شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

هڪ اداس زخمي شخص جي دل جي ايِ سِي جِي


صبح 11 لڳي 30 منٽ -خميس 14 مارچ 2019  142 
image-1

منور سراج جي ناول ’’ پيراڊائيز پوائنٽ تي شام ‘‘ تي تجزيو

هڪ ڪهاڻي ورهين کان غلام گردش جي ڏاڪن تي ڀٽڪي رهي آهي. ڏک جي ڪهاڻي .. . زندگي ۽ زندگيءَ جي امڪان جي ڪهاڻي. خوابن جِي ۽ خوابن جي آس پاس جي ڪهاڻي.. سياڻپ جي ڪهاڻي ۽ ديوانگيءَ جي ڪهاڻي. ريگستان ۾ بيٺل امبرين جي ڪهاڻي. بارش ۾ روئندڙ مراد جي ڪهاڻي. عزت بچائڻ لاءِ عزت داوَ تي لڳائي ويٺل نمرتا جي ڪهاڻي. سرمد، ساڀيان ۽ سنگيت جي ڪهاڻي. ۽ انهن کان به وڏي يا شايد انهن کان ڪجهه ننڍي چمڙن جي ڪهاڻي، چمڙن جي بوءِ جي ڪهاڻي.

پنهنجي پاڻ ۾ هڪ طويل ۽ سگهاري ڪهاڻي جهڙو اثر رکندڙ گهري اداسيءَ ۾ ٻڏل هي مختصر جملا ناول ’’ پيراڊائيز پوائنٽ تي شام ‘‘ مان ورتا ويا آهن. جنهن جو سرجيندڙ آهي منور سراج. منور سراج سنڌي ادب جي گهاٽي، سرسبز جهنگ ۾ تخليق جي گهوڙي تي سوار خوبصورت شهزدو آهي، اهڙو شهزادو جنهن جي بادشاهيت ۾ خوابن جون نديون، پُراسرار خيال ۽ اڻ ميا تصور آهن. منور سراج جو هي ٻيو ناول آهي. هن کان اڳ سندس پهريون ناول ’’ کاٻي اک جو خواب ‘‘ چيلاٽي جي خوف کان ڏڪندڙ ٻار جي المياتي ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آهن، ۽ ان کان علاوه ارون ڌتي راءِ جي جڳ مشهور ناول (God Of Small Things.) کي به سنڌي ويس اوڍائي چڪو آهي.

سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ’’ خوابن جا رستا ‘‘ پڙهڻ کان پوءِ محترم رسول بخش درس کيس چيو هو؛ منور! هي ڪهاڻيون توتي نازل ٿيل صحيفه آهن. واقعي به سندس ڪهاڻيون صحيفه ئي آهن. دل جي نديءَ ۾ ٻڏي ويل ڇوڪري.. . کان، دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف تائين.. . سندس سمورين ڪهاڻين جا ڪردار اداس تشنا روح سان زندگيءَ جو صحرا اڪرندي پاڻ ۾ گم ٿي ويندا آهن. هن ناول ۾ اها ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪهاڻي گهڻو وقت اڳي کان، شايد تڏهن کان جڏهن منور سراج ليکڪ نه هو.

صرف ئي صرف خواب نگر جو هڪ باشندو هو، هڪ ديوانو هو، هڪ متلاشي هو، هڪ پُر اسرار سنياسي، هڪ جوڳي هو. ها تڏهن ئي هيءَ ڪهاڻي منور جي دل جي دهليز تي اچي ويهي رهي هئي. بس هن ڪهاڻيءَ جي لکجڻ جو صحيح وقت هاڻ آيو هو، هاڻ جڏهن سنگيت کي سرمد سان ۽ سرمد کي ساڀيان سان محبت ٿي آهي. جڏهن ماڻهوءَ کي محبت ٿيندي آهي ته پوءِ ئي ان تي دريافتن جي جهان جون ددريون کلنديون آهن. اهي دريون دل جون دريون هونديون آهن. جن درين مان تيز ڌڙڪندڙ دل سان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندڙ ساڀيان ايندي آهي، ۽ پوءِ اهي خوابَ جيڪي اکين نه پر دل ڏٺا هئا، انهن سمورن خوابن جي تعبير ٿي ويندي آهي. دل جي انهن ئي درين مان پنهنجي بي نشان وجود جي خوشبو ڦهلائي دٻيل پيرن سان سنگيت به هلي ايندي آهي، ته چنڊ تان هڪ پري به لهي ايندي آهي ۽ هڪڙو خوبصورت خطرناڪ ٽرائنگل ٺهي ويندو آهي.

اهڙو ٽرائنگل جنهن ۾ سرمد پنهنجي ڌڙڪنُن، خوابن، سڏڪن، لڙڪن ۽ اداسين سميت گم ٿي وڃي.! هڪ ليکڪ .. . ها هڪ گمنام ليکڪ. . . جنهن سرمد کي سنڀاليو هو. ۽ سرمد جي حالت ڏسي سندس بي ترتيب ڌڙڪندڙ دل جي ڌڙڪڻ ، خالي خالي اکين، اداس نظمن کي ڏسي لڳندو آهي ته؛ ساڀيان کي سرمد جي دل جي حالت ڪنهن الهام جي وسيلي معلوم ٿي چڪي هئي. ڇو ته، محبت پاڻ لڪائي ناهي سگهندي، اها ته مشڪ امبر جيئن ڦهلجي ڪائنات جي هر شي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. محبت چوڏهين جي چنڊ جيان اڀرندي آهي ۽ هر شي کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي. دل جي ڌڙڪڻ ، اکين جي اداسيءَ ۽ نظم جيڪي روح جي گهرائيءَ مان تخليق ٿيا انهن سڀني اظهار ڪيو ته سرمد کي ساڀيان سان محبت هئي. ۽ پيراڊائيز پوائنٽ تي بارش جي ڪڻين به چيو ته؛ ساڀيان کي سرمد سان محبت آهي. ڇو ته محبت جا انڪاري هر حسين تصور ۽ حقيقت جا انڪاري هوندا آهن. محبت ته هڪ آفاقي احساس آهي جيڪو چشمي جيان دل مان ڦٽي نڪرندو آهي.

محبت وقت، عمر، رنگ نسل يا مذهب ناهي ڏسندي. جيئن ڪا الهڙ نينگري محبوب کي پنهنجو جوڀن تحفي ۾ ڏيندي آهي. محبتن جي اهڙن ئي خوشبودار، خماريل ۽ پاڪيزه احساسن سان منور سراج جو هي ناول سنڌي ناول پڙهندڙن جي لاءِ هڪ خوبصورت تحفو آهي. محبت جو هي تحفو به ڪيڏو دلڪش، دلجُو ۽ آفرين آهي، جو ان ۾ هڪ ليکڪ جي اداسي، اوجاڳو، بي چيني، اضطراب ۽ پنهنجي خوابن جي خوشبو شامل آهي. هي ناول محبت جي ڪري ئي تخليق ٿي سگهيو آهي. مون کي يقين آهي، محبتن، خوابن ۽ تصورن جي خوشبو جهڙو هي ناول اوهان جي اندر کي به مهڪائي ڇڏيندو. هي ناول سنڌي ادب ۾ اڳ لکيل ڪيمپس ناولن کان بنهه منفرد آهي. هي ناول هڪ پيار ڪهاڻي سان گڏ سنڌ جي ڪهاڻي پڻ آهي، اها ڪهاڻي جنهن جو ڳلو گهٽيو پيو وڃي، اها ڪهاڻي جيڪا وقت جي نون پيدا ٿيندڙ فرعونن آڏو اڃا جهڪي نه سگهي آهي.

ناول جا ڪرادار:

جن جون پنهنجون پنهنجون المانڪ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون ليکڪ جي دل جي اِي سِي جِي آهن. سرمد: هڪ ادس روح، هڪ شاعر جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ گم سم رهندي گهڻو خوش هو. لائبه: هڪ چالاڪ لُومڙي، هڪ خطرناڪ ذهن رکندڙ ليسبين ۽ شايد خاموش خاموش محبت ڪندڙ به. مُلا سامسنگ: پراڊڪٽس جو ورجن، بيوقوفين جو بادشاهه. ساڀيان: سنگيت، سهڻي ۽ امينڊا جو حقيقي وجود. محبتن جي ندي ۽ حسن جي سمنڊ مان وهنتل، اڇي اجري صاف شفاف دل جي مالڪ ڇوڪري، پر اکين تي سهيلي جي نظر جو چشمو چاڙهي دنيا ۾ هلڻ جي عادي. مختيار: ڪهاڻي لکڻ جنهن جو هڪ وڏو معجزو. امبرين: پنهنجي لڙڪن ۾ لڙهندڙ چري ڇوڪري. مراد: نامراديون جنهن جو نصيب. صفدر: گڙو گڙو ڪندڙ هڪ پاڳل، پريمي جنهن جي ڪهاڻي . . . . . . . . . ۽ وڏو صاحب المعرف ڪارو چمڙو: هڪ بدبودار سماج جي پيداوار، وحشي، درندو، بگهڙ جنهن جي هجڻ سان هرڻيون هيسل رهن ۽ سندس وجود جي بدبوءِ سماج کي نڪ تي ماسڪ چاڙهڻ لاءِ پريشان ڪري رهي آهي. درحقيت: منور سراج جو هي ناول بارش جيئن آهي، جنهن جا بي چين ۽ اداس ڪردار ڀٽڪندڙ ڪڪرن جهڙا آهن. محبتون ، حسرتون، نامراديون، خواب، الڪا ۽ اڌما ان بارش جون ڪڻيون آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment