شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

مهاجر سياست جو اصلي روپ


شام 02 لڳي 15 منٽ -اربع 06 فيبروري 2019  292 
image-1

1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوج هن خطي کي چڙهائي ڪري فتح ڪيو تڏهن ڪراچي جي شهر جي آبادي صرف 14 هزار نفوس تي مشتمل هئي تقريبن 98 سالن تائين پو 1941ع ۾ ٿيندڙ مردم شماري مطابق ڪراچي جي آبادي 3,86,650 ٿي ويئي. ورهاڱي کان پو پاڪستان جي پهرين مردم شماري 1951 ۾ ٿي جنهن جي انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي 10,68,590 تي وڃي پهتي مطلب 10 سالن ۾ 176 سيڪڙو واڌارو آيو جنهن جو وڏو ڪارڻ هجرت هو.

1970ع تائين ڪراچي ۾ آبادي ۾ واڌري جي شرح 8 سيڪڙو سالانه رهي ۽ اڄ ڪراچي جي آبادي ٻن ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي، 1947ع جي ورهاڱي کانپو مذهب جي نالي تي ٿيل اها لڏپلاڻ 1940ع جي قرارداد جي بلڪل ابتڙ هئي، 10 لک مهاجرن جو پاڪستان ڏانهن هجرت ڪرڻ ۽ ڪروڙ کان مٿي اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن جو ڀارت ۾ ترسي پوڻ پنهنجي جنم ڀومي کي نه ڇڏڻ، پنهنجي پاڻ ۾ خود هڪ سوال آهي ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هندوستان ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ به پاڻ کي مهاجر سڏرائن ٿا؟ هن ڳالهه کي سولي نموني هينئن سمجهجي ته جن وٽ ججهي مال ۽ ملڪيت هئي انهن پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏي باقي جيڪي ڪنگلا هئا انهن رلي ڪلهي تي رکي اچي پاڪستان ڀيڙا ٿيا ۽ وڏين ملڪيتن جا ڪليم داخل ڪرايائون ۽ اصلوڪن سنڌي رهاڪن کي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ تي مجبور ڪري انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيائون.... گرومندر، رام باغ، هاڻوڪو آرام باغ، صدر، گارڊن، رنڇوڙ لائن، رام سوامي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهيل عمارتون اڄ به اصلوڪن ماڻهن جون منتظر آهن اڄ به انهن عمارتن جي بالڪنين جي ڄارين تي اوم جهڙا هنڌي لفظ اڪريل آهن.

جيئن ته سنڌ سنتن ساڌوئن ۽ صوفين جي سرزمين آهي.... سنڌ ڌرتي جا ماڻهو امن پسند ۽ پيار سان رهڻ وارن مان آهن ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هن وقت پوري دنيا دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي پر اڄ تائين ڪوبه سنڌي خودڪش بمبار يا دهشتگرد نه مليو آهي. پر بدقسمتي سان ورهاڱي کان پو سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رت جي راند شروع ٿي.... جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوندي ته سنڌ ۾ دهشگردي جي شروعات 1947ع کان ٿي جڏهن هندوستان کان لڏي آيل مهاجرن سنڌ جي مستقل ۽ اصلوڪن رهواسين کي مذهب جي بنياد تي مارڻ شروع ڪيو.

ان کانپوءِ سنڌ ۾ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي بحال ٿيڻ خلاف فساد ڪيا ويا سرڪاري انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 7 جولائي کان 7 آگسٽ 1972ع تائين 42 ماڻهن کي ماريو ويو. انهي دوران جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن علامه دائود پوٽي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته هندستان کان آيل اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لا سنڌي لازمي قرار ڏجي ٿي ۽ سنڌي ٻارن لا اردو پڙهڻ لازمي هوندو. مهاجرن ان جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حيدرآباد جي هڪ ڪرپٽ ۽ نام نهاد ليڊر حافظ مبارڪ علي شاهه عيدگاهه ميدان حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ جلسو ڪوٺايو ان جلسي ۾ هن شر انگيز ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، چيائين ته هندستان کان آيل ٻار ڪافر راجا ڏاهر جي زبان نه پڙهندا. ان تقرير حيدرآباد کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو.

تاريخ جي پنن تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي پناهگيرن جي قيادت هميشه اسٽيبلشمينٽ جي حامي ۽ دلال رهي آهي ۽ اهو سلسلو لياقت علي خان کان شروع ٿي الطاف حسين تائين پهچي ٿو. ون يونٽ جي تحريڪ خلاف انهن ڀاڙي جي دلالن ”مهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيو“ سنڌ ۽ سنڌين کان بلڪل الڳ ٿي بيٺا. ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ واري المناڪ سانحي ۽ سنڌو ديش جي نعري انهن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري ۽ انهن جي ذهن ۾ ٻولي، الڳ سياسي نظرئي ۽ ڌار سڃاڻپ جو جنون چڙهيو ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳا. 1977ع ان سال جمهوريت کي ختم ڪرڻ لا 9 ستاري اتحاد جڙيو، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ايجيٽيشن جو مرڪز بڻايو ويو انهن مهاجرن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. ضيا آمريت خلاف 1983ع کان 1986ع تائين ايم آر ڊي يعني جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جنهن ۾ لاکاٽ، کيسانہ موري ۽ دادو سميت سڄي سنڌ ۾ فوج هٿين خالي سنڌين تي گوليون وسائي رهي هئي، تڏهن مهاجر بلڪل الڳ بيٺل نظر آيا.

تاريخ جي ورقن تان جڏهن ڌوڙ هٽائي غور سان ڏسبو ته رت ئي رت نظر ايندو. 1985ع جتي ڪراچي ۾ هڪ شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي بس حادثي ۾ موت انهن جي مڪروه ارادن ۽ چهرن تان پردا هٽائي ڇڏيا، غور سان انگن اکرن جو جائزو وٺون ته خبر پوندي ته 1980ع کان 1985ع تائين ڪراچي شهر ۾ مني بسن جا 1459 حادثا ٿيا جن ۾ مجموعي طور تي 821 ماڻهو فوت ٿيا. 1985 جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته انهي سال 285 حادثا پيش آيا جن ۾ 216 ماڻهو ماريا ويا ته پو بشريٰ زيدي ڪيس کي بنياد بڻائي ڪراچي ۾ لساني فسادن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو. جنهن جا سبب معلوم ڪرڻ لا محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي وفاقي وزير داخلا جي سيڪريٽري مسعود الزمان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙنو پيو. هن ڪميشن جا 3 ميمبر هئا وفاقي سيڪريٽري پلاننگ ۽ ترقي ڊاڪٽر معين الدين بقائي، ميمبر وفاقي انسپيڪشن ٽيم ڊاڪٽر ايم ايم حسن ۽ گهرو معاملن واري صوبائي سيڪريٽري پرويز احمد بٽ شامل هئا. جڏهن ته ضيا الاسلام جيڪو ڪمشنر به رهي چڪو آهي تنهن ڪميشن جي سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا ڪميشن جي رپورٽ اڄ به سرڪاري المارين جي زينت بڻيل آهي.

سنڌ ۾ نسلي ۽ ٻولي وارا فساد:

جيئن ته اڳ ۾ به چئي چڪا آهيون ته امن ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي جي مهمان نواز اصلوڪن رهاڪن هجرت جي عمل دوران ئي پنهنجي پٺي تي وار سهڻ شروع ڪيا انهن پهرين دهشتگردي مذهب جي بنياد تي ڪيئي ۽ ڪيترن ئي هندن جي ملڪيتن قبضا ڪري انهن کي يا ته قتل ڪيو يا انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ اجها ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ٻولي وارن فسادن جو به ذڪر ڪري آيا آهيون. 1985ع کان ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو دور شروع ٿيو جنهن جي انتها 1990 ۾ ڏسڻ آئي جنهن ۾ نه رڳو سنڌين کي ماريو ويو پر ڪيترين ئي سنڌي عورتن کي بي آبرو ڪيو، ٿڻ وڍيا ويا، انهن جي ڇاٿين ۽ سٿرن تي گرم لوهه سان ايم ڪيو ايم جون مهرون هنيون. نوجوانن جا جسم ڊرل مشينن سان پروڻ ڪيا ويا. 1985ع کان 1990ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 40 جي لڳ ڀڳ سنڌي ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا، تاريخ ٻڌائي ٿي تہ صرف حيدرآباد اڍائي هزار سنڌي ڪٽنب گهر گهاٽ ڇڏي ڀڳا. پڪي قلعي کان عامل ڪالوني تائين 63 پاڙن مان هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرايا ويا. 1972ع کان 1990ع تائين يعني ٻولي وارن فسادن کان وٺي 1990ع تائين سنڌين جا دوڪان ۽ ڪاروبار سراسري طور تي چار ڀيرا سڙيا ۽ ڦريا ويا ۽ 200 سنڌين جو ڪاروبار مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. 1985ع کان 1990 تائين سنڌ ۾ ٿيل فسادن جو انگ سئو کان مٿي آهي. جن ۾ 25 فساد ايم ڪيو ايم طرفان سنڌين پنجابين ۽ پٺاڻن سان ڪيا ويا. ڊسمبر 1988ع کان وٺي آگسٽ 1990ع تائين ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان ٽڪرا ۾ اچي 12 خوني فساد ڪرايا جن ۾ 6 اپريل 1989 تي حيدرآباد ۾ 22 ماڻهو ماريا ويا، 7 فيبروري 1990ع تي ڪراچي ۾ ٿيل فساد ۾ 72 ماڻهو ماريا ويا 14 کان 28 مئي 1990ع تائين حيدرآباد ۾ 81 ماڻهو ماريا ويا. ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 مئي 1990ع تي 56 ماڻهو قتل ڪيا ويا. 29 مئي کان پهرين جون 1990ع تائين وڌيڪ 116 ماڻهو قتل ڪيا ويا. حيدرآباد انتظاميا جو سرڪاري رڪارڊ ٻڌائي ٿو، انهي عرصي ۾ ڦرلٽ ۽ نقصان جون 3239 رپورٽس داخل ٿيون جن مان رڳو سٽي ٿاڻي تي 1692 رپورٽس داخل ٿيون. مارڪيٽ ٿاڻي تي 202، لطيف آباد ٿاڻي تي 1340 ۽ ڇانوڻي ٿاڻي تي 73 ايف آئي آرس داخل ٿيون. واضح رهي ته اهي رپورٽس 14 مئي کان 24 مئي 1990ع تائين داخل ٿيون. ڪراچي ۾ پي ايس ايف جي نوجوانن کي هٿ پير ٻڌي زنده ساڙيو ويو. قتل ڪيو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. اغوا ٿيلن کي بعد ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر 5 ڪراچي ۾ واپس ڪيو ويو.

تاريخ ٻڌائي ته 8 آگسٽ 1986ع تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريون عام جلسو منعقد ٿيو. جنهن پهريون ڀيرو اسلحي جي ڀرپور نمائش ڪئي ويئي ۽ پنجابين ۽ پٺاڻن خلاف زهر اوڳاڇيو ويو. ايم ڪيو ايم ٻيو جلسو حيدرآباد ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو 31 آڪٽوبر 1986ع تي ڪراچي کان ايم ڪيو ايم جو قافلو ڪراچي کان حيدرآباد لا روانو ٿيو ۽ بنپهرن جو ساڍي ٻارهين وڳي سهراب ڳوٺ وٽ قافلي تي حملو ٿيو جنهن ۾ مهاجر پٺاڻ فساد شروع ٿيا ۽ صرف هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو 16 ڊسمبر 1986ع تي اورنگي جي علائقي علي ڳڙهه ڪالوني ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهڙي تہ رت جي هولي کيڏي ويئي جو عورتن ۽ بارن سميت 156 ماڻهن کي انتهائي بي دردي ۽ سفاڪي سان قتل ڪيو ويو.

23 جنوري 1987ع تي الطاف حسين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻي ڏينهن ڪراچي جي گهٽين ۾ هينڊبل ورهايا ”مهاجرو، ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻو- ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تنهن کانپو ايم ڪيو ايم جو ٽڪرا هڪ تنظيم ”پي پي آئي“ پنجابي پختون اتحاد سان ٿيو ۽ ڪراچي لساني فسادن جي ور چڙهي ويو ۽ خرچ پورو ڪرڻ لا ايم ڪيو ايم ڀتو وٺڻ ۽ ڀنگ لا اغوا جو سلسلو شروع ڪيو. ڀتي واري معاملي تي پي پي آئي ۽ پيپلز پارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم پي ايس ايف سان ٽڪرا روز جو معمول هو. پي پي آئي جو واحد رڪن سنڌ اسيمبلي عرفان الله مروت، ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان جو ڄاٽو هو. ايم ڪيو ايم طرفان هٿيارن جي خريد ڪرڻ ۽ ورهائڻ، ٽارچر سيلن جو قيام ۽ نجي جيل قائم ڪرڻ جهڙا عمل زور تي هئا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment