءِ جيئريون نه هيون.

تنهنڪري امن کي امن وسيلي ئي ماڻي سگهجي ٿو. جنگين جي تاريخ جنهن جنهن به پڙهي هوندي ان کي ايترو اندازو ضرور هوندو ته جنگين سبب رڳو انسان ذات جي تباهي نه ٿيندي آهي پر پکي پکڻ ۽ جهنگلي جيوت سڀ انهن جنگين جو کاڄ ٿي ويندا آهن.

 

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment