Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ماتم هڪ عورت جو: هڪ ڇرڪائيندڙ ناول


2018-11-12 05:17:12  117 

اختر حفيظ

image-1

 

جيڪڏهن دنيا جي ادب مان ناول جهڙي صنف کي ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڇا بچندو؟ ته پوءِ اسين دنيا جي ڪيتري ئي شاندار ادب کان محروم ٿي وينداسين، ڇاڪاڻ ته ناول هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. جنهن ڪري دنيا ۾ اڄ به ناول هڪ مقبول ترين صنف آهي. ماڻهو جا نفسياتي مونجهارا هجن، سماجي مسئلا هجن يا وري اجتماعي مفاد هجن، اهي سمورا معاملا ناول ۾ چڱي ريت سمائي سگهجن ٿا ۽ هيستائين ناول نگارن ائين ئي ڪيو آهي.

پر ناول نگاري جيئن ته هڪ سولو ڪم ناهي، تنهنڪري ان سان نڀائڻ يا ان کي توڙ تائين پهچائڻ به ذميواري جو ڪم آهي. عمر روابيلا ارجنٽينا جو صحافي رهيو آهي، هن پنهنجي سموري حياتي ۾ هڪ ئي ناول لکيو آهي، جنهن جو نالو Requiem of a woman’s soul  آهي، جنهن کي سنڌي ۾ ننگر چنا “ماتم هڪ عورت جو” جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ناول ڇا آهي، ڄڻ ته هڪ اهڙو تشدد جو داستان آهي، جيڪو پڙهڻ سان ئي ماڻهو کي اُٻڙڪا اچڻ شروع ٿين ٿا، پر حقيقت نگاريءَ سان ڀرپور هي ناول انهن ڪردارن جو حقيقي قصو آهي، جيڪي 1970ع ۾ ارجنٽينا جي ڊيٿ اسڪواڊ ۽ فوجين جي ظلم جو شڪار ٿيا. پر انهن مزاحمتي ڪردارن تي تشدد ڪندڙ رڳو اتان جا فوجي ئي نه هئا پر پوليس وارا به رياستي ڏاڍ ۾ شامل هئا.

عمر روابيلا پنهنجو ناول لکڻ لاءِ هڪ اونوکي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي آهي. هي سموري وارتا هڪ ڊائري وسيلي بيان ڪئي وئي آهي. پر هي ٽينڪيڪ ڄڻ ته ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي. ٽارچر سيل ۾ لکيل پنن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن تي ڳالهيون ئي ناول جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن. اهي پنا فادر انتونيو کي لوئزا ڏيندي آهي، جيڪي سوزانا جا لکيل آهن ۽ جڏهن انهن کي فادر انتونيو ترتيب سان لکڻ لڳندو آهي ته اهو ناول ٺهيو وڃي.

ناول جي شروعات لوئزا پاران فادر انتونيو کي ڏنل ان ڏٻي کان ٿئي ٿي، جيڪو انهن ننڍن ننڍن ڪاغذن جي ٽڪرن سان ڀريل آهي، جيڪي ٽارچر سيل ۾وڏي اٽڪل سان لکيا ويا آهن. جنهن کان پوءِ هو ان ڊائري جو پهريون پنو پڙهڻ شروع ڪري ٿو، جيڪو 18 جنوري تي لکيو ويو هو.

“ اڄ وري منهن تي ٻوٿاڙو چاڙهي، مون کي انهيءَ جاءِ تي وٺي ويا، فولادي ڏاڪا چڙهندي مون کي جيڪي دٻيل دٻيل آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، سي در کلندي ئي ٻوڏ بڻجي اٿلي پيا ۽ اندر ٽپندي ئي وري بيهي ويا.

“هي چري اچي هئي.” انهي آوز پڇيو. جنهن اڳئين ڀيري مون اڳيان رڙيون ڪري ڳالهايو هو. “گندي دهشتگرد رنڊي.”

هي ناول ان سموري ٽارچر سيل جي قصن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ اتان جي شهرين کي واڙيو ويندو آهي، جتي انهن تي سخت کان سخت تشدد ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڳورهاريون عورتون به آهن، نوجوان به آهن ته اڌڙوٽ ڄمار جا ماڻهو به آهن. پر فوجي وحشين جيان انهن ماڻهن تي طرحين طرحين جو تشدد ڪندا رهن ٿا، هر اهو انسانيت سوز ظلم انهن تي ڪيو وڃي ٿو، جيڪو انهن جي زندگي کسيندو رهي ٿو. بجلي جا جهٽڪا هڻڻ، جهير ڏيڻ، ڪاڙهي ۾ اگهاڙو ڪري بيهارڻ کان وٺي نازڪ عضوون ۾ مختلف شيون وجهڻ کان وٺي ايترو ڪجهه ڪيو وڃي ٿو جو ناول پڙهڻ وقت اهي سڀ منظر اکين آڏو نظر اچڻ لڳن ٿا.

سوزانا نوجوان ڇوڪريءَ آهي، جيڪا هن ناول جي مُک ڪردار آهي، سندس مڱيندو نيستور آهي، جيڪي ڊاڪٽري پاس ڪري چڪو آهي، پر هڪ ڏينهن سندن گهر تي فوجي ڪاهه ڪري، سوزانا کي پاڻ سان وٺي وڃن ٿا ۽ اتي جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، ان جو داستان هن ناول ۾ سمايل آهي. هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪري ڪهڙي ريت هڪ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿي وقت گذاري ٿي، هر قسم جو تشدد سهندي به هوءَ همت نٿي هاري ۽ پنهنجي لاءِ اتي ڪهڙي ريت وندر جو سامان هٿ ڪري ٿي. اهي سڀ شيون هڪ ناول نگار جي ڪاريگري آهن، جن وسيلي هو پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ اهڙي لکڻي فراهم ڪري ٿو، جو پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو دنگ رهجيو وڃي.

جتي هن ناول ۾ تشدد جا الڳ الڳ سين بيان ڪيا ويا آهن، اتي عمر روابيلا جو مشاهدو به ڏسڻ وٽان آهي، جيئن هڪ فوجي لاءِ لکي ٿو ته هو هنداڻو کائي رهيو هو ته جيستائين هن ٻج پئي ٿڪيو تيستائين سندس نظرون پيڇو ڪنديون رهيون. پادري انتونيو پنهنجي خطبي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي حوصلو ڏئي ٿو پر هو به انهن رياستي فوجين جي نظرن ۾ اچي وڃي ٿو ۽ کيس ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿئي ٿو ته ماڻهن کي ائين گم ڪرڻ غير اخلاقي عمل آهي پر هن لاءِ به رستا سوڙها ڪيا وڃن ٿا.

ناول جو هڪ اهم ترين ڪردار لوئزا آهن، جيڪا ٽارچر سيل ۾ چري هجڻ جو ناٽڪ ڪندي آهي پر اصل ۾ هوءَ چريءَ هجڻ واريون حرڪتون پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن سنگتياڻين کي بچائڻ لاءِ ڪندي آهي. اها ئي پهرين عورت هوندي آهي، جيڪا سوزانا جي سيل ۾ هڪ سوراخ مان ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو موڪليندي آهي، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي “سورهيائي ۽ همت”. تنهن کان پوءِ اهو سلسلو وڌيڪ تيز ٿيڻ لڳي ٿو.

اهڙي ريت لوئزا سوزانا کي چرين واريون حرڪتون ڪندي، ڪي اشارا ڪندي آهي، جن جو مطلب فقط اهي پاڻ ئي سمجهي سگهن ٿيون، جن ۾ جيڪڏهن هو چئن آڱرين جو سلام ٺاهي ٿي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته کيس چار پنا اڄ هٿ آيا آهن.

پر ٽارچر سيل ۾ ويل ماڻهو گهڻو ڪري موت جو گرهه ئي ٿي ويندا آهن. سوزانا کي به اهو ويساهه هوندو آهي ته هوءَ به هڪ ڏينهن مري ويندي. کانئس سندس مڱيندي نيستور جو پڇيو ويندو آهي پر هوءَ نه ٻڌائيندي آهي، اهڙي ريت هڪ ڏينهن سندس ڀر واري لوهي پلنگ تي نيستور ئي هن سان ڪنجهندي نظر ايندو آهي.

فادر انتونيو ڊائري جا ورق اتاريندو رهندو آهي، اهو فيصلو ڪندو آهي ته سوزانا جي ماءُ پيءُ سان ملاقات ڪري، تنهنڪري هو ان جي شهر ڏانهن روانو ٿي ويندو آهي. جڏهن هو اتي پهچندو آهي ته سوزانا جي ماءُ کيس ٻڌائيندي آهي ته سندس مڙس رڳو ماٺ ڪريو ويٺو هوندو آهي ۽ هڪ برني کي پيو ڏسندو آهي. فادر انتونيو هن ڏانهن وڃي ٿو.

“هي ڇا آهي؟” مون سوزانا جي ماءُ کان پڇيو

“ڏيکارينس، هن کي ڏيکار”.  ان کان اڳ جو هوءَ عورت ڪو جوانب ڏئي سوزان جو والد پنهنجي ان وٺجي ويل حالت مان نڪري آيو.

“نه ايڊوارڊو نه، ڌڻي جو سونهن ٿئي نه.” هوءَ ٻڏائڻ لڳي.

مان برني ڏي وڌي ويس، برني کنيم ان کي ڏسڻ لڳس.

مان اڃا وڌيڪ حيران ٿي ويم. جڏهن ان جي اندر ڪنهن ڌاتوءَ واري وٿ جو، برني جي شيشي سان ٽڪرائجڻ جو کڙڪو ٻڌم. برني منهنجي هٿ مان ڪرندي ڪرندي بچي. مان الٽي ڪرڻ وارو هئس.

ان جي اندر ٻه هٿ هئا. جن کي ڪرائي کان ڪپيو ويو هو. هڪڙي هٿ جي ٻاچ ۾ منڊي هئي. اهي ٻئي هٿ ان رتائين پاڻياٺ ۾ تري رهيا هئا. ڄڻ ته ڪنهن ڀوائتي رقص ۾ حالت ۾ هجن. ان آڱر ۾ جيڪا منڊي هئي سا سوزانا جي مڱڻيءَ جي منڊي هئي.”

هي ناول جي پڄاڻي آهي، جنهن کان پوءِ فادر انتونيو چريو ٿي وڃي ٿو ۽ کيس علاج لاءِ پاڳل خاني موڪليو وڃي ٿو. پر ناول پنهنجي پلاٽ ڪهاڻي ۽ موضوع جي حساب سان ايترو ته شاهڪار آهي جو ان کي هر هر پڙهڻ تي دل چوي ٿي. عمر روابيلا گم ٿيل ماڻهن جو داستان ايتري ته عاليشان نموني بيان ڪيو آهي جو ناول پڙهڻ کان پوءِ واه واه ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment