Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

اسٽيفن هاڪنگ اي ايل ايس بيماريءَ سبب ڇو مري ويو؟


2018-11-13 11:46:26  84 

سنڌيڪار: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

image-1

دنيا جو مشهور فزسٽ (فزسڪس جو ماهر) اسٽيفن هاڪنگ پنهنجيءَ زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو جنهن بيماريءَ سان جهيڙيندي 76 سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏيو ويو تنهنکي، امايوٽرافڪ لئٽيرل اسڪليروسس (amyotrophic lateral sclerosis) ته مختصراً اي ايس ايل (ASL) بيماريءَ جي نالي سان سڏجي ٿو. جڏهن ته هن بيماريءَ جي حوالي سان هڪ سوال هي به پيدا ٿئي ٿو ته اسٽيفن هاڪنگ ان بيماريءَ هوندي ايترو گھڻو وقت ڪيئن زنده رهي سگهيو ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جن سبب ڪو فرد ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.

جڏهن اسٽفين هاڪنگ، 1963 ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو شاگرد هو تڏهن کيس اي ايل ايس بيماريءَ جي تشخيص ٿي جنهنکي لو گيرڪس بيماري (Lou Gehrig's disease) به سڏجي ٿو کيس ڊاڪٽرن پاران ٻڌايو ويو ته، هو ان بيماريءَ سبب رڳو ٻن سالن تائين زنده رهي سگهندو. ان بيماريءَ سبب اعصابي/تنتي سيل جن جو ڪم خودمختيار مشڪون هلائڻ، چٻاڙڻ، گهمڻ، ڳالهائڻ ۽ ساه کڻڻ ٿئي ٿو آهستي آهستي ناقص ٿي مري وڃن ٿا. اميريڪا جي نئشنل انسٽيٽيوٽ آف نيوراجيڪل ڊس آرڊرس اينڊ اسٽروڪ مطابق، جيئن ته ان بيماريءَ جو ڪو به علاج موجود ناهي ان سبب اها آخرڪار موتمار ثابت ٿئي ٿي.

جيتوڻيڪ دنيا کي هاڪنگ جي مرڻ جو ڪارڻ نه ٻڌايو ويو پر تنهن هوندي به سندس ڪٽنب پاران رڳو ايترو چيو ويو ته، هاڪنگ پنهنجي گهر ۾ پرسڪون طريقي سان فوت ٿي ويو. بي بي سيءَ سان ڳالهائيندي سندس اولاد چيو ته، اسان پنهنجي پيءُ جي مرتئي سبب انتهائي ڏکارا آهيون، جيڪو هڪ وڏو سائنسدان ۽ غيرمعمولي شخص هيو، جنهن جو سائنسي ڪم ۽ ميراث ايندڙن ڪيترن سالن تائين باقي رهندي.

اي ايل ايس بيماريءَ جي تشخيص کانپوءِ اهڙي فرد جي سراسري زندگي ٽي سال سمجهي وڃي ٿي، جڏهن ته ان لحاظ کان اسٽيفن هاڪنگ ڊگهي ڄمار ماڻيندڙ ثابت ٿيو ۽ بيماري هوندي 55 سالن تائين زنده رهيو. جيتوڻيڪ ڪير به ٻڌائي نٿو سگهي ته اسٽيفن، بيمار هوندي ايترو وقت ڪيئن زنده رهي سگهيو پر تنهن هوندي به ڪيترن سائنسدانن جو ويچار آهي ته بيماريءَ جي وگهر هر مريض ۾ مختلف نوعيت جي ٿي سگهي ٿي. انهن مان 20 سيڪڙو فرد بيماريءَ جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ پنجن سالن تائين، 10 سيڪڙو، 10 سالن تائين ۽ 5 سيڪڙو 20 سالن يا ان کان به وڌيڪ عرصي تائين زنده رهي سگهن ٿا، جڏهن ته هاڪنگ جو شمار مٿين 5 سيڪڙي ۾ ڪيو وڃي ٿو.ان کانسواءِ تشخيص وقت ان فرد جي اڍ/موروثيت ۽ عمر به اهڙي فرد جي ڄمار تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

اي ايل ايس ۾ مبتلا ڪيترا فرد ساه سرشتي جي ناڪاره ٿيڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا، اهڙي حالت تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن اهي پنهنجن ڦڦڙن مان گھربل مقدار ۾ آڪسيجن، رت کي پهچائي نٿا سگهن يا جڏهن پنهنجيءَ رت مان درست طريقي سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري نٿا سگهن. اي ايل ايس جي حالت ۾ ايئن تڏهن ٿئي ٿو جڏهن بيماريءَ سبب انهن مشڪن جو اڌرنگو ٿي پويٿو جيڪي ساه سرشتي جي ڪم تي ظابطو رکن ٿيون.

اي ايل ايس جي آخري مرحلن ۾ مريضن لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري سگهڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، جڏهن ته جسم ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گھڻي مقدار ۾ گڏ ٿيڻ سان اهڙو فرد هوش ۾ ته رهي ٿو پر گهڻو گهٽ جنهن سبب ڊگهي عرصي تائين سمهيل رهي ٿو. عام طور تي اي ايس ايل وارا مريض ننڊ ۾ ئي پرسڪون موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.

اهڙي ٻي ممڪن موتمار پيچيده بيماري نمونيا يا ڦڦڙن جي روڳ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. ڇو ته، اي ايل ايس وارن فردن ۾ ڳهڻ جي تڪليف هجڻ سبب اهي کاڌي کائڻ يا پاڻيٺ پيئڻ سميت سندن پڪ ڦڦڙن ڏانهن هلي وڃي ٿي، بقول اميريڪا جي ميو ڪلينڪ جي. نمونيا سبب ساه سرشتي جون مشڪون ايتريون ته هيڻيون ٿي وڃن ٿيون جو ان ڪري ساه سرشتو ناقص ٿي وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر 2011 ۾ لينسيٽ ۾ شايع ٿيل هڪ ريسرچ پيپر ۾ ڪيو ويو آهي.

ورلي حالتن ۾ اهڙا فرد، کاڌي جي اوڻائيءَ (malnutrition) ۽ جسم ۾ پاڻيٺ جي کوٽ سبب پڻ موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا جنهن جو ڪارڻ ڳهڻ جي ڪم تي ضابطو رکندڙ مشڪن جو درست طريقي سان ڪم نه ڪري سگهڻ هجي ٿو ته ڪي دل جي مسئلن جهڙوڪ: دل جي بيتال ڌڙڪڻ ڪري مري وڃن ٿا. هاڪنگ پنهنجن يادگيرين جي ڪتاب “ماءِ بريف هسٽري” ۾ لکي ٿو ته، جڏهن سندس اي ايل ايس بيماري جي سڃاڻپ ڪئي ويئي هئي تڏهن “مان سمجهو هو ته منهنجي حياتي پوري ٿي چڪي آهي ۽ مان ڪڏهن به اها سگهه حاصل ڪري نه سگهندس جيڪا مون ۾ هوندي هئي” بقول بي بي سيءَ جي، “پر هاڻ 50 سالن کانپوءِ مان پنهنجيءَ زندگيءَ مان بلڪل مطمئن آهيان.”

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment