شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

جنسي ڇڙواڳي ۽ قومن جي زوال جو اولڙو


صبح 09 لڳي 51 منٽ -خميس 20 ڊسمبر 2018  170 
image-1

 

   قديم مفڪر ”من سي اس“ جو قول آهي ته؛ ”انسان جون بنيادي خواهشون ٻه ئي آهن. هڪ عورت ٻي خوارڪ.“ ڇو ته هي ٻئي انساني زندگي ۾ لذت ۽ مسرت جو سبب آهن. ايئن ئي هڪ چيني فلاسافر يانگ چوڪا جو چوڻ آهي ته ”انساني زندگي بيحد ڏک ڀري آهي، تنهنڪري انسان جي زندگي جو مقصد صرف لذت حاصل ڪرڻ ئي هجڻ گهرجي.“ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهو دنيا جي مسرتن ۽ لذتن پٺيان ڊوڙي رهيو آهي. اهڙي سماج ۾ هڪڙو خاص طبقو ٻنهي شين کي آساني سان حاصل ڪيو ويٺو آهي، جڏهن ته ٻيو نه رڳي محروم رهندو پيو اچي بلڪه پنهنجو سڪون آرام ڦٽايو ويٺو آهي، ايتري قدر جو غريب طبقو ته پنهنجي عصمت به پائمال ڪرائيندو ٿو رهي.

 مرد توڙي عورت لاءِ جنسي لذت وڏي اهميت واري رهي آهي. انهي سلسلي ۾ صدين کان ڪڏهن مرد جي جنسي خواهشن ته ڪڏهن وري عقيدن جي آڙ ۾  عورت جي عصمت پائمال ٿيندي رهي آهي، جنهن جو مفصل احوال ڪيترن ئي تاريخدانن لکيو آهي.

  پر، محترم اختر علي ڪالس هڪ ڪتاب ”جنسي بي راهه روي ۽ قومن جو زوال“ لکيو آهي، هي ڪتاب پنهنجي موضوع تي لکيل هڪ مختصر ڪتاب آهي، جنهن جو هڪ حصو دورِ قديم جي سلطنتن مصر، ايران، عراق، يونان ۽ ٻين جي جنسي تاريخ تي لکيو ويو آهي. هن حصي ۾ مرد انتهائي ظالم جابر، بيحس ۽ عياش آهي. جڏهن ته ڪن ڪن سلطنتن ۽ دورن ۾ عورت پڻ پنهنجي عقيدي جي بنياد تي يا شخصي آزادي جي ڪري مرد کان گوءِ کڻي وئي آهي.

  قديم دورن ۾ شهنشاهن جي محلن ۾ ته عورتن جي عصمت پائمال ٿيندي رهي هئي پر عبادتگاهن ۾ پڻ اهڙو عمل زور شور سان جاري رهيو هو. حمام، قحبه خانه ۽ کليل آسمان هيٺ فصل نه ٿيڻ يا برسات نه وسڻ ڪري رشتن جي پرک کانسواءِ جنسي عمل ڪيا ويندا هئا. هتي عورتن جي عصمت جي پائمالي تي گڏيل طور ٻه ٽي ڳالهيون لکي رهيو آهيان.

 قديم مصر ۾ جڏهن ڪو سرنديءَ وارو يا چڱو مرندو هو ته ان وقت ڪيترين ئي عورتن کي قتل ڪري ساڻس هڪ ئي قبر ۾ دفنايو ويندو هو، انهيءَ غرض سان ته جيئن جيئري انهن سهڻين عورتن جو خدمتون حاصل ڪيون پئي ويون، تيئن ئي مئي پڄاڻ اهي عورتون پڻ سندس خدمت ڪنديون رهن.

 قديم مصري پنهنجي ديوتائن کي انسان جيئن سمجهندا هئا، سندن عقيدو هوندو هو سندن معبود به انسانن جيئن ازدواجي زندگي مان لطف وٺندا هئا، سو هُو هر رات هڪ عورت اگهاڙي ڪري مندر ۾ اونڌي لٽڪائي ايندا هئا، ته جيئن رات جو ڪنهن به وقت ديوتا ايندو ۽ اچي انهي عورت سان جنسي عمل ڪندو.

مصري عورتن ۾ هيءُ عقيدو هو ته ديوتا يا ان جي نائب جي مورتيءَ جو ڇهاءُ سبب رحمت آهي، جڏهن ته ان ڪم جي لاءِ مندر جي اندر هڪ ٻڪر پاليو ويندو هو، جنهن کي ”پان“ ديوتا جو نالو ڏنو ويو هو. عقيدت مند عورتون ان ٻڪر جي خوب خدمت ڪنديون هيون، پوڄارين کي تحفا پيش ڪري، پوءِ بلڪل اگهاڙيون ٿي ان ٻڪر جي اڳيان پاڻ کي چوپائي جي حالت ۾ پيش ڪنديون هيون.

 قديم ايراني ماڻهن ۾ هي هڪ عام رواج هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنگ روزگار آهي ته سندس دوست يا عزيز پنهنجي زال ان کي انهي غرض سان ڏيندو هو ته هُو ان کان جنسي ڪاروبار ڪرائي آسودو ٿي زندگي گذاري.

سيد ابو الحسن ندوي لکي ٿو ته”ان وقت روم اخلاق جي ڪريل کان ڪريل سطح تي پهچي چڪو هو.“ رومين ۾ پرياپس ديوتا خوشحالي ۽ شادابي جيڪو ديوتا تصور ڪيو ويندو هو، ڪنواريون ۽ سنڍ عورتون هن ديوتا جي خاص عضوي تي ايئن چڙهي ويهنديون هيون جيئن گهوڙي تي چڙهي ويهبو آهي. بقول نياز فتح پوري ته رومي عورتون پرياپس ديوتا جي پوڄا وڏي فحش انداز سان ڪنديون هيون.

 قديم يونان ۾ پڻ جنسي ڪاروبار عام جام هو، طوائفون مندر ۾ رهنديون هيون ۽ پوڄاري انهن سان مفت ۾ جنسي ميلاپ ڪندا رهندا هئا، ڄڻ مذهب انهن کي اهڙو لائسنس ڏنو هجي. جڏهن يوناني مردن عورتن کان منهن موڙڻ شروع ڪيو ۽ جوان ڇوڪرن ڏانهن لاڙو رکيائون ته ان وقت يوناني عورتن ۾ پڻ هم جنس پرستي جو لاڙو وڌڻ لڳو.

 قديم چين جي عام ماڻهن بابت ڪتاب ۾ ڪا خاص ڳالهه لکيل ناهي، جڏهن ته شهنشاهن جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته گهڻي عياشي ڪندڙ هئا ۽ سندن مرڻ تي سهڻيون ڪنيزون قتل ڪري سندن مقبري ۾ دفنايون وينديون هيون، جڏهن ته راڻين بابت لکيل آهي ته؛ گهڻي عياشي ڪندڙ هيون مثال طور،  راڻي تاڪي جي عياشي جو عالم هي هو ته هر رات سندس محفل ۾ عورت ۽ مرد اگهاڙا ٿي نچندا هئا ۽ پوءِ جوڙا هڪٻئي جي هنجن ۾ ويهندا رهندا هئا.

ڪتاب جو ٻيو حصو دورِ جديد جي ملڪن ۾ جنسي بي راهه روي تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ امريڪا، فرانس، جرمني، جاپان، ٿائيلينڊ، عرب ملڪ ۽ ٻين تي بيحد مختصر لکيو ويو آهي.

 ڪتاب جي هن حصي ۾ هنن ڄاڻايل ملڪن جي ماڻهن تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي آهي. جڏهن ته چڪلن، ڪلبن، مساج سينٽر ۽ ٻين جنسي اڏن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. اختر علي لکي ٿو ته ” هڪ موجوده سروي موجب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جا 76 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بنا شاديءَ جي جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي حق ۾ آهن. جڏهن ته يورپ ۾ 90 سيڪڙو ڇوڪريون شادي کان اڳ پنهنجي عصمت داغدار ڪري ويهنديون آهن. حقيقت اها آهي ته قديم دور ۾ عصمت ۽ پاڪدامني جي ڪا اهميت نه هئي جيڪو حال اسان اڄ به ڏسي رهيا آهيون.

 يورپ ۾ ڪجهه اهڙا به ريسٽورنٽس آهن جن ۾ بلڪل اگهاڙو ٿي ماني کاڌي ويندي آهي جڏهن ته ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ وري کاڌو جنسي عضون جي شڪل ۾ ٺهيل ملندو آهي.

ڪتاب جو ٽيون حصو پاڪستان ۾ جنسيت تي لکيو ويو آهي. هي حصو بيحد گهڻي ريسرچ ۽ پُراسرار واقعن سان ڀريل آهي، جيستائين اسلامي جمهوري سماج جي عصمت جي پائمالي جو حال آهي ته تقريبنََ سموري قوم ان مرض ۾ وٺجي چڪي آهي.

  ليکڪ، پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کي ان جو اهم سبب بڻايو آهي جڏهن ته وڌيڪ لکيو آهي ته، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، ٿيٽرن ۽ ٻين اهڙن سرڪاري ۽ نجي سرڪاري ادارن ۾ پڻ عورت جي عصمت پائمال ٿي رهي آهي.

  آخر ۾ ليکڪ جنسي بي راهه روي جا اهم سبب ۽ حل ٻڌائي هڪ جامع بحث سان ان نتيجي تي پهتو آهي ته جن جن قومن ۾ جنسي بي راهه روي ۽ عصمتن جي پائمالي ٿيندي رهي اهي معاشي، سماجي ۽ اخلاقي حوالي سان تباهه ٿينديون نيٺ هڪ ڏينهن مڪمل نيست ۽ نابود ٿي ويون.

 

mujeebotho@yahoo.com

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment