Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


مخالف ڌر جماعتون حڪومت خلاف متحد، گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق

17 - - جنوري - 2019ع تازه ترين

برطانيا!پئسا موٽائي ڏي


2019-01-06 07:50:19  50 

شبير نظاماڻي

image-1

چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ انگريزن جي فوج مياڻي وٽ ميرن (سنڌين/بلوچن) جي فوج کي 17 فيبروري 1843ع تي شڪست ڏني. ان فتح سان سنڌ تي انگريزن جو قبضو مڪمل نه ٿيو هو، ڇو ته ميرن کي اڃا مڪمل شڪست نه ملي هئي. مياڻي واري جنگ جو جيڪو احوال اي ڊبليو هيوز سنڌ گزيٽيئر ۾ ڏنو آهي، سو چارلس نيپيئر جي جنگ بابت سرڪاري رپورٽ تي ٻڌل آهي، ان ڪري پاڻ ان کي مياڻي جي جنگ بابت برطانيه جو سرڪاري دستاويز پڻ سمجهي سگهون ٿا. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ميرن جي فوج جو تعداد 22 هزار هو ۽ انهن وٽ 15 توپون پڻ هيون. انگريزن جي فوج جو تعداد 28 سئو ڄاڻايو ويو آهي. انگريزن جي فوج وٽ 12 توپون ڄاڻايون ويون آهن. جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست ملي. ٻي جنگ 24 مارچ 1843ع تي ڦليلي ڀرسان دوآٻي وٽ ناريجا ڳوٺ لڳ وڙهي وئي. ان جنگ ۾ ميرن جي فوج جو سپهه سالار مير شير محمد هو، جيڪو فوجي شڪست کان پوءِ ڀڄي ويو.

فائيل فوتو

پاڻ هتي انگريزن هٿان ميرن جي فوج جي شڪست جي سبب تي ڪونه پيا ڳالهايون ۽ نه ئي انهن جنگين جا تفصيل بيان ڪرڻ پنهنجو مقصد آهي. پر تڏهن به پاڻ کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته انگريز مارچ 1843ع تي سنڌ تي قبضي کان 85 سال اڳ ميرن جي سنڌ تي حڪمراني کان به پهرين غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت دوران سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا هئا. غلام شاهه ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 1758ع ۾ ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي (آفيس) قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني، جيڪا پو غلام شاهه جي پٽ سرفراز خان ڪنهن سبب جي ڪري 1775ع ۾ بند ڪري ڇڏي. انگريزن سنڌ سان لاڳاپن جو اهو سلسلو ٻيهر 1799ع ۾ ميرن جي حڪمراني ۾ جوڙڻ جي ڪوشس ڪئي، جڏهن بامبي (ممبئي) جي سول سروس جي هڪڙي ڪارندي ناٿن ڪرو کي سنڌ ۾ تجارتي ۽ سياسي مفادن جي بحالي لا موڪليو ويو. برطانيا جي ان نمائندي ٺٽي، شاهه بندر ۽ ڪراچي کي پنهنجو مسڪن بڻايو. پر اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ۽ ميرن برطانوي نمائندي کي تڙي سنڌ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کان پو وري جيڪو رابطو ٿيو، تنهن جو مقصد اسٽريٽجڪ وڌيڪ هو، جو سنڌ ۽ برطانوي سرڪار 1809ع ۾ جيڪو معاهدو ڪيو، سو سنڌ ۾ فرانس کي رهڻ کان روڪڻ لاءِ هو. ان کان پو 1832ع ۽ 1835ع واريون ڪرنل پوٽينجر جون مشهور مهمون آهن، جن جو بظاهر مقصد واپاري رعايتون وٺڻ هو، پر انهن جو بنيادي مقصد سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن ۽ آسپاس رهندڙ ماڻهن جي سروي ۽ انهن سان ڳجها لاڳاپا رکڻ هو، ڇو ته انگريزن کي ان وقت تائين سنڌو درياهه جي مڪمل ڄاڻ نه هئي. ان کان اڳ ليفٽيننٽ برنس 1832ع ۾ سنڌو درياهه مان انگريز بادشاهه طرفان لاهور جي راجا رنجيت سنگهه لاءِ  ڪجهه سوکڙيون کڻي لنگهيو هو، جنهن جي پڻ باقاعدي اجازت ورتي وئي هئي. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ ان وقت تائين جيڪي به معاهدا ٿيا، انهن ۾ هڪڙو بنيادي نقطو شامل هوندو هو ته انگريز فوجي سنڌ ۾ نه رهندا ۽ نه ئي انگريز سرڪار/ڪمپني فوجي مهمن لاءِ سنڌو درياهه جو استعمال ڪندي. تاريخ جا ڪتاب ٻڌائين ٿا ته 1838ع ۾ ڪابل/افغان مهم لاءِ  انگريز سرڪار هندوستان مان فوجي جٿا ان پاسي موڪلڻ لا سنڌو درياهه جي رستي جي چونڊ ڪئي. ان مهم جي صرف پنجن سالن اندر انگريز سنڌ تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ڪنهن به ملڪ، علائقي تي قبضي جو مقصد ان ملڪ، علائقي جي معاشي ڦرلٽ هوندو آهي. ان کانسواءِ ڪنهن علائقي تي قبضي، والار جو ٻيو ڪوبه مقصد نه هوندو آهي.

فائيل فوٽو

 انگريزن 1843ع کان 1947ع تائين سنڌ مان ڪيتري ڦرلٽ ڪئي، ان جا مڪمل انگ اکر مون وٽ ناهن. اهي ڪٿي نه ڪٿي موجود ٿي سگهن ٿا. پر حيدرآباد تي قبضي کان پوءِ انگريزن کي جيڪا ملڪيت ملي، ان جا ڪجهه انگ اکر موجود آهن. چارلس نيپيئر مياڻي جي جنگ کان پوءِ سرڪار کي لکيل رپورٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته جنگ کان پوءِ  حيدرآباد ۽ خيرپور جا مکيه مير غير مشروط طور جنگي باندي طور پيش پيا ۽ حيدرآباد جي قلعي تي قبضو ڪيو ويو، جنهن سان گڏ ميرن جو خزانو قبضي ۾ ورتو ويو، جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 10 لک پائوند اسٽرلنگ آهي. ياد رکو ته اهو سال 1843ع آهي. پاڻ 2019ع ۾ هي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. وچ ۾ 176 سال گذري ويا آهن. سنڌ تي انگريزن قبضو ڪرڻ کان پو ان کي 1847ع ۾ بامبي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو. 1936ع ۾ ان جي صوبائي/رياستي حيثيت بحال ڪئي وئي. 1936ع کان اڳ سنڌ جو ڪو آفيشل/ سرڪاري الڳ آواز نه هو، جو ان جي ڪا صوبائي/رياستي حيثيت ئي نه هئي. پر 1936ع کي پڻ اڄ 83 سال گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ سنڌ طرفان ڪنهن به سرڪار برطانوي سرڪار سان ان مسئلي تي ڪنهن به قسم جي ڪا لکپڙهه نه ڪئي آهي، ته توهان جو سنڌ تي حملو ۽ قبضو ڪنهن به قانوني اختياري جي ماتحت نه هو، ان ڪري 1843ع کان وٺي 1936ع تائين سنڌ جي وسيلن جي جيڪا به ڦرلٽ ڪئي وئي، ان جو مڪمل حساب ڪتاب ڏنو وڃي.

ٻي خبر ناهي، پر 10 لک پائونڊ اسٽرلنگ جي ڦر جو چارلس نيپيئر پاڻ پنهنجي سرڪاري رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي. دوست ان رقم جو اڄوڪي دور ۾ اندازو لڳائين ته اها ڪيتري بيهندي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي سرڪاري طور تي برطانيا جي سرڪار سان اها لکپڙهه ڪرڻ گهرجي ته سنڌ تي قبضي دوران برطانيا سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڦرلٽ ڪئي، ان جو درست ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هڪڙي گڏيل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ ۽ برطانيا جا معاشي ماهر شامل هجن. اها ڪميشن جيتري به رقم تي اتفاق ڪري، اسان کي برطانيا جي حڪومت اها رقم موٽائي ڏي. ان پئسي تي سنڌ جي ماڻهن جو تاريخي حق آهي. اسان هن وقت تائين پنهنجي ان حق تي نه ڳالهايو آهي، پر هاڻي ڳالهائڻ گهرجي. اهو ڪم سنڌ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انگريزي فوج 1843ع ۾ سنڌ جي اقتدار اعلى تي زوري جبر ذريعي قبضو ڪيو هو. سنڌ جو اقتدار هن وقت سنڌ حڪومت جي حوالي آهي. ان ڪري مناسب اهو ٿيندو ته سنڌ حڪومت اهو مقدمو پاڻ تيار ڪري ۽ سنڌ ۾ موجود برطانوي نمائندي سان هن اهم ترين معاملي تي لکپڙهه ڪري. ان کانسواءِ برطانوي حڪومت سان پڻ لهه وچڙ ۾ اچڻ کپي.

هي ڳالهه هن کان اڳ ناهي ٿي، ان ڪري عجيب لڳندي. پر هي پنهنجو تاريخي حق آهي ته پاڻ پنهنجي وسيلن جي ڦرلٽ جو مڪمل ادراڪ رکون ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جن 10 لک پائوند اسٽرلنگ جو چارلس نيپيئر ذڪر ڪيو آهي، سي ميرن جا پنهنجا نه هئا، اهي به ان وقت جي عوام جا هئا، جن کان محصول ۽ ٻي ڦرلٽ جي صورت ۾ ورتا ويا هئا. سو، ڳالهه اها آهي ته سنڌ سرڪار برطانيا جي حڪومت سان باقاعدي لکپڙهه ڪري، پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايئن نٿي ڪري ته هن مضمون کي ئي ان لکپڙهه جو بنياد سمجهيو وڃي ۽ پاڻ مان جيڪي اها لکپڙهه ڪري سگهن ٿا، سي سنڌ تي برطانيا جي ناحق، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي دوران سنڌ جي دولت جي ڦرلٽ جو ڪيس تيار ڪن ۽ ان کي دنيا جي هر فورم تي پيش ڪن. 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment