Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

اي_لائيف


2018-11-26 08:14:28  94 

محمد صديق سومرو

image-1

ايڪيهين صدي جي شروعات کان ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي نه فقط اسان جي روزانو جي زندگي ۾ داخل ٿي آهي پر ان اسان کي هڪ وڏي پئماني تي اهي به فائدا پهچايا آهن، جيڪي گذريل وقت ۾ تصور کان بنھن ٻاھر هئا. انسان پنهنجي وقت جو تمام گھڻو حصو سائنسي شين جي استعمال ۾ گذاري ٿو ڇا ڪاڻ ته اڄڪلهه هر شئي اليڪٽرانڪ بڻجي چڪي آهي، جيئن اليڪٽرانڪ ميل، اليڪٽرانڪ سگريٽ، اي بُڪ، اي_نيوز پيپر، اي_مارڪيٽنگ ۽ اي_ڪامرس وغيره. حقيقت ۾ اسان جي زندگي ئي اليڪٽرانڪ شين جي چوڌاري گھمڻ لڳي آهي.

هڪ پاسي ڏسجي ته شين ۾ جّدت اچڻ ۽ سندن اليڪٽرانڪ بڻجڻ سبب انساني زندگي تمام گھڻن طريقن سان سولي ۽ آسان بڻجي چڪي آهي. جيئن گذريل وقت ۾ ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم هوندو هو پر هاڻ اهو ئي ڪم اوهان جي آڱرين جي اشاري تي ٿي سگھي ٿو. تھ ٻي پاسي وري شيِن جي اليڪٽرانڪ ٿيڻ سان انساني زندگي تي ڪجھ ناڪاري اثر به پيا آهن ۽ انهن ايجادن انسان جي احساسن، جذبن، رشتن ۽ لاڳاپن کي سڌو سنئون نشانو بڻايو آهي.

صدين کان پوسٽ آفيسون، تارَ، خط، سامان ۽ ٽيليگرام موڪلڻ سان گڏوگڏ بئنڪ طور به استعمال ٿينديون رهيون آهن، پر اڄ جي دور ۾ انهن ڪمن کي ملڪي سطح تي ڪم ڪندڙ رقم ۽ سامان پهچائيندڙ ايجنسين (Courier Provider Services) پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. نئين نظام موجب ڪو به ماڻهو تمام سولائي سان ۽ انتھائي گھٽ وقت ۾ رقم اماڻي يا گھرائي سگھي ٿو. ايترين سولائين جي هوندي به اهو طريقو انسان کي اها خوشي نٿو پهچائي سگھي جيڪا ڪنهن زماني ۾ مائٽن پاران موڪليل رقم کڻي ايندڙ پوسٽ مين جو انتظار ڪرڻ ۾ ملندي هئي. جنهن رقم جي ملڻ سان پوري خاندان ۾ خوشي جي هڪ انمول لهر پيدا ٿي ويندي هئي.

اڄڪلهه اسان پنهنجن پيارن دوستن يا مٽن مائٽن کي عيد يا ٻئي ڪنهن خوشي جي موقعي تي صرف هڪ موبائل پيغام جي ذريعي مبارڪباد ڏئي جان آجي ڪرائي ويندا آهيون. اصل ۾ اسان اهي مبارڪ جا نياپا سولائي سان پهچڻ جي ڪري هر ڪنهن ڏانهن اماڻي ڇڏيون ٿا جنهن سان اسان جا ڪنهن هڪ خاص ماڻهو لاءِ احساس ۽ جذبا ڄڻ ته مري چڪا آهن. ماضي ۾ اسان پنهنجي وقت جو هڪ چڱو حصو پنهنجن پيارن لاءِ ڪارڊ وٺڻ ۾ گذاريندا هئاسين پوءِ کڻي اهو عيد ڪارڊ هجي يا جنم ڏينهن جي مبارڪ جو ڪارڊ. انهي سان گڏ اسان پاڻ به چنڊ جي رات تائين عيد ڪارڊ جو انتظار ڪندا هئاسين. حقيقت ۾ اهو سمورو عمل وقت کپائيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ ضرور هوندو هو پر ان عمل سان ملندڙ خوشي، جذبن ۽ احساسن جي کوٽ کي اڄ جون ٽيڪنالاجي واريون شيون نٿيون پورو ڪري سگھن. 

اڄ جي دور ۾ روايتي سگريٽ کي اي_سگريٽ پوئتي ڌڪي رهيو آهي، پر ان جي باوجود به روايتي سگريٽ ۾ ڪجھ خاصيتون اهڙيون آهن جيڪي هن کي اي سگريٽ کان مختلف بڻائين ٿيون. جيئن اڄڪلهه ماڻهو پنهنجي اي_سگريٽ ۾ ٻئي ڪنهن کي حصيدار بڻائڻ ۾ ڪا به رنڊڪ محسوس نٿو ڪري. هو ڪنهن به وقت پنهنجي اي_سگريٽ جا ڪش ته هڻي سگھي ٿو پر کيس اهو مزو يا خوشي حاصل نه ٿيندي جيڪا هٿ ۾ سگريٽ کڻي ماچس يا لائٽر ڳولهڻ ۾ ملندي هئي. انهي سان گڏ سفر جي دوران به پنهنجي پسند جو سگريٽ ڳولهڻ ۽ حاصل ڪرڻ به هڪ انمول تجربو هوندو آهي. اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جن جي ڪري هر سگريٽ واپرائيندڙ ماڻهو اي_سگريٽ سان تمام گھٽ مطمئن ٿيندو آهي.

پرڏيهي ميڊيا تائين رسائي جيتري اڄڪلهه آسان آهي اوتري پهريان ڪڏهن به ناهي رهي. اڄ هر ماڻهو دنيا جي هر اخبار پڙهي سگھي ٿو پوءِ کڻي هو دنيا جي ڪهڙي به حصي ۾ ڇپجندي هجي، پر صبح مهل اخباري هاڪر جو انتظار ڪرڻ، سياري ۾ اس جو مزو وٺندي اخبار پڙهڻ يا وري ڪنهن ٻئي ماڻهو کان اخبار جا پنا وٺي پڙهڻ ڪجھ اهڙا مزيدار احساس آهن جن کي اڄڪلهه جا هي اي_نيوز پيپر ڪنھن به پڙھندڙ کي نٿا ڏئي سگھن.

ڪو دور هو جڏهن ڪتاب پڙهندڙ ماڻهو تمام گھڻي چاهه سان ڪتابن جي ڳولها ڪندا هئا ڇو ته ڪنهن ناياب ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هو. ان سبب ليکڪن ۽ محققن کي پنهنجي ڪم جا ڪتاب هٿ ڪرڻ ۾ به تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون. پر هاڻ ته ڪنھن به ڪتاب جي سافٽ ڪاپي تمام آساني سان آڱرين جي اشاري تي انٽرنيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڪو به ماڻهو پنهنجي سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ ۾ ئي لائبريري ٺاهي سگھي ٿو.

تنھن ھوندي به هڪ اي_بڪ مان پڙهندڙ کي نه ته نئين ڪتاب جي پنن جي خوشبو اچي ٿي سگھي نه ئي وري پڙهندڙ ان ڪتاب جي مالڪي جو دعويٰ ٿو ڪري سگھي. وڌيڪ ته هڪ ايِ_بُڪ نه وري ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي سگھبو آهي نه وري ڪنهن کان وٺي ٿو سگھجي. پڙهڻ سان چاهه رکندڙ انسان جو پنھنجن ڪتابن سان ھڪ لاڳاپو قائم ٿي ويندو آھي جيڪو اِي_بڪ سان قائم ٿيڻ ممڪن ڪونھي. ڦرھندڙ اي_بڪ کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائي سمهي به نٿو سگھي ۽ جڏهن سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ هٿن مان ڪري پوڻ تي مالڪ کي ڪتاب کان وڌيڪ ان سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ جي ڳڻتي هوندي آهي. سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي ته سوکڙي طور مليل گُل اي بڪ ۾ به نٿو رکي سگھجي. 

جيڪڏهن اسان انهي ئي رفتار سان جديد سائنسي ايجادن تي ڀاڙيندا رھياسين ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان پاڻ هڪ مشين بڻجي وڃون ۽ اسان مان احساس ۽ جذبا ڪنهن دونهين وانگر اڏري وڃن. شايد اھڙي ئي وقت کي نظر ۾ رکندي اردو جي بهترين شاعر جون ايليا چيو هو ته

یہی رشتوں کا کارخانہ ہے

ایک مشین اور اس کے پاس مشین

اهو ئي رشتن جو ڪارخانو آهي

هڪ مشين ۽ ان سان گڏ ٻي مشين....

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment