Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻦ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻭﮎ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭘﺎﻧﮅﻳﺌڙﻱ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻫڪ ﺧﻂ


2018-11-14 01:58:57  77 

شوڪت لوهار

image-1

ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻼﺑﻲ ﭤﺎﻥ ﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ۽ ڪﭥﺎﻥ ﮐﻮﻟﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﭥﻮ ﺍﭼﻲ . ﮐﻮڙ ﭘﻨﺎ ڪﺎﺭﺍ ڪﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﮐﻮڙ ﭘﻨﺎ ﻫﭣ ۾ ﻧﭙﻮڙﻱ ﮂﻳﺮﻱ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ڪﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮﻥ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺗﻮﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ﻟﮙﻦ، ﺗﻮﮐﻲ ﻭﮢﻦ ۽ ﺍﻻﺋﻲ ﻧﻪ؟ ﺗﻮﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻭﻟﻮڙﻣﺎﻥ ﻭﺍﻗﻒ ڪﺮﺍﺋﮡ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻧﻨﮃڙﻱ ڪﻮﺷﺶ ﺗﻮﮐﻲ ﻗﺒﻮﻝ ﭘﺌﻲ ﺍﻻﺋﻲ ﻧﻪ؟ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﺎ ﻭڏﺍ ﺍﻟﺠﻬﻴﻞ ﺳٽ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻨﮓ ﺁﻭﺍﺯ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘڙﺍڏﻭ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺍﺳﻴﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﮔﺎڏﻱ ﮐﻲ ﮄﻭڪﻴﻨﺪﺍ ﭘﻴﺎ ﻫﻠﻮﻥ .

ﮂﻭﻟﻴﺎ ! ﻫﻲ ﻣﻨﺪ ﻫﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﻫﻲ ﺳﻤﺎ ﭤﮅڙﻳﻮﻥ ﻫﻴﺮﻭﻥ ﮐﮣﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻣﻮﺳﻢ ﺁﻫﻦ، ﺳﻴﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺁﻣﺪ ﺁﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻧﻮﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻮڪﻼﮢﻲ ﺁﻫﻲ . ﺳﺎﮘﻲ ﺭﻳﺖ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ۾ ﭘڙﻫﻨﺪڙ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﺟﻲ ﺍﻟﻮﺩﺍﻋﻲ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎﺕ ﺟﻮ ﺁﻏﺎﺯ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﻧﻴﻦ ﺍﭸﺎﻥ ﺍﭸﺎﺭﻥ ﻻﺀِ ﻣﻨﺘﻈﺮ ﺁﻫﻲ ۽ ﺑﻴﭽﻴﻦ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫڙﻭ ﺑﻴﭽﻴﻦ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻨﮓ ﺗﺎﻥ ﻭﺍﭘﺲ ﺁﻳﻞ ﺳﭙﺎﻫﻲ ﻻﺀِ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻣڙ ﺟﻮﻥ ﭔﺎﻧﻬﻮﻥ ﺑﻴﭽﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ۾ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻃﺮﺡ ﺭﻫﮡ ﻻﺀِ ﺗﻮ ﺟﻴﺎﻥ ﻫﺮ ﻧﺌﻴﻦ ﺍﺗﺴﺎﻫڪ، ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭼﺎﻫﺖ ﻧﻮﻥ ﭼﻬﺮﻥ ۽ ﻧﻴﻦ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﺟﻮ ڪﺎﭲ ﺍﻧٽﺮﻱ ٽﻴﺴٽ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺟﺎﺭﻱ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ڪﺎﭲ ۾ ﺍﻫﻮ ﻃﺌﻲ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ڪﻬڙﻱ ﮄﺍﺭﺍ ڏﺍﻧﻬﻦ ﺳﻔﺮ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ؟ ﺳﻔﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﺯﻟﻲ ﻣﻘﺪﺭ ﺁﻫﻲ .

ﻣﭡڙﺍ ﻫﻦ ڪﺎﭲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺩﺍﺧﻼ ٽﻴﺴٽ ۾ ﺍﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﺟﻲ ڪﻬڙﻱ ﻋﻠﻤﻲ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڊﻳﺴڪ ﺗﻲ ﻭﻳﻬﻨﺪﻱ؟ ﻭﻳﻬﻨﺪﻱ ﻳﺎ ﻧﻪ ﻭﻳﻬﻨﺪﻱ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﺗﻮﺗﻲ ﭘﺎﮠ ﺗﻲ ﻣﺪﺍﺭ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ . ﺩﺍﺧﻼٽﻴﺴٽ ﻳﺎ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﺍﺻﻞ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﺍﻋﺼﺎﺑﻲ Composition ﺟﻲ ﭼڪﺎﺱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﻫﺎﮠ ﺍﻫﻮ ﻃﺌﻲ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻭ ﺳﻠﻬﺎڙﻳﻞ ۽ ڪﻴﺘﺮﻭ ﻭﺍﺑﺴﺘﻪ ﭘﺎڙﻫﻮ ﮀﻮڪﺮ ﺁﻫﻴﻦ؟

ﺭﺍﮢﺎ ! ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺭﺕ ﻭﻟﻮڙ، ﻣﺎﺋٽﻦ ﺟﻮﻥ ﺍُﻣﻴﺪﻭﻥ، ﺩﻭﺳﺘﻦ، ﺳﻨﮕﺖ ﺳﺎﭢ ﺟﻲ ﺁﭤﺖ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﺻﺮﻑ ﻫڪ ڪﻼڪ ﻃﺌﻲ ڪﻨﺪﻭ . ﺻﺮﻑ ﭼﻨﺪ ﻟﻤﺤﺎ ﻃﺌﻲ ڪﻨﺪﺍ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻭ ﭘﺮﻓﺎﺭﻡ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ ﭤﻮ؟ ﻣﭡڙﺍ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﺍﺟﺎﮘﺎ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﻫڪ ڪﻼڪ . ﺍﻫﻮ ﺑﻠڪﻞ ﺍﺋﻴﻦ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ڪﻨﻬﻦ ڪﺮڪﻴٽ ﻣﻴﭻ ۾ ﺁﺧﺮﻱ ﺑﺎﻝ ﻫﺠﻲ ۽ ﮀﻮ ﻫﮣﮣﻮ ﻫﺠﻲ . ﻫﺎﮢﻲ ﺍﻫﺎ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﺁﻫﻲ ﮀڪﻮ ﻫﮣﻴﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ .

ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻴﺎﺭﺍ ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻭڏﺍ ﻭڏﺍ ﺍﭖ ﺳﻴٽ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﺩﺍﺧﻼ ٽﻴﺴٽ ۾ ﺑﻪ ڪڏﻫﻦ ﺍﭖ ﺳﻴٽ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﺗﻮﻥ ﮔﻬٽ ﺍﺳڪﻮﺭ ڪﺮﻳﻦ ۽ ﻣﺎﻳﻮﺱ ﭤﻲ ﻭﻳﻬﻲ ﺭﻫﻴﻦ ﺍﺋﻴﻦ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ . ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮﺭﻱ ﻭِﺕ ۽ ﻭﺱ ﺁﻫﺮ ڪﻮﺷﺶ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﻫﺎﺭﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ۽ ﺑﻴﻮﺱ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﮡ، ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﮡ، ﻧﻪ ﺭﺳﮡ ﺟﻮ ﭘﮁﺘﺎﺀُ ڪﻨﻬﻦ ﮘﺠﻬﻪ ﺟﻴﺎﻥ ﭘﻴﻮ ﺟﻴﺮﻭ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻣﺎﻳﻮﺱ ﭤﻴﮡ، ﺭﻧﺞ ڪﺮﮠ، ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘٽﮡ، ﻫڪ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﻭﻳﻬﻲ ﺭﻫﮡ ﭘﺎﮠ ﺳﮑﻴﻮ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ . ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻫﻲ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﺟﻮ، ﻣﺴﻠﺴﻞ ﻫﻠﻨﺪﻭ ﺭﻫﮡ ﺟﻮ، ﻻﮘﻴﺘﻮ ﭘﻨﮅ ڪﺮﮠ، ﭘﻮﺀِ ﻣﻨﺰﻝ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻭﺍﻫﻪ ﻭﺍﻫﻪ ﺟﻲ ﻧﭥﻲ ﻣﻠﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ڪﻴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﭘﮡ ﻭڏﻭ ﻭﭢ ﺁﻫﻲ . ﻫﺎﮠ ﺗﻮﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﻨڊﺍﺀِ ۽ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﮠ ﻻﺀِ ﺳﻮﭺ . ﻟﻄﻴﻒ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺑﻴﺖ ﮐﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ﭘٽﻲ ﺗﻲ ﺍڪﺮﻱ ﮀڏ ﺗﻪ

ﮐﻬﻲ ﺟﺎ ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ

ﻭﮎ ﺗﻨﻬﻦ ﻭﻳﺠﻬﻴﻮ ڪﻲ .

ﻳﺎ ﻓﻴﺾ ﺍﺣﻤﺪ ﻓﻴﺾ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺷﻌﺮ ﮐﻲ ﻣﻴﻨﺪﻱ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺩﻝ ﺗﻲ ﻣﮑﻲ ﮀڏ ﺗﻪ

ﺍﻱ ﺧﺎڪ ﻧﺸِﻨﻮ ﺍُﭞ ﺑﻴﭡﻮ ﻭﻩ ﻭﻗﺖ ﻗﺮﻳﺐ ﺁ ﭘﻬﻨﭽﺎ ﻫﻲ

ﺟﺐ ﺗﺨﺖ ﮔﺮﺍﺋﻴﻦ ﺟﺎﺋﻴﻨﮕﻲ ﺟﺐ ﺗﺎﺝ ﺍﮀﺎﻟﻲ ﺟﺎﺋﻴﻦ ﮔﻲ

ﺍﺏ ﺯﻧﺪﺍﻧﻮﻥ ڪﻲ ﺧﻴﺮ ﻧﻬﻴﻦ، ﺑﺎﺯﻭ ﭜﻲ ﺑﻬﺖ ﺳﺮ ﺑﻬﻲ ﺑﻬﺖ

ﺑڙﻫﺘﻲ ﭜﻲ ﭼﻠﻮ ڪٽﺘﻲ ﭜﻲ ﭼﻠﻮ ڪٽﺘﻲ ﭜﻲ ﭼﻠﻮ ڪﻪ ڊﻳﺮﻱ

ﺍﺏ ﻣﻨﺰﻝ ﺑﻪ ڊﺍﻟﻲ ﺟﺎﺋﻴﻨﮕﻲ .

ﺁﺋﻮﻥ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺎﭲ ﻣﺘﻌﻠﻖ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺗﻠﺦ ﺣﻘﻴﻘﺘﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻮﮐﻲ ڪﺠﻬﻪ ﭔﮅﺍﻳﺎﻥ ﺗﻮﺳﺎﻥ ڪﺠﻬﻪ ﻟﻮﮢﺎﭠﻴﻮﻥ ۽ ﻣﭡﻴﻮﻥ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺷﻴﺌﺮ ڪﺮﻳﺎﻥ . ﭘﺮ ﺗﻮﮐﻲ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﭵﻲ ﻭﺍﻳﻮ ﻣﻨڊﻝ ۾ ﺍﺗﺴﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭼﻴﭻ ﻧﺎﻫﻲ ﮀڏﮢﻲ . Inspired ﺭﻫﮣﻮ ﺁﻫﻲ . ﺁﺧﺮﻱ ﮔﻬڙﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ﺁﺧﺮﻱ ﺳﺎﻫﻪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭴﻤﻲ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﺁﻫﻲ Casablanca ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻭﺍﻋﺪﻱ ﻭﻓﺎﺋﻲ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ ﻧﭝﺎﺋﮣﻮ ﺁﻫﻲ .

ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎﺋڙﺍ ! ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﮢٽٽ ﺣﺼﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﺳﻤﺎﺝ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﻫﺮ ڪﺎ ﭔﻲ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﺗﺼﻮﺭ ﻧﭥﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ . ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﺳﻤﺎﺝ ﻃﺌﻲ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺳﻤﺎﺝ ۾ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﮣﮡ ﻻﺀِ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻴﻞ ﭘﻴﭽﺮﻥ، ﻟﻨﮕﻬﻦ، ﮔﺬﺭ ﮔﺎﻫﻦ، ﮔﻬٽﻴﻦ، ﮔﺎﻣﻦ، ﮔﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﭘﺘﻮ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﻨﺎﺳﺎﺋﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻦ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﻮ ﺍﺩﺭﺍڪ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ۽ ﺍﺳﻴﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﮀﻴﺪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮﻥ ﭤﺎ

ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺍﺭﺳﻄﻮ ﭼﻮﺍﮢﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪﻱ ﺁﺋﻮﻥ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﺁﻫﻲ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮ ﻗﺪ ڪﺎﭞ ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭠﭟ ﭠﺎﻧﮕﺮ ﺳﺎﻥ ڪﮁﻴﻮ ۽ ﻣﺎﭘﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ ڪﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺁﺩﺭﺷﻦ ۽ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﻫﻲ Haves ۽ Have not’s ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﺁﻫﻲ ﺣﻴﺮﺕ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻭﺳﻴﻠﻦ ﺗﻲ ﻓﻘﻂ 2 ﺳﻴڪڙﻭ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﺟﮕﺮ ﺑﮣﻴﺎ ﻭﻳﭡﺎ ﺁﻫﻦ ﺑﺎﻗﻲ 9 ﺳﻴڪڙﻭ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﮏ ﭘﻴﺎ ﻣﺮﻥ ﻳﺎ ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻦ ﭘﺮﺳﻨٽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺩﺍﮢﻮ ڪﮣﻮ ﺗﻪ ﺍﻟﻠﻪ ﭘﺮﻭﺭﺩﮔﺎﺭ ﺟﻲ ﻫﭣ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻴﻞ ٽڪﺴﺎٽ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺌﻦ ﺟﺎﻥ ﮀڏﺍﺋﺠﻲ؟ ﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻭﻳﻬﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻴﻄﺎﻧﻴﺖ ﺟﻮﻥ ﺳﭝﺌﻲ ﺣﺪﻭﻥ ﭘﺎﺭ ڪﻦ ﭤﺎ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ﻣﻨﻬﻦ ڏﺟﻲ؟ ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﺗﻮﻻﺀِ ﻓﻘﻂ ﺳﻮﺍﻝ ﺁﻫﻦ ۽ ﺳﻨﻲ ﺳﻮﺍﻟﻦ ﺟﺎ ﺟﻮﺍﺏ ﻓﻘﻂ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ، ڪﺘﺎﺏ ﺳﺎﻥ ﺩﻭﺳﺘﻲ ﺭﮐﮡ ۾ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺍﻫﻮ ﺳﻮﺩﻭ ﺗﻮﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﺍﻫﻮ ﻭﮢﺞ ﻭﺍﭘﺎﺭ ڪﺮ ﻧﭥﻮ ﺍﭼﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ٽﻮﻟﻲ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻱ . ﻭﮄﻳڪ ﻣﺮﺿﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﺁﻫﻲ .

ﭘﻴﺎﺭﺍٰ! ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮﻥ ﺳﭛ ﻋﺎﺩﺗﻮﻥ ﭘﺎﺭﺳﺎﺋﻲ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺿﻤﻴﺮ Conscience ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ﭜﻠﻮ ڪﺮﮠ، ﺑﺮﺍﺋﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻭڪﮡ ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﺿﺮﻭﺭ ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺟﻴﺌﻦ ﺩﻭﺳﺘﻮ ﻭﺳڪﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﭘﺎﭖ ۽ ﭘﻴڙﺍﺀُ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﺿﻤﻴﺮ ﺟﻮ ﭘڙﻻﺀُ ﺍﻳڏﻭ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺗﻲ ﺣﺎﻭﻱ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ ﭘﺎﮠ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﻴﻞ ڏﻭﻫﻪ ﺟﻮ ﺍﻋﺘﺮﺍﻑ ڪﺮﻱ ﭤﻮ . ڪﻮ ﺑﻪ ﭔﻮڙ ﺑﻨﺎ ﻟﻮﮠ ﻣﺰﻭ ڪﻮ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻣﭡﺎﺱ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻟﻮﮢﺎﭠﻲ ﭘﮡ . ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺍﻧڊﻟﭡﻲ ﺭﻧﮕﻦ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﻳﻞ ﺁﻫﻲ . ﺭﻧﮓ ﺟﻴڪﻲ ﮔﻼﺑﻲ، ﮘﺎڙﻫﺎ ﻧﻴﺮﺍ ﭘﻴﻼ، ﭰڪﺎ ﭰڪﺎ، ڪﭽﺎ ڪﭽﺎ ﭘڪﺎ ۽ ﭘﺨﺘﺎ . ﺍﻧﻬﻦ ﺭﻧﮕﻦ ﻣﺎﻥ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺗﻪ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺭﮘﻮ ﻣﺎﮐﻲ ﻻﺭ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻟﻮﮢﺎﭠﻲ ۽ ﻭِﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﻳﻞ ﭜﺮﻳﻞ ﻭﭠﻮ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻨﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﺗﻠﺨﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﻨﻲ ﺗﻲ ﺍڪﺮﻱ ﮀڏ .

ﺳﻬڻﺎ ! ﺁﺋﻮﻥ ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻦ ۾ ﻭﺍﺿﺢ ڪﺮﻳﺎﻥ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮﻥ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺋٽﻦ ﺟﻮﻥ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻭﺋڙﻥ ﺟﻮ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﭔﻮﺟﻬﻪ ﺑﻲ ﭘﻬﭻ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﮅﮢڪﻲ ﭤﻴﻞ ﺑﻴﺮﻭﺯﮔﺎﺭﻥ ﺟﻮﻥ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﻫﺎﺭﻳﻦ ﺟﻮﻥ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺑﺮﺳﺎﺗﻲ ﭘﺎﮢﻲ ۾ ﭔڏﻝ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻮ ﺍﻧﻬﻦ ۾ ﺭﻫﻨﺪڙ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﺍُﻣﻴﺪﻭﻥ ﺗﻮﻥ ۾ ﺁﻫﻦ . ﺍﺳﺎﻥ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ ﺁﺳﺮﻥ ۽ ﺍُﻣﻴﺪﻥ ﺟﻮ ﺁﺧﺮﻱ ڪﺮﻭ ﺗﻮﻥ ﺋﻲ ﺁﻫﻴﻦ . ﺗﻮﻥ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺁﻫﻴﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﻫﻮ ڪﺠﻬﻪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻦ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻﺀِ ﭔﻴﻮ ﻓﻘﻂ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .

ﺳﭵﮡ ! ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﺎ Fruits ﺑﻪ ﻓﺮﺩ ﻭﺍﺣﺪ ﺟﻲ ﻫﭣ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﺮﻫﺎﺋﻲ ﻓﻘﻂ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﺍﻫﻮ ﺣﻮﺻﻠﻮ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﭤﻴﻮ ﻣﻌﻨﻲٰ ﺍﺳﻴﻦ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ .

ﻫﻲ ﻓﻴﺲ ﺑڪ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﺁﻫﻲ . ٽﭻ ﺍﺳڪﺮﻳﻦ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺁﻫﻲ . ﺍﺳﻴﻦ ﺳﭛ ٽﻴﺒﻠٽ، ﺍﻳﭙﻞ، ﺑﻠﻴڪ ﺑﻴﺮﻱ ۽ ﺍﻭﺭﻧﺞ ﺟﻲ ﭴﺎﺭ ۾ ﭰﺎﭤﺎ ﭘﻴﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﻫﻦ ﺩﻭﺭ ۾ ڪﺘﺎﺏ ﭘڙﻫﮡ، ڪﺘﺎﺏ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺮﮠ، ڪﺘﺎﺏ ﻫﭣ ۾ ﮐﮣﮡ ﻳﻘﻴﻨﻦ ﻭڏﻱ ﺣﻮﺻﻠﻲ ۽ ﻫﻤﺖ ﺟﻮﺵ ۽ ﺟﺬﺑﻲ ﺟﻮ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ . ﺧﺎﺹ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڪﺘﺎﺏ ﺳﺎﻥ ﺩﻭﺳﺘﻲ ﺭﮐﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻋﻠﻢ ﺳﺎﻥ ﻣﺴﻠﺢ ڪﺮﻳﻮﻥ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﺭﻥ ۽ ﭔﻴﻦ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﮐﻲ ڪﺘﺎﺏ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﮠ، ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﺍﺗﺴﺎﻫﻴﻮﻥ ۽ ڪﻮﺷﺸﻮﻥ ڪﺮﻳﻮﻥ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﻻﺀِ ڪﻢ ڪﺮﻳﻮﻥ ۽ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺍﺣﺒﺎﺑﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻱ ڪﺘﺎﺏ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﮠ ۽ ﭘڙﻫﺎﺋﮡ، ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﭼﻮﻥ .

ٽﻴڪﻨﺎﻻﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﮐﺎﻥ ﺍﻧڪﺎﺭ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻏﻠﻂ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭰﺎﺳﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﻣﭥﺎﻥ ﻭﺭﻱ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﺟﻲ ﺑﻲ ﺩﺭﻳﻎ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻢ ﮐﺎﻥ ڪﮃﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﻻﺀِ ﺍﺳﺎﻥ ﺍﺝ Values ﻏﻴﺮ ﻣﻌﻴﺎﺭﻱ ۽ Disposable ﭤﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﺍﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻮ Balanced ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺗﻮﮐﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ . ﻭﮄﻳڪ ﺍﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺠﻲ ﺍﻫﻮ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻗﺮﺑﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﮔﻬﺮﺟﺎﺋﻮ ﺳﻮﺩﻭ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﺩﻭﺭ ۾ Reading ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺮﮠ ﻣﻌﻨﻲٰ ﻭڏﻱ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱ ﺟﻲ ﻋﻤﻞ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻫڪ ﮀﺎﻝ ﭼﺌﺒﻮ . ﺭﺍﺗﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﺭﺍﺗﻴﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻮﺭ ﻧﭽﻮﺋﻲ ڪﺘﺎﺏ ﭘڙﻫﮡ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻮﺍﻧﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ ﻋﺸﻖ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ڪﺮﮠ ﺟﺎﻧﻴﺌڙﺍ ﻫﻲ ﻭﮐﺮ ﺗﻪ ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ڏﮐﻴﻮ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ؟ ﺟﻲ ﻫﻴﺌﻦ ﻧﻪ ﻫﺎﺭﻳﻦ ڪﻮﻫﻴﺎﺭﻳﻞ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ڪﺘﺎﺑﻦ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﭔﺌﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬڙﺍﺋﭗ ﺁﺋﻮﻥ ﮀﺎ ﭤﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺎﻥ . ﭤﻮﺭڙﻱ ﻫﻤﺖ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍ ﺳﻴﻦ ﺳﭝﭽﺮﻳﺎ ﭼﺮﭔٽ ۽ ﻣﭥﻲ ﭰﺮﻳﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﻳﻮﺭﭖ ۽ ﺁﻣﺮﻳڪﺎ ۾ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻓﻴﺴڪ ﺑڪ ۽ ٽﻮﺋٽﺮ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻦ ﭤﺎ . ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻲ ﭜﻨﻮﺭ ۾ ﺍﻫﻲ ﺑﻪ ﺗﻪ ﺁﻫﻦ ﭘﻮﺀِ ﺍﻫﻲ ﮀﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﺩﺕ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺍﭼﻦ . ﺍﺗﻲ ﻫڪ ﻫڪ ڪﺘﺎﺏ ڪﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻭﻝ / ﺍﻓﺴﺎﻧﻮ، ﺟﻴﻮﻥ ڪﭥﺎ ﺟﻮﻥ 20 ﮐﺎﻥ 50 ﻟﮏ ڪﺎﭘﻴﻮﻥ ﻫڪ ﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑڪ ﺍﺳٽﺎﻟﻦ ﺗﺎﻥ ﻏﺎﺋﺐ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﻴﻮﻥ . ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺌﻴﻦ ﮀﺎﭘﻲ ﺟﻲ ﺍﺋڊﻭﺍﻧﺲ ﺑڪﻨﮓ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻲ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻭﻝ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﺑﻴﭽﻴﻦ ﻭﻳﭡﺎ ﺁﻫﻦ . ﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭜﻠﻲ ڪﻬڙﻭ ﺑﻪ ڪﻢ ﮄﻧﮅﻭ ڪﻦ، ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ڪﺮﺕ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﮘﻴﻞ ﻫﺠﻦ ﭘﺮ ﻫﻮ 24 ڪﻼڪﻦ ﻣﺎﻥ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﻻﺀِ ﺿﺮﻭﺭ ڪﮃﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻫﻮ ﭜﻞ ڊﺍڪٽﺮ ﻫﺠﻦ، ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ، ﻭڪﻴﻞ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺳﭛ ﻭﻳﭡﺎ ﭘڙﻫﻦ . ﺁﻣﺮﻳڪﺎ ۾ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﭼﻮﻧڊ ﺟﻮ ﻣﻨﺎﻇﺮﻭ ﻫڪ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ۾ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﺍﻫﻲ ﺭﻭﺍﻳﺘﻮﻥ ﺷﻞ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺑﻪ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻴﻦ .

ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﺎ ﺗﻴﺮ ﻭﻳﺎ ﭘﺮﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧڪﺮﻱ . ﺍﭼﻮﻥ ﭤﺎ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ Selection ﺗﻲ . ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ۾ ﺍﭤﺎﻫﻪ ﺣﻮﺻﻠﻮ، ﻫﻤﺖ، ڪﺮﭘﺸﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺑﺎﻱ ﺗﻲ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﻣﮁﻲ ﺟﻲ ﺍﮎ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﭔﻴﻮ ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ ﭤﻮ ﺍﭼﻲ . ﺗﻮﻥ ﺑﻪ ﺩﻝ ۾ ﺍﻫﻮ ﻳﻘﻴﻦ ڪﺮﻱ ﮀڏ ﺗﻪ ﻫﺎﮠ ﺗﻮﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ Target ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ ﺍﭼﻲ . ﺗﻮﮐﻲ ﻃﺎﺭﻕ ﺑﻦ ﺯﻳﺎﺩ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ . ﺳﭛ ﭔﻴڙﺍ ﺳﺎڙﮢﺎ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭔﻴڙﻥ ﺳﺎڙﮠ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ڪﻢ ڪﻮ ﻧﻪ ﻫﻠﻨﺪﻭ . ﻣﻠﻬﻪ ﺟﻮ ﻫﺮ ڪﺮﺗﺐ ﻫﺮ ﮔُﺮ ﺍﭼﮡ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﺁﺧﺮﻱ ﮔﻬڙﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻤﺖ ﺗﻪ ﻫﺎﺭﮢﻲ ﺁﻫﻲ . ﭴﻤﻲ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺳﺎﻟﻢ ﺩﻣﺎﻍ ۽ ﺭﻭﺷﻦ ﺩﻝ ﺳﺎﻥ ﻣﺼﻴﺒﺖ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮣﻮ ﺁﻫﻲ . ﺣﻀﺮﺕ ﻋﻠﻲ ﺭﺿﻪ ﺟﻲ ﻗﻮﻝ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﻪ ” ﺗﺮﺍﺭ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻃﻲ ﺳﺎﻥ ﻫﭣ ۾ ﺭﮐﮣﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ﺩﺷﻤﻦ ﺟﻲ ﻟﺸڪﺮ ﺟﻲ ﺁﺧﺮﻱ ﺻﻒ ﺟﻲ ﺁﺧﺮﻱ ﺳﭙﺎﻫﻲ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﺭﮐﮣﻲ ﺭﮐﮣﻲ ﺁﻫﻲ . ﻭﺍﭘﺲ ﻧﺎﻫﻲ ﻣﻮٽﮣﻮ . ﻭﺍﭘﺲ ﻭﺭﮠ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﻌﺎﻑ ﻧﻪ ڪﻮ ﻧﻪ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻧﻪ ﺋﻲ ﺳﭡﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﺳﺎﻥ ﻳﺎﺩ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ﺳﺎﺭﻭ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ ڏﻳﮣﻮ، ﺟﻴﺘﺮﻭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭣ ﻭﺱ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺩﻣﺎﻍ ﺟﻲ ﺁﺧﺮﻱ ﺗﻨﺪ ﺳﺎﮢﻲ ﻧﭥﻲ ﭤﻲ ﭘﺌﻲ، ﺟﺴﻢ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﮠ ﮐﺎﻥ ﺟﻮﺍﺏ ڏﻳﺌﻲ ﮀڏﻱ ﭘﻮﺀِ ﺑﻪ ﻫﻠﮣﻮ ﺁﻫﻲ، ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﺍﮄ ۾ ﻧﺎﻫﻲ ﮀڏﮢﻮ . ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﻣﻨﺰﻝ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺩﻣﺎﻍ ۽ ﺟﺴﻢ ﻫﻠﮡ ﮐﺎﻥ ﺟﻮﺍﺏ ڏﻳﺌﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ ڪﺮﮢﻮ، ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﺎﺭﺍﺋﮣﻮ . ﺑﻠڪﻪ ﻫﺎﺭﺍﺋﮣﻮ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ . ﺟﻴڪﻮ ﺗﻮﻫﺎﻥ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺍﻫﺎ ﺗﺪﺑﻴﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﻧﺎﻫﻲ ﺍﻫﺎ ﭤﻲ ﺗﻘﺪﻳﺮ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ ﺩﻝ ۾ ﺭﮐﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﻣﭡڙﺍ .

ﻫﻲ ﻓﻴﺼﻼﺋﺘﻲ ﮔﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ . ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﻧﺒﺾ ﺗﻲ ﻫﭣ ﺭﮐﮡ ﺑﻪ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﺳﺎﻋﺘﻦ ﺟﻮ ﻫڪ ﻫڪ ﭘﻞ ﻫﻴﺮﻱ ﺟﻬڙﻭ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﺁﻫﻲ ﺑﻠڪﻪ ﺍﻣﻠﻬﻪ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻮﮘﻴﺌڙﺍ ! ﺗﻮﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﻓﻘﻴﺮﻱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﺁﻫﻴﻮ ﺍﺳﻴﻦ Pampered child ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﺍﺳﻴﻦ ﻣﻤﻲ، ڊﻳڊﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ڪﻮ ﻧﻪ ﻭﮄﻳﺎ ﻭﻳﺠﻬﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﮖ ﺭﮖ ۾، ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﺭﺕ ﺳﺖ ۾ ﺻﺪﻳﻦ ﺟﻮ ڪﺮﭚ، ڏﮎ، ﺩﺭﺩ، ﺍﺳﻴﺮﻱ ۽ ڪﺎڙﻫﻮ ﺳﻤﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ . ﺍﺳﻴﻦ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﺎ ﭘﻴﺮﻭڪﺎﺭ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺟﻨﻬﻦ ﻭٽ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻭٽ ﺭﻭﺷﻦ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻭٽ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ، ﻟﮙﻮ ﺭﻫﮡ ﺟﻮ ﺩﺭﺱ ﺁﻫﻲ .

ﺑﻨﺪﻱ ﭔﻴﺎ ﻗﺮﺍ ﺍﺳﻴﻦ ﻟﻮﭼﻮﻥ ﻟﻮﻫﻪ ۾

ﻣﭥﻲ ﺗﻦ ﺗﺮﺍﺭ ﺳﺪﺍ ﺳﺎﻧﮕﻴﺌڙﻥ ﺟﻲ .

ﭘﻴﺎﺭڙﺍ ! ﺳﮏ ۽ ﺳﻠﻴڪﻲ ﺳﺎﻥ ﻫﻠﮡ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻫﮣﻲ ڪﻬﮣﻲ ۾ ﺳﻬﮣﺎﺋﭗ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ . ﻣﭟ ﺗﻨﮓ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﺟﺎﻳﺎ ﺧﺮﭺ ﻧﻪ ڪﺮﻳﻮ، ﺑﮏ ڏﮎ ۾ ﺟﻴﺌﮡ ﺳﮑﻮ . ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺑﺎﺑﺎ ڪﻬڙﻱ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺮﭺ ﮐﻲ ﻣﻴﻨﻴﺞ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺍﻫﺎ ﺗﻪ ﺑﺲ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻳﺎ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﭘﻮﺯﻳﺸﻦ ۾ ﺍﻳﻨﺪﻳﻦ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ . ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﺣﻠﻘﻮ ﻣﺤﺪﻭﺩ ﻫﺠﻲ ﺟﻴڪﻲ ﻫﺠﻦ ﺍﻫﻲ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻃﺮﺡ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺩﻭﺳﺖ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﺎ ﺑﻪ ﻫڪ ڏﮐﻲ ﭘﺮﻭﻟﻲ ﺁﻫﻲ؟ ﺩﻭﺳﺖ ﻫﻴﺮﻱ ﻣﺜﻞ ﺁﻫﻲ ﭜﮙﻮ ﺗﻪ ﻭﺭﻱ ڪﻮ ﻧﻪ ﺟڙﻧﺪﻭ . ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺩﻭﺳﺖ ﮐﻲ ﺁﺯﻣﺎﺋﺶ ۾ ﻭﺟﻬﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﺳﺌﻮ ﺩﻓﻌﺎ ﺳﻮﭼﺠﺎﺋﻴﻦ .

ﺳﺎﭤﻴﺌڙﺍ ! ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺻﺮﻑ ڪﺘﺎﺏ ﭘڙﻫﮡ ﺳﺎﻥ ڪﻮ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﺩﻋﺎ، ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﭘﻴﺮﻥ ﺟﻮ ﮀﻬﺎﺀُ، ﺑﺎﺑﺎ ﺟﻲ ﺷﻔﻘﺖ، ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﻋﻘﻴﺪﺕ، ﺑﺰﺭﮔﻦ ۽ ﺳﻠﺠﻬﻴﻞ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺖ، ﺍﻧﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻞ ﻣِﭡﻮ ﻣﺎﭠﻴﮣﻮ ﺭﻭﻳﻮ . ﺍﻫﻲ ﺳﭛ ﺭﻧﮓ ﮔڏﺟﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﺍﻧڊﻟﭟ ﺟﻮڙﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺗﻮ ۾ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻮﻥ ﺳﭛ ﺻﻼﺣﻴﺘﻮﻥ، ﺳﭛ ﺧﻮﺑﻴﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺧﻮﺑﻴﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﻟﻴﺎﻗﺘﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ۽ ﻭﻗﺖ ﺳﺮ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺗﻌﻴﻦ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ﺋﻲ ڪﻨﺪﻳﻦ . ڪﭥﻲ ڪﻤﻲ ڪﻮﺗﺎﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﺎ ﺑﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ . ﺍُﻣﻴﺪﻥ ﺟﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﺳﺞ ﻧﻮڪ ﺳﺎﻥ ﺍﭜﺎﺭ ﺗﻮﻥ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﭤﻴﻨﺪﻳﻦ۽ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﺗﻲ ﭘﻴﺮ ﮄﺭﻳﻨﺪﻱ . ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﺟﻴڪﻮ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﻮﮐﻲ، ﺗﻮﺟﻬڙﻥ ﮔﻬﮣﻦ ﺋﻲ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﺍﭸﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎڪﺮﻥ ۾ ﭜﺮﮠ ﻻﺀِ ﺑﻴﭽﻴﻦ ﺁﻫﻦ . ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ، ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ، ﻣﻬﺮﺍﮠ ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ، ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭڊ، ﺳﻨﮅ ٽﻴڪﺴٽ ﺑڪ ﺑﻮﺭڊ ۽ ﭔﻴﺎ ﮐﻮڙﺍ ﻧﻨﮃﺍ ﻭڏﺍ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ۽ ﻏﻴﺮ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺍﺩﺍﺭﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﺘﺎﻥ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻟﮑﻴﻦ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺗﻮ ﺟﻬڙﺍ ﻋﻠﻢ ﺍﭸﺎﺭﺍ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﺍﭶ ﺍﺟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻫﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻮﻥ ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﻫﻨﺞ ﺟﻬڙﻱ ﺁﺳﻴﺲ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﻦ ﭤﻴﻮﻥ . ﻫﺘﻲ ﺗﻮ ﺟﻬڙﺍ ﮐﻮڙ ﻣﭡڙﺍ ﻫﺮ ﺩﻓﻌﻲ، ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮐﻴﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻦ ﺧﻮﺍﺏ ﮐﮣﻲ، ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ . ﺧﻮﺍﺏ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﺎ، ﺳﮏ ﺟﺎ، ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺟﺎ، ﮘﺎڙﻫﻦ ﻧﻴﺮﻥ، ﮔﻼﺑﻲ ﺭﻧﮕﻦ ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ ﭘﺮ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﺠﺎﻥﺀِ ﺗﻪ ﻫﺮ ﺩﻓﻌﻲ ﻫﺮ ﺧﻮﺍﺏ ﺳﺎﭜﻴﺎﻥ ﻣﺎﮢﻲ ﺍﻫﻮ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺑﻪ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻣﺎﮢﮡ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﻭﺟﻮﺩﻳﺖ ﺟﻮ ﺣِﺲ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻮﮐﻲ ﺍﻫﻮ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﮡ ﮔﻬﺮ ﺗﻪ ﺟﻴﺖ ﺟﻮ ﺍﺑﺘڙ ﻫﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﺗﻮﮐﻲ ﻫﺎﺭ ﻻﺀِ ﺑﻪ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺗﻴﺎﺭ ﺭﮐﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﻫﺘﻲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺧﻮﺍﺏ ﺁﺋﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﻥ ﻫﻴﭡﻴﺎﻥ ڪﻮڪﻨﺪڙ ﺳُڪﻞ ﭘﻨﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﻗﺘﻼﻡ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﻣﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ڏﭠﺎ ﺁﻫﻦ.

فائيل فوٽو

ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻭﭠﮡ ﺳﺎﻥ ﺫﻫﻦ ۾ ﭤﮅڙﻳﻦ ﻫﻴﺮﻥ ﺟﻲ ﺟﻬﻮٽﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ﭰٽﻲ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ . ﺫﻫﻦ، ﺩﻝ، ﺟﺴﻢ ﻫڪ ﻋﺠﻴﺐ ﭘﺮڪﻴﻒ ﻣﻨڊ Mesmerizing ﮘﺎڙﻫﻦ ﻧﻴﺮﻥ ﺭﻧﮓ ڪﻮﻫﻴﺌڙﻥ ۾ ﻭڪﻮڙﺟﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﻫڪ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻫﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻫﺘﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺩﺭﮔﺎﻫﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﺎ ڪﺸﺎﺩﺍ، ﻭﻳڪﺮﺍ ﺭﺳﺘﺎ ﺑﺎﻏﻲ ﭼﻮﺍﺋﻲ ﺗﻪ ﺟﻮﮄﻥ ﺟﻲ ﺳﻴﻨﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﻓﺮﺍﺥ ﺭﺳﺘﺎ ﺗﻮ ﻻﺀِ ﻣﻨﺘﻈﺮ ﺁﻫﻦ . ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺑﺎﻏﻲ ﺟﻲ ڏﻧﻞ ﻧﺎﻥﺀُ ﺟﻲ ﺑﻨﺪﻳﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺮڙ ﺗﻲ ﺳﺠﺎﻳﻮ ﺑﻴﭡﻮ ﺁﻫﻲ . ﺑﺎﻏﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﮐﻲ ” ﺟﺎﻧﺎﻥ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ “ ﭼﺌﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .

ﺳﺎﻣﻴﺌڙﺍ ! ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎﻥ ﺟڙﻳﻞ ﺍﻳﺘﺮﻳﻮﻥ ﺗﻪ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ڪﭥﺎﺋﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮠ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڪﻨﻬﻦ ﻫڪ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺗﻲ ٽﻴڪﺎ ٽﭙﮣﻲ ڪﺮﮠ ﻭﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻌﺎﻣﻠﻮ ﺩﻟﻲ ﺑﻪ ٽﭙﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ، ﺍﻥ ﻻﺀِ ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﮂڪ ﭜﻠﻮ .

ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﺍﻟﻬڙ ﻭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﺎ ﻫﻲ ﭼﺎﺭ ﻭﺭﻫﻴﻦ ﻫﻲ ﭼﺎﺭ ﺑﻬﺎﺭﻭﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﻗﻴﻤﺘﻲ، ﺗﻤﺎﻡ ﺍﻫﻢ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﺳﺎﻋﺘﻦ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻣﻠﻬﻪ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻲ ﺍﻣﻠﻬﻪ ﺁﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﺳﺎﻋﺘﻦ ﺟﻮ ﭘﻮﺭﺍﺀُ، ﻫﻨﻦ ﻟﻤﺤﻦ ﺟﻮ ﺧﺎﻝ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﺳﺘﻌﺎﺭﻭ ڪﺎ ﺑﻪ ﺗﺸﺒﻴﻬﻪ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﻱ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ . ﻫﻲ ﭼﺎﺭ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﻲ ﻣﻬﻴﺖ ﻭﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻭﭸﺎﺋﮡ ﻻﺀِ ﻫڪ ﭘﻞ ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﺁﻫﻲ، ﺍﺗﻲ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﻨﺪﺍ ﺍﭤﺎﻫﻪ ﺳﻤﻨڊ ﺁﻫﻲ ﭼﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻦ ۾ . ﻫﻨﻦ ﻣﺎﺩﺭ ﻋﻠﻤﻦ ۾ ﻭڏﺍ ﻭڏﺍ ڪﺘﺐ ﺧﺎﻧﺎ ﺁﻫﻦ ﺗﺠﺮﺑﻴﮕﺎﻫﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﻫﺘﻲ ﻋﻼﻣﻪ ﺁﺀِ ﺁﺀِ ﻗﺎﺿﻲ ﺁﻫﻲ، ﺍﻣڙ ﺍﻳﻠﺴﺎ ﺁﻫﻲ، ڊﺍڪٽﺮ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﺁﻫﻲ، ﻋﻠﮡ ﺁﻫﻲ، ﺑﺎﻏﻲ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ ۽ ﺳﮙﻨﮅ ﻫﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺩﺭﺧﺖ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ . ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻳﻮڪﻠﭙٽﺲ ﺟﻮﻥ ﻧﻪ ﮐٽﻨﺪڙ ﻗﻄﺎﺭﻭﻥ ﺣﻠﻴﻢ ﺑﺎﻏﻲ ﺟﻲ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﻣﺸﺎﻫﺪﻱ ﺟﻮﻥ ﺳﭽﻴﻮﻥ ﺳﺎﮐﻲ ﺁﻫﻦ . ﻫﻨﻦ ﺭﺳﺘﻦ، ﮔﺰﻥ ﮔﺎﻣﻦ ﺗﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﺳﻮﻳﻦ، ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ، ﺍﭘﺴﺮﺍﺋﻦ ﺟﻮ ﮔﺬﺭ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ، ﻫﺘﻲ ﻃﺎﺭﻕ ﺁﻫﻲ، ﻃﺎﺭﻕ ﺟﻮ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻣﻨﻈﺮ ﺁﻫﻲ، ﮔﻮﺗﻢ ﺟﻮ ﭜﺘﺮﻥ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺁﻫﻲ، ﻧﻮﺭ ﺍﺣﻤﺪ ﺯﻧﺌﻮﺭ ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭﻧﭝﺎﺭ ﺁﻫﻲ، ﻫﻦ ﻣٽﻲ ﺳﺎﻥ ﭼﻬٽﻴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﺟﻲ ﺍﻫﭹﺎﮠ ﺍﻣﺮ ﺳﻨﮅﻭ ﺁﻫﻲ، ﻋﻠﻢ ﺟﻮﻥ ﺷﻤﻌﻮﻥ ﻫﭣ ۾ ﮐﮣﻨﺪڙ ﻋﺮﻓﺎﻧﻪ ﻣﻼﺡ ﺁﻫﻦ . ﻫﺘﻲ ﻫﺮ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻪ ۾ ﻫڪ ﻭڏﻱ ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﭶ ﻻﺀِ ﮔﻬﮣﻮ ڪﺠﻬﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﺘﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﺍﻣﻴﻦ ﺳﻨﮅﻳﺎﻻﺟﻲ ﺁﻫﻲ . ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺻﺒﺮ ﺟﻲ ﺁﺯﻣﺎﺋﺶ ﻻﺀِ ﺍﻱ ﺳﻲ ٽﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻄﻠﺐ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪﺠﻬﻪ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﺷﻌﻮﺭﻱ ﮐﻴﺴﺎ ﻋﻠﻢ ﺳﺎﻥ ڏٽ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻨﺪﻭ .

ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻴﺎﺭﺍٰ! ﺗﻮﻥ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻫﺎﺳٽﻞ ۾ ﺭﻫﻴﻦ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺞ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﺟﻮ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ﺁﻫﻴﻦ . ﻫﺎﺳٽﻞ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺑﻪ ﺗﻮﮐﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ . ﻫﺎﺳٽﻞ ۾ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﮐﻲ ﺳﻬﻮﻟﺘﻦ ﺟﻲ ﺍﮢﻬﻮﻧﺪ ﺗﻲ ﺳﻮﭼﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺍﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻳﻤﺎﻧﺪﺍﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺨﻠﺼﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﺳﺎﻥ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻞ ﺭﻭﻳﻲ ﺟﻮ ﺗﻌﻴﻦ ﺑﻪ ﺗﻮﻥ ﭘﺎﮠ ڪﻨﺪﻱ . ﻳﻌﻨﻲ ﺗﻮﻥ ﻫﺘﻲ ﺟﻴﺘﺮﻭ ﺁﺯﺍﺩ ﻫﻮﻧﺪﻳﻦ ﺍﻭﺗﺮﻭ ﺋﻲ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭ ﻫﻮﻧﺪﻳﻦ . ﺁﺯﺍﺩﻱ ﺍﺻﻞ ۾ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻫﻲ . ﺁﺯﺍﺩﻱ ۽ ﮀڙﻭﺍﮘﻲ ۾ ﻓﺮﻕ ﻫﺠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ .

ﺳﻬﮣﺎ ! ﺗﻮﻥ ﺧﻮﺵ ﻧﺼﻴﺐ ﺁﻫﻴﻦ ﺟﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﺍﻧﺘﺨﺎﺏ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﻻﺀِ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺗﻮﻥ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﭘﺎﻧﮅﻳﺌڙﻥ ﺟﻲ ٽﻮﻟﻲ ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻴﻦ، ﺗﻮﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮﺩﺍﺭ ﻣٽﻲ ﻣﺎﻥ ﭰٽﻲ ﻧڪﺘﻮ ﺁﻫﻴﻦ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﭜﻞ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ، ﭠٽﻮ، ﺑﺪﻳﻦ، ﺳﺎﻧﮕﻬڙ، ﻣٽﻴﺎﺭﻱ، ٽﻨڊﻭ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ، ﻧﻮﺷﻬﺮﻭﻓﻴﺮﻭﺯ، ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ، ﺳﮑﺮ، ﻻڙڪﺎﮢﻮ، ﺩﺍﺩﻭ، ﻗﻤﺒﺮ ﺷﻬﺪﺍﺩڪﻮٽ، ﮔﻬﻮٽڪﻲ، ڪﺸﻤﻮﺭ، ڪﻨﮅڪﻮٽ، ڪﺮﺍﭼﻲ ﺳﭵﻲ ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﺳﺎﺭﻱ ﺟﻴڪﺎ ﻣﻮﺭڙﻱ ﺟﻲ ڪﻮﻻﭼﻲ ﻫﺌﻲ ﻫﺎﮢﻲ ﺍﻥ ﺟﺎ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻭﺍﺭﺙ ﻧڪﺮﻱ ﭘﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﺗﻮﻥ ﺍﻧﻬﻦ ڪﻬڙﻥ ﺋﻲ ﺷﻬﺮﻥ ﮘﻮﭠﻦ ﻣﺎﻥ ﺍﭼﻴﻦ ﻫﺖ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭠﻬﻨﺪﻱ ﺷﺎﮔﺮﺩ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮﺩ .

ﺳﻨﮅﻭ ﺟﻞ ﺟﻲ ﻣﻴٽﻮڙﻱ ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎﻥ ﮘﻮﻫﻴﻞ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﻟﮛ، ﺳﭽﺎﺋﻲ ۽ ﺍﻳﻤﺎﻧﺪﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﺍﻫﭹﺎﮠ ﺁﻫﻦ . ﺗﻮﻥ ﭜﺎﮖ ﻭﺍﺭﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﻨﺎﻳﺖ ﺟﻲ ﻓڪﺮ ﺟﻮ ﭘﻴﺮﻭڪﺎﺭ ﺁﻫﻴﻦ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺗﻮ ۾ ﺑﺮﺍﺩﺷﺖ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﺑﻼﻭﻝ ﺟﻴڏﻱ ﻫﺌﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ﮔﻬﺎﮢﻲ ۾ ﻭﺟﻬﺮﺍﺋﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ٽﻨﮕﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎﻥ ﮔﻬﺎﮢﻲ ۾ ﻭﺟﻬﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺁﺋﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫڏﻳﻦ ﭜﭵﮡ ﺟﺎ ٽڙڪﺎٽ ﭔﮅﻱ ﺳﮕﻬﺎﻥ . ﻫﻬڙﻥ ﻫﺴﺘﻴﻦ ﺟﻲ ٽﻮﻟﻲ ﻣﺎﻥ ﭰٽﻲ ﻧڪﺘﻮ ﺁﻫﻴﻦ ﺳﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﺍﻋﻠﻲٰ ۽ ﺍﻭﭼﻲ ﺁﻫﻲ .

ﺟﺎﻧﻴﺌڙﺍ ! ﺟﻬﻴڙﻱ ﺟﻬٽﻲ ۾ ﭘﻮﮢﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻲ ڪﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮘﭽﻲ ۾ ﻭﮄﻱ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ﻣڙﺱ ﭤﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﺟﺎﺋﻴﻦ . ﮀﻮ ﺗﻪ ﭜﺎڙﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﭡﺘﻲ ﭜﭵﮡ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﻳﺖ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﮅ ﺍﭴڪﻠﻬﻪ ﻭڏﻥ ﺳﻮﺭﻥ ۾ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻮ ﺍﺩﺭﺍڪ ﺿﺮﻭﺭ ﺭﮐﺠﺎﻥﺀِ ۽ ﺍﻥ ﺟﻮ ڪﻴﺘﺮﻭ ﭜﺮﺟﻬﻠﻮ ﭤﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﺍﻫﻮ ﺗﻮﻻﺀِ ﻫڪ ﺁﺯﻣﺎﺋﺶ ﺁﻫﻲ . ﺁﺋﻮﻥ ﭴﺎﮢﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﮔﻬٽ ۽ ﭔﻮﺳٽ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺁﺯﺍﺩ ﻓﻀﺎ ﺟﻲ ﻭﺍﺩﻱ ۾ ﭘﻴﺮ ﭘﺎﺗﻮ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﺠﺎﻥ ﺗﻪ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﭘﭥﺮﻳﻠﻲ ﻣٽﻲ ﺟﻴﺎﻥ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﺩﻟﻴﻮﻥ ﭘﭥﺮ ﺟﻮﻥ ﺍﭤﺌﻲ، ﺳﭝﻨﻴﺠﻮ ﻧﻪ ﺳﻬﻲ ﭘﺮ ﺍڪﺜﺮﻳﺖ ﺍﺋﻴﻦ ﺍﭤﺌﻲ . ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻓﻴﻨﻴٽﺴﻲ ﺟﻲ ﻭﺭ ﭼڙﻫﮡ ۽ ﺯﻟﻒ ﺟﺎﻧﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﺳﻴﺮﻱ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺮﮠ ﺍﮖ ڪﺠﻬﻪ ﺳﻮﭼﺠﺎﺋﻴﻦ ﺿﺮﻭﺭ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺳﺎﻗﻲ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﭔﻴﺎ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﻭڏﺍ ﺁﺭٽﺴٽ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﻓﻴﻨٽﻴﺴﻲ ﻫﭥﺎﻥ ﻣﺎﺕ ﮐﺎﺋﻲ ﻭﻳﺎ . ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﻋﺰﻳﺰ ﭘﻠﻲ ﺟﻴڪﻮ ﮔﻬﻤﻨﺪڙ ﭰﺮﻧﺪڙ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ ﻫﻮ، ﻫﻮ ﺟﻴڪﻮ ﻭﻳﺴﺮٽ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﭘﺴﻔڪ ﺳﻤﻨڊ ﻫﻮ، ﻫﻮ ﺑﻪ ﻓﻴﻨﻴٽﺴﻲ ﺟﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ﭜﺎڪﺮ ۾ ﭜڪﻮڙﺟﻲ ﻭﻳﻮ، ﻭﮄﻳڪ ﻣﺮﺿﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﺁﻫﻴﻦ . ﻫﻲ ڪﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ ﺟﻴڪﻮ ﺁﺋﻮﻥ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﺎﻳﺎﻥ . ﺁﺧﺮ ۾ ﺗﻮﻥ ﻻﺀِ ڪﺠﻬﻪ ڪﺘﺎﺑﻨﺠﺎ ﺗﺤﻔﺎ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻫﺒﺮﻱ ۽ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ڪﻨﺪﺍ ﺍﻫﻲ ڪﺘﺎﺏ ﺗﺎﺭﻳﺦ، ﺍﺩﺏ ﺳﻤﺎﺝ، ﻧﻔﺴﻴﺎﺕ، ﺳﻴﺎﺳﻴﺎﺕ ۽ ﻓﺴﻠﻔﻲ ﺟﺎ ﺷﺮﻭﻋﺎﺗﻲ ڪﺘﺎﺏ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺗﻮﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﺭﺳﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﺎﮠ ﭘڙﻫﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻲ ﻣﻮﻥ ﻭٽﺎﻥ ﮐﮣﻨﺪﻭ ﻭﭸﺠﺎﻥ . ڪﻼﺱ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﮔﻲ ﺳﺎﻥ ﺍٽﻴﻨڊ ڪﺠﺎﻥ ۽ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺟﻲ ﻋﺰﺕ ۽ ﺍﺣﺘﺮﺍﻡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺋٽﻦ ﺟﻴﺎﻥ ڪﺠﺎﻥ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺷﻴڊﻭﻝ ﭠﺎﻫﺠﺎﺋﻴﻦ ۽ ﺍﻥ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﺠﺎﻥ، ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﭜﻞ ﺍﻥ ﮐﻲ ﭘﭡﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀڏﺟﺎﺋﻴﻦ، ﻭﻗﺖ ڪﮃﻱ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﻭﺍﺭﻥ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻣﺎﮘﻦ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻮ ﺳﻴﺮ ﺳﻔﺮ ۽ ﺑﺰﺭﮔﻦ ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﻫﺎﮢﻴﻮﻥ ڪﺠﺎﻥﺀِ ۽ ﻫﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺑﺎﺑﺎ ﺟﺎ ﭼﻴﻞ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺟﻬڪﺎﺋﻲ ﻫﻠﺠﺎﻥﺀِ ۽ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺧﺮﺍﺏ ﻋﻠﺖ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﺍﻣڙ ﺟﺎ ﭼﻴﻞ ﺍﻟﻔﺎﻅ ﺗﻪ ﭘٽڙﺍ ﺗﻪ ” ﺗﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ٽ ﺁﻫﻴﻦ ﺗﻮﻥ ﻭﺍﻋﺪﻭ ڪﺮ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺧﺮﺍﺏ ﻋﻠﺖ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻳﻦ “. ﺍﻫﻴڪﻴﻞ ﻭﭼﻦ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﺠﺎﻥ ۽ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻭﻳﻨﺪﻱ . ﺍﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺑﻪ ﺿﺮﻭﺭ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﺠﺎﻥ ﺗﻪ ﺟﻴڪﻲ ﻭﺍﻋﺪﻭ ﻭﭼﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﺗﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺳﺎﺩﻱ، ﺳﻠﻮﮢﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺮﻱ ﺁﻳﻮ ﺁﻫﻴﻦ ﻫﺘﺎﻥ ﻫﺘﻲ ﺍﭼﻲ ﮔﻠﻴﻤﺮ ﺟﻲ ﮄﭔﮡ ۾ ﻧﻪ ﭰﺎﺳﻲ ﻭﭸﻴﻦ ﺍﻥ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ ﺑﻨﺎ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻭﺍﺭﻱ ﮀﻮڪﺮﻱ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺻﺪﺍﺋﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﺳﺎﻧﮃﻱ ﺭﮐﺠﺎﻥ .

ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﻧﻪ ﻭﭶ

ﺟﻲﺀَ ﺟﻬﻮﺭﻱ ﻧﻪ ﻭﭶ

ﻣﻮﻥ ﭔﮅﻭ ﺁ ﻫﺘﻲ ﭔﻬﮙڙﻳﻮﻥ ﭤﻴﻮﻥ ﺭﻫﻦ

ﺩﻝ ﭰﺮﻳﻨﺪڙ ﮄﺭﻳﻦ ﺟﻮﻥ ﮄڙﻳﻮﻥ ﭤﻴﻮﻥ ﺭﻫﻦ

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment