Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف اڄ ڪارساز تي احتجاج ڪيو ويندو

19 - اڱارو - فيبروري - 2019ع تازه ترين

ترڪيء ۾ اسڪالرشپ جا موقعا


2019-01-23 14:09:57  369 

ڊاڪٽر ابو محمود

image-1

موجوده دور ۾ ترقي يافته ملڪن جي درميان ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ لاء هڪ قسم جي ڊوڙ لڳي پئي آهي ڇو جو ان سان کين ٻه وڏا فائدا حاصل ٿين تا هڪ ته ان سان سندن ثقافت ٻين ملڪن ۾ متعارف ٿئي ٿي ۽ ٻيو کين ورڪ فورس مهيا ٿئي ٿو جنهن کي هو بوقت ضرورت ڪم آڻي سگهن ٿا. ترڪي به ان ڊوڙ ۾ شامل آهي جيڪوهر سال پوري دنیا مان ۵۰۰۰ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ٿو. ترڪيء ۾ هن وقت تقريبا ۱۵۰ ملڪن جا ۱٦۰۰۰ شاگرد اسڪالرشپ تي تعليم پرائي رهيا آهن. پر سنڌي شاگردن جو ان طرف توجه گهٽ رهيو آهي . ترڪيء ۾ تعليم دوران مون کي ان ڳاله جو شدت سان احساس ٿيو ته اتي سنڌي شاگرد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا جڏهن ته ٻين صوبن جا شاگرد ڌڻن جي شڪل ۾ هوندا هئا. ترڪيء جي حڪومت طرفان هر سال جيان هن سال به اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن لاء آنلائن ايپليڪيشن جو سلسلو جاري آهي جنهن جي آخري تاريخ ۲۰ فيبروري آهي. هي مضمون لکڻ جو مقصد سنڌي نوجوانن جو توجه ترڪيء طرفان آفر ٿيندڙ اسڪالرشپس ڏانهن ڇڪائڻ آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ شاگرد اپلائي ڪري ان مان فائدو وٺن. هنن اسڪالرشپس جي متعلق بنيادي معلومات هيٺ ڏجي ٿي:

تعليمي قابليت ۽ عمر جي حد: هي اسڪالرشپس بيچلرز، ماسٽرس ، پي ايچ ڊي جي لاء آهن. هر ليول لاء گهربل قابليت ڪجه هن طرح آهي:

 بيچلرز لاء انٽرميڊييٽ. ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس ۽ فارميسيء لاء انٽرميڊييٽ ۾ نوي سيڪڙو مارڪون جڏهن ته باقي سڀني ڊسپلنس لاء ستر سيڪڙو مارڪون هجڻ لازمي آهن  بيچلرز جي اميدوار لاء عمر جي حد ۲۰ سال آهي.

 ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جي لاء گهربل مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن ۽ ماسٽرس جواميدوار ۳۰ سالن کان هيٺ هجي جڏهن ته پي ايچ ڊي جو اميدوار سالن کان گهٽ هجي. پي ايچ ڊي جي اميدوار کي ريسرچ پروپوزل به جمع ڪرائڻو آهي.

سبجيڪٽس:

هنن اسڪالرشپس لاء ڪنهن خاص فيلڊ کي ترجيح نه آهي بلڪه هر سبجيڪٽ جو شاگرد اپلائي ڪري سگهي ٿو.

ترڪيء ۾ تعليم عمومي طور تي ترڪي زبان ۾ ڏني وڃي ٿي پر جيڪڏهن توهان انگلش ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا ته ان لاء ضروري آهي ته توهان جو پروگرام ڪا يونيورسٽي انگلش ۾ آفر ڪندي هجي ۽ ان يونيورسٽيء طرفان جيڪڏهن آئلٽس يا ٽافل گهربل آهي ته اها توهان وٽ هجڻ گهرجي. هن ڀيري هنن هڪ بهترين ڪم اهو ڪيو آهي جو تمام يونيورسٽين طرفان آفر ڪيل پروگرام ۽ گهربل اهليت جي لسٽ ڏني آهي جنهن سان شاگرد کي يونيورسٽي جي چوائس ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.  اها لسٽ ڏسڻ لاء هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪيو:

https://turkiyeburslari.gov.tr/search/scholarshipsearch/

ان کان علاوه مين پيج تي پروگرام سرچ جو آپشن به ڏنل آهي، توهان پنهنجي مطلوبه پروگرام ۽ ليول لکي سرچ جي بٽڻ کي ڪلڪ ڪيو ته سڄو تفصيل توهان جي سامهون اچي ويندو ته اهو پروگرام ڪهڙيون يونيورسٽيون آفر ڪن ٿيون ۽ انهن جي ريڪئارمينٽس ڇا آهن.  

گهربل ڪاغذ:

متعلقه تعليمي اسناد (جيئن سرٽيفڪيٽس، مارڪ شيٽس وغيره) کان علاوه شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، هڪ عدد تصوير. انهن جون اسڪين ٿيل ڪاپيون آنلائن ايپليڪيشن سان اٽيچ ٿينديون ۽ اورجنل انٽرويو مهل ڏيکارڻا پوندا. آنلائن فارم ڀرڻ مهل قومي سڃاڻپ نمبر واري خاني ۾ پاسپورٽ جي ڪاپي، پر جي اهو ناهي ته شناختي ڪارڊ جي ڪاپي اٽيچ ٿيندي ۽ ڪوشش ڪري پاسپورٽ جلد از جلد ٺهرائي وٺجي.   

اپلائي ڪرڻ جو طريقو ۽ شيڊول:

اسڪالر شپ لاء ۱۵ جنوريء کان  ۲۰ فيبروريء تائين جو ٽائم آهي، ايپليڪيشن آنلائن آهي ۽ فري آف چارج آهي. آنلائن اپلائي ڪرڻ لاء هيٺين ويب سائٽ کي وزٽ ڪيو:

https://www.turkiyeburslari.gov.tr/

جيئن ئي ويب سائٽ کلي ته ساڄي پاسي کان بلڪل مٿي انگلش واري بٽڻ کي دٻايو ته ويب سائٽ انگلش ۾ کلي ايندي ۽ توهان جي لاء فارم ڀرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو پوندو جنهن لاء اي ميل ايڊريس هجڻ لازمي آهي. رجسٽر ٿيڻ جي رهنمائي يوٽيوب تي ڏنل آهي جنهن جو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو:

https://www.youtube.com/watch?v=p9jddX9nIhs

رجسٽر ٿيڻ واري عمل کان پوء يوزر نيم ۽ پاسورڊ ذريعي ويب سائٽ تي لاگ ان ٿي اپلائي جي بٽڻ کي ڪلڪ ڪيو ۽ ان کان پوء کاٻي پاسي ظاهر ٿيندڙ لسٽ ۾ معلومات وجهندا وڃو، گهربل ڊاڪيومينٽس اٽيچ ڪندا وڃو ۽ سيو ڪندا وڃو.

ايجوڪيشن انفارميشن واري خاني ۾ جٿي مڊل اسڪول (ortaokul) لکيل آهي اتي ميٽرڪ ۽ جٿي هاء اسڪول لکيل آهي اتي انٽرميڊييٽ جا انگ اکر لکو.

اڪيڊمڪ ڪواليفيڪيشن جو وري الڳ خانو آهي جنهن ۾ GRE, GAT, IELTS, TOEFL   وغیرہ جيڪڏهن آهن ته انهن جي انفارميشن درج ڪيو.

ايپليڪيشن سبمٽ ڪرڻ کان پوء اها پي ڊي ايف جي شڪل ۾ توهان جي اڪاؤنٽ ۾ محفوظ ٿي ويندي، ان کي پرنٽ ڪرڻ نه وسارجو ۽ انٽرويو مهل ٻين ڪاغذن سميت اها توهان سان ساڻ هجڻ گهرجي.

مرحلا:

هن ۾ صرف انٽرويو ٿيندو آهي ، ٽيسٽ وغيره نه ورتي ويندي آهي. آخري تاريخ گذرڻ کان پوء درخواستن جي جانچ پڙتال ڪري اميدوارن کي انٽرويو لاء شارٽ لسٽ ڪيو ويندو آهي. انٽرويو ۾ اڪيڊمڪ سوالن سان  گڏ ڪجه هن قسم جا سوال پڇيا ويندا آهن:

توهان ترڪيء ۾ ڇو پڙهڻ چاهيو ٿا؟

ٽرڪش اسڪالرشپ جي خبر توهان کي ڪٿان پئي؟

توهان جي خيال ۾ توهان ڊگري وٺي موٽندؤ ته توهان جي ملڪ کي يا ترڪيء کي ان مان ڇا فائدو ٿيندو؟

انٽرويو کان پهريون ڪاغذن جي چڪاس ٿيندي ان ڪري آنلائن سبمٽ ڪرايل سڀني ڊاڪيومينٽس جا اورجنل توهان سان ساڻ هجڻ ضروري آهن.

اميدوار جي تعليمي قابليت ۽ انٽرويو ۾ ڪارڪردگي جي روشنيء ۾ ان جي اهليت جو فيصلو هڪ ڪميٽي ڪندي آهي ۽ اميدوار کي آگاه ڪيو ويندو آهي.

شامل مراعات:

هن اسڪالرشپ ۾ هيٺيون مراعات شامل آهن:

۱- ٽيوشن في

۲- ماهوار وظيفو جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: بيچلرز جي شاگردن لاء ۷۰۰ ليرا، ماسٽرس جي شاگردن لاء ۹۵۰ ليرا، پي ايچ ڊي جي شاگردن لاء ۱۴۰۰ ليرا. هن وقت هڪ ليرو ۳۰ پاڪستاني رپين جي برابر آهي. ماهوار وظيفي جي مقدار ۾ ھر سال اضافو ڪیو ویندو آھي. تازو ترڪيء جي گورنمينٽ اعلان ڪيو آهي ته ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جا اهي شاگرد جيڪي شادي شده آهن ۽ فيمليء سان گڏ رهڻ چاهين ٿا ته ڪرائي جي مد ۾ سندن مالي سهائتا ڪئي ويندي.

۳- رهائش: شاگردن کي هاسٽلن ۾ رهايو ويندو آهي. هاسٽلن ۾ وائي فائي جي سهولت ڏني وئي آهي. هر هاسٽل ۾ ميس آهي جنهن ۾ ناشتو ۽ رات جي ماني رعايت سان ڏني ويندي آهي.

۴۔ هيلٿ انشورنس: هي سهولت ۲۰۱۴ کان شروع ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هر يونيورسٽي محدود مقدار ۾ ميڊيڪل جي سهولت ڏيندي هئي جڏهن ته هاڻي هر اسڪالرشپ هولڊر ترڪيء جي سرڪاري هيلٿ انشورنس ڪمپني سي گا ڪا وٽ انشورڊ هوندو آهي.

 ۵۔ هر شاگرد کي ٽرڪش لئنگويج جو ۱۲ مهينن جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي جنهن جو خرچو ٽرڪش گورنمينٽ برداشت ڪندي آهي.

6- رٽرن جي ٽڪيٽ

ان کان سواء ٽرانسپورٽ ۾ به شاگردن کي ڪافي رعايت ڏني ويندي آهي.

جڏهن ته يورپي يونين جي پروگرام اراسمس جي ذريعي هڪ یا ٻه سيميسٽر يورپ جي ڪنهن يونيورسٽيء ۾ پڙهڻ جو موقعو به آسانيء سان ملي سگهي ٿو.

هي اسڪالرشپس ڏينهون ڏينهن بهتر ٿينديون پيون وڃن مثال طور اڳي شاگرد ايئرپورٽ کان هاسٽل تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت پهچندو هئو پر هاڻي کين ريسيو ڪرڻ لاء متعلقه اداري جي ڊيسڪ ايئرپورٽ تي قائم ڪئي وڃي ٿي جٿي ويٺل نمائندا شاگرد کي ريسيو ڪن ٿا ۽ کيس سندس هاسٽل تائين پهچائين ٿا.

نون آيل شاگردن لاء تعارفي پروگرام رکيو وڃي ٿو جنهن ۾ کين ترڪيء ۽ اتان جي ڪلچر جي حوالي سان بريف ڪيو وڃي ٿو. شاگردن کي بينڪ اڪاؤنٽ کولرائڻ، هيلٿ انشورنس جي طريقه ڪار کان وٺي يونيورسٽيء ۾ داخلا تائين هر قدم تي رهنمائي ڪئي وڃي ٿي.

ترڪيء ۾ نوڪريء جا به ڪافي موقعا آهن خاص ڪري جڏهن توهان ترڪيء جي ڪنهن يونيورسٽيء مان فارغ التحصيل هجو.

 ترڪيء ۾ پنج سال رهڻ ۽ ان اسڪالرشپ مان فائدو وٺندڙ جي حيثيت سان ۽ ٽرڪش گورنمينٽ جي طرفان ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏيڻ واري ڪوششن کي ڏسندي مان سنڌي نوجوانن کي اها صلاح ڏيندس ته اهي هن اسڪالرشپ لاء وڌ کان وڌ اپلاء ڪن.

bhuttosaifullah@quest.edu.pk

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment