شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

ڪھاڻي جو آرٽ ضروري آھي يا فڪر جي پختگي


شام 02 لڳي 31 منٽ -خميس 24 جنوري 2019  225 
image-1

گذريل ڪجھ عرصي کان مون اھو موقف رکيو آھي تھ ڪھاڻي يا ناول لکڻ لاءِ سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي تھ ليکڪ وٽ ڪھاڻي يا ناول لکڻ جو مڪمل آرٽ (فن) ھجڻ ضروري آھي. پر منھنجي ان موقف جي ڪجھ دوست بنا ڪنھن وجھ جي مخالفت ڪندي چون ٿا تھ ڪھاڻي ۾ فڪر جي پختگي ھجڻ ضروري آھي، آرٽ (فن) پوءِ ٿو اچي. پر مان ان ڳالھ تي قائم آھيان تھ اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ڪنھن بھ ڪھاڻي يا ناول لاءِ بنيادي جوزو آھي. مان اھو بھ موقف رکان ٿو تھ جيئن تھ ادب ڪو عقيدو نھ آھي ان ڪري فڪر جي پختگي ھجڻ ضروري نھ آھي.

جيڪڏھن ائين ھجي ھا تھ روميو اينڊ جيوليٽ، جيڪا ھڪ عام رواجي عشق جي داستان آھي ان کي دنيا جو شھڪار نھ سمجھيو وڃي ھا. اھڙي ريت سنڌي ۾ جيڪو ناول اڄ بھ وڌ کان وڌ وڪامجي ٿو اھو ”رھجي ويل منظر آھي“ جيڪو پڻ ھڪ پريم ڪھاڻي آھي، ان ۾ تھ ڪٿي بھ ڪنھن فڪر جي پوءِ ڀلي اھو مذھبي ھجي يا سياسي ان جي ڳالھ نھ ڪئي وئي آھي.

اھڙي ريت ٻيو بھ ڪيترو ئي ادب آھي جيڪو ڪنھن خاص فڪر بدران سماجي مسئلن تي لکيو ويو آھي، اھڙا مسئلا جيڪي اسان سڀني جا آھن ۽ جيڪي ڪنھن ھڪ خاص مذھبي يا سياسي فڪر سان ڪوبھ واسطو نٿا رکن. 

جيڪڏھن مون کان پڇيو وڃي تھ ادب ڇا آھي؟ ھن سوال جو جواب مان ٻن سادن جملن ۾ ڏئي سگھان ٿو:

(1) Literature doesn't mean to convince people on what you believe (ادب جو مطلب اھو نھ آھي تھ اوھان ماڻھن کي پنھنجي سوچ تي قائل ڪريو).

(2) Literature means to convey your thoughts to people (ادب جو مطلب اھو آھي تھ اوھان ماڻھن تائين پنھنجي سوچ پھچايو).

جيڪي دوست اھو ٿا چوان تھ فڪر جي پختگي آرٽ (فن) کان وڌيڪ اھم آھي تھ انھن دوستن کان مان ھڪ سوال ڪريان تھ ڀلا ٻڌائين ڪھاڻي ۽ مضمون ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ ڇو اسان ھڪ نثري لکڻي کي ڪھاڻي ٿا چئون ۽ ٻئي کي مضمون جو نالو ٿا ڏيون. جڏھن تھ ٻنھي ۾ فڪر جي پختگي آھي.

اھڙي ريت اھي دوست اھو بھ ٻڌائين تھ ڀلا نظم، غزل، بيت، وائي، گيت اھي شاعري جون الڳ صنفون ڪيئن آھن؟ جيڪڏھن انھن جو فن جدا جدا نھ آھي تھ؟

مان فن جي اھميت جي حوالي سان ڪجھ دليل ڏيان، اسان سڀني غالب فلم ڏٺي آھي، ان جي شروعات ۾ ھڪڙو جملو ايندو آھي:

”ھين اور بھي دنيا مين سوکھنور بوھت اچھي، پر کھتي ھين غالب کا اندازِ بيان کچھ اور ھي.“

مون جڏھن جاپاني ناول نگار ھوراڪي موراڪامي جو ناول ڪافا آن شور ورتو، ان جي بيڪ ٽائيٽل تي دي انڊيپينڊنٽ جو ھي تبصرو ڏنل ھو: "Master story-teller"

اھڙي ريت دنيا جا ڪيترا ئي ناول نگار آھن جن جي فڪر جي پختگي کان وڌيڪ سندن ڪھاڻي جي فن جي ساراھ ڪئي ويندي آھي مثال طور: ڊين برائون، سڊني شيلڊن، ڪليو ڪسلر، لي چائيلڊ، جي ڪي رولينگ، نيڪولس اسپارڪ، ڪازو اشيگورا، اورھان پاموڪ ۽ ٻيا بھ ڪيترا ئي نالا آھن. انھن جي فڪر کان وڌيڪ سندن ڪھاڻي ٻڌائڻ جي فن جي ساراھ ڪئي ويندي آھي. مان اڃا بھ ان ڳالھ تي قائم آھيان تھ ڪھاڻي يا ناول لاءِ فڪر جي پختگي کان فن جي پختگي وڌيڪ ضروري آھي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment