Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

مل مافيا جي انا جي ور چڙهيل سنڌ جا آبادگار


2018-11-24 13:58:40  31 

عزيزالله ناريجو

image-1

مل مافيا جي هڪ هٽي سبب ڪمند جا آبادگار شخت مشڪلن جي ور چڙهيل آهن، ڪجهه آبادگارن ته مل مالڪن جي هٺ ڌرمي سبب پنهنجي ڪمند کي احتجاجن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ته ڪجهه وري احتجاج ۾ رڌل آهن ته جئين کين ڪٿان انصاف ملي سگهي. 

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪمند جو اگهه مقررنه ڪرڻ جي خلاف توهين عدالت واري درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت ڪمند جي اگهه تي نئون اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. 

عدالت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪمند جو اگهه عارضي طور تي 160رپيا مقررڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته آبادگار هن ملڪ جا شهري آهن. هنن جي حقن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. سنڌ سرڪار مناسب حل ڳولي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته پهرين سنڌ سرڪار کنڊ تي سبسڊي ڏيندي هئي.

جڏهن شگر مل مالڪن جو موقف آهي ته اسان وٽ کنڊ جو پهرين کان ذخيرو موجود آهي. آبادگارن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. سنڌسرڪار وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. شگرمل مالڪن جي وڪيل عبدالستار پيرزادو چيو اسان وڌ ۾ وڌ 155رپيا في مڻ ڪمند خريد ڪري سگهون ٿا، آبادگارن جي وڪيل چيو ته 162 رپيا اگهه جي اجلاس ۾ اسان کي آڇ ڪئي وئي آهي. 

جيڪا آفر ڪئي وئي آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. عدالت چيو ته معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته شگرمل ۽ آبادگارن کي نقصان ٿئي. عدالت عارضي طور تي ڪمند جو اگهه 160 رپيا مقر رڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار کي معاملو جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي بئنچ 172ڪمند جو آگهه مقررڪيو هو ۽ 10 رپيا بطور سيڪيورٽي هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. 

ان تي عمل نه ڪرڻ تي پاسماجي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي. عدالت سڳوري هن ڀيري پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائي ڪمند جي آبادگارن جن اڳ گهڻو ئي نقصان برداشت ڪيو آهي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائيندي سندن پر گهور لهي ته جئين اڳتي آبادگار ڪمند جي پوکي ڪري سگهن ۽ مل مالڪن کي به آبادگارن جي مسئلن جو احساس ڪندي انهن کي مناسب اگهه ڏئي ڪمند خريد ڪن جئين آبادگارن جو ٿيل فصل تي خرچ به اڳڙي سگهي.

جڏهن پوئين سال ڪمند جي حوالي سان سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته انتهائي مايوسي ۽ ڏک ٿئي ٿو، ڇو ته پوئين سال جيڪو ڪمند جي آبادگارن سان شگرملن حشر ڪيو، جيڪي تڪليفون ڏنيون ۽ جيڪي ڏنڀ ڏنا، انهن جا اثر اڃان تائين سنڌ جا آبادگار توڙي هاري ڀوڳي رهيا آهن، ڪيترن ئي آبادگارن سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي تيار فصلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، ڇو ته شگر ملن پاران جيڪي اگھ مقرر ڪيا ويا هئا اهي ايترا ته گهٽ هئا جو جيڪڏهن آبادگار فصل جي ڪٽائيءَ کان مل تائين ڪمند پهچائڻ وارن خرچن کي ڀيٽين پيا ته رهندو گهرئون پيسا ڏيڻا ٿي پيا، ان ڪري هنن وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ اهو نقصان برداشت ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي فصلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. ڪجھ آبادگارن چيچڙا لڳائي ڪمند مان ڳڙ ۽ مٺائي ٺاهي وڪرو ڪرڻ شروع ڪئي ته مارڪيٽ ۾ جيڪو اڳي ڳڙ جو اگھ هيو اهو به گهڻي مقدار ۾ ڳڙ مارڪيٽ ۾ پهچڻ جي ڪري تمام گهٽجي ويو، ايترو ته ڳڙ مارڪيٽ ۾ پهتو جو ڪير وٺڻ لاءِ ئي تيار نه هيو، واپارين اتي به پنهنجا نفعا جاچڻ شروع ڪيا، نتيجي ۾ آبادگار ويچارن مين روڊن جي ڪنارن تي ڀونگڙيون اڏي پاڻ ڳڙ ۽ مٺائي وڪڻڻ شروع ڪري ڏني. 

جن آبادگارن هڙئون وڙئون ڏئي ڪمنڊ شگرملن تائين پهچايو انهن مان ڪيترن جون رهتون اڃان تائين ملن طرف رهيل آهن جيڪي دانهين ٿڪجي پيا آهن پر سندن بقايائون کين نه پيون ملن.

ان ڳالھ جو ننڍڙو مثال، ڪالھ دادو جي ڳوٺ پيارو جي رهواسي ڪمند جي آبادگار دادو شگر مل انتظاميا پاران ڪمند جي مد ۾ رهيل پئيسا نه ملڻ خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو آهي، آبادگار صحافين آڏو دانهيدي چيوآهي ته 2016 ۽ 2017 ۾ ڪمند جي مد ۾ پيارو شگر مل ڏانهن 2 لک 22 هزار روپين کان وڌيڪ رهيل رقم ادا نه ڪئي آهي.

مل انتظاميا پاران رهتون نه ملڻ سبب کيس 20 لک روپين جو نقصان ٿيو آهي. هو دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي جڏهن ته کيس ٻه ڀيرا دل جو دورو پئجي چڪو آهي، پئسا نه هجڻ ڪري دل جو باءِ پاس نه ٿو ڪرائي سگهان جڏهن ته گهر جو گذرسفر به مشڪل بڻجي چڪو آهي.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي ان مامري جو ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇو ته ويچارا آبادگار اڳ ئي گهٽ اگھ ملڻ ڪري سخت پريشان ۽ مالي بدحاليءَ جو شڪار آهن مٿان وري شگرملن پاران انهن جون رهتون روڪي ڇڏڻ سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آهي، اسين سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي زراعت واري وزير اڳيان آبادگارن جي انهن مصيبتن جو تدارڪ ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون، اسين اهو پڻ مطالبو ٿا ڪريون ته هن ڀيري حڪومت ڪمند جا اگھ مقرر ڪري آبادگارن کي ان ذهني ڪشمڪش کان آجو ڪري جنهن جي ڪري آبادگارن ۾ غير يقينيءَ واري صورتحال ڦهليل آهي، ايئن نه ٿئي جو هن ڀيري به شگرملون آبادگارن سان ساڳي ئي پروڪي ڪار ڪن، جي هن ڀيري به آبادگارن پنهنجا فصل ساڙيا ته پوءِ شايد آبادگار ڪمند جي پوکي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏين، جي ڪمند نه ٿيو ته پوءِ شگر ملون ڪٿان هلنديون؟ 

سنڌ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳي رهي آهي، اتر ۾ سارين جي فصل کي پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، مٿان وري جيڪڏهن ڪمند جي اگهن جي حوالي سان به سنڌ جي آبادگارن سان زيادتي ڪئي وئي ته پوءِ پڪ سان سنڌ ۾ زراعت جو مستقبل انڌيرن جي ور چڙهندو ويندو، ان ڪري سنڌ حڪومت کي ان مامري تي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ۽ ترت ۽ مثبت فيصلا ڪرڻا پوندا، سنڌ جا آبادگار ۽ مسڪين هاري اڳ ئي وفاق، پنجاب ۽ ارسا جي ارڏائين جا وڍ سهي رهيا آهن پر جي پنهنجي سنڌ حڪومت به ساڻن زيادتيون ڪيون ته پوءِ هو آخر ڪنهنجي در دانهين ٿين؟

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment