Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

شهباز شريف جي گرفتاريءَ کان پوءِ جنم وٺندڙ سوال


2018-10-05 12:02:57  114 

علي زاهد

image-1

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي جڏهن احتساب عدالت پاران قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي، تڏهن ملڪ ۾ 2018 وارين چونڊن جون تياريون زور شور سان هلي رهيون هيون، نواز شريف ملڪ واپس آيو، ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيو، ننڍي جهاز ۾ اسلام آباد نيو ويو، اتان پوءِ اڊيالا جيل ۾ قيد ڪيو ويو. چونڊون ٿي ويون ۽ جيڪو اسڪرپٽ لکيو ويو هو ان تحت تحريڪ انصاف آزاد ميمبرن ۽ ٻين ڪجھ ننڍين پارٽين سان گڏجي سادي اڪثريت سان حڪومت جوڙي ورتي. ڪجھ وقت لاءِ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ر صفدر کي جيل جي هوا کارائڻ کان پوءِ عدالتي فيصلي تحت ضمانت تي آزاد ڪيو ويو جنهن کي مسلم ليگ نون پنهنجي وڏي سوڀ تصور ڪيو، جيتوڻيڪ نواز شريف کي سزا ٻڌائي قيد ۾ رکڻ مان جيڪي مقصد ماڻڻا هئا اهي اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومتي ڌر ماڻي ورتا.

هن وقت صورتحال اها آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ضمني چونڊن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ان دوران ڪالھ قومي احتساب بيورو (نيب ) آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي ڪالھ نيب طلب ڪيو هو، ۽ هو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نيب لاهور جي آفيس پهتو هو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو. نيب طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي باضابطا گرفتار لاءِ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان به رابطو ڪيو ويو، نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب شهباز شريف کي اڄ احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ويندو. شهباز شريف کان پاڇا ڳاڇا ڪندڙ نيب جي ٽي رڪني ٽيم ۾ پراسيڪيوشن، انويسٽي گيشن ۽ انٽيليجنس جا ماڻهو شامل آهن جيڪي کائنس واٽر فلٽر پلانٽ ۽ چار ارب رپين جي گھوٻهين بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن.

شهباز شريف کي آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ان ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پرنسيپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نيب اڳ ئي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو. ذريعن موجب نيب فواد حسن فواد جي انڪشافن کان پوءِ شهباز شريف کي گرفتار ڪيو آهي جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته ڪالھ فواد حسن فواد کي شهباز شيرف جي پيشيءَ دوران سندس آمهون سامهون ويهاريو ويو. جنهن دوران چيو ٿو وڃي ته فواد حسن فواد، شهباز شريف کي چيو ته ”ميان صاحب جيڪو اوهان چوندا هئا مان اهو ڪندو رهيس.“

ذريعن جو چوڻ آهي ته شهاباز شريف تي چار الزام لڳايا ويا آهن، هن پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان آشيانا اسڪيم جو پروجيڪٽ پي ايل ڊي سي کان ڦري ايل ڊي اي کي ڏنو، ٻيو الزام اهو آهي ته اهو پروجيڪٽ ٻيهر ايل ڊي اي کان ڦري پي ايل ڊي سي کي غير قانوني طور ڏنيڻ جا حڪم ڏنا. ٽيون الزام اهو لڳايو ويو آهي ته هن اهو پروجيڪٽ وري پيراگون ڪمپني کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو، وري ٻيهر غير قانوني حڪمن وسيلي ساڳيو پروجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. شهباز شريف تي چوٿون الزام اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته هن غيرقانوني طور بورڊ جي مامرن ۾ مداخلت ڪئي، ۽ قانون کي پٺي ڏيندي فيصلا ڪيا. هن 2013 ۾ لطيف سنز سان ٿيل حڪومتي معاهدي کي غيرقانوني طور تي رد ڪيو.

نيب جيڪي به الزام لڳايا آهن انهن بابت تفصيلي ڄاڻ ته اڄ تڏهن پوندي جڏهن شهباز شريف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پر هن وقت ڳالھ اهم اها آهي ته شهابز شريف جي گرفتاري سياسي حلقن توڙي عام ماڻهن اندر هڪ نموني جي بيچيني ۽ اضتراب پيدا ڪري وئي آهي. سندس گرفتاريءَ کان پوءِ ڪيترا ئي سوال اڀا ٿي ويا آهن، خاص ڪري جهڙي نموني کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ان کي تجزيا ڪندڙ ملڪ جي پارليامينٽ جي توحين قرار ڏئي رهيا آهن، اهو چوٻول عام آهي ته جيڪڏهن نيب کي شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻو ئي هيو ته پوءِ پهرين کيس نوٽيس ڏنو وڃي ها يا هائوس اريسٽ ڪري پوءِ ڪا ڪاروائي ڪئي وڃي ها جنهن دوران هو پنهنجي قانوني ماهرن کان ڪا مدد وٺي سگهيو ٿي، پر هڪ ڪيس جي پيشيءَ لاءِ گهرائي کيس گرفتار ڪرڻ اهو به ملڪ جي تمام وڏي اداري ۽ معزز اداري قومي اسمبليءَ جي ميمبر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اهڙي نموني گرفتار ڪرڻ خود نيب ۽ هاڻوڪي حڪومت جي احتساب واري عمل تي آنڱريون اڀيون ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان مسلم ليگ نون پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ” قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ اسمبليءَ جي ميمبر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي گرفتاري غير قانوني آهي.“ جيتوڻيڪ نيب پاران ان گرفتاريءَ بابت چيو پيو وڃي ته نيب قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر کي اهڙي گرفتاريءَ لاءِ اڳواٽ خط لکي ڄاڻ ڏني هئي پر اها ڄاڻ خبر ناهي ڇو پارليامينٽ جي ميمبرن کان ڳجهي رکي وئي.

شهباز شريف جي گرفتاريءَ کان ترت پوءِ حڪومت جو بيان پڻ ڪيترا ئي سوال اڀا ڪري ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو اهو چوڻ ته نيب آزاد آهي ۽ سندس احتساب واري عمل سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي البته نيب کي حڪومت جي ڪنهن به سپورٽ جي ضرورت پئي ته حڪومت نيب سان گڏ هوندي، شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ وڌيڪ وڏيون گرفتاريون ٿيڻ جو اشارو ڏيندي هن چيو ته هي ته پهرين گرفتاري ٿي آهي، اڃان وڌيڪ وڏيون گرفتاريون ڪيون وينديون. احستاب وارو سلسلو وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪرپشن خلاف حڪومت جي زيروٽالرنس پاليسي آهي. هوڏانهن  پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض چوهاڻ جو ان حوالي سان چوڻ هو ته خادمِ اعليٰ کي ڪيل خدمتن جو ثمر ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اڳوڻي حڪومت جا ٻيا ڪرپشن عنصر به جلد جيل ۾ هوندا. عوام کي خوشخبريون ملڻ جي موسم شروع ٿي وئي آهي.

جڏهن فواد چوڌري ۽ فياض چوهاڻ چواڻي ته نيب هڪ آزاد ۽ خود مختيار ادارو آهي ۽ ان تي حڪومت جو ڪو به وس ناهي ته پوءِ فواد چوڌري صاحب ۽ فياض چوهاڻ صاحب اهڙيون اسٽيٽمنٽن ڪيئن پيا ڏئين جيڪي نيب کي ڏيڻ گهرجن، ان سان گڏ سندن اهو چوڻ ته ايندڙ وقت ۾ ٻيون به گرفتاريون ٿينديون ته ڇا ان بيان مان اهو تاثر نه پيو ملي ته نيب حڪومت جي چوڻ ۾ آهي يا حڪومت نيب کي ڊڪٽيٽ ڪري رهي آهي. يا حڪومت نيب کي پنهنجي ڊائريڪشن ۾ هلائڻ لاءِ پنهنجا اثر استعمال ڪري رهي آهي.

شهباز شريف جي گرفتاريءَ تي پيپلز پارٽيءَ جو ردعمل پڻ اهميت جوڳو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاھ چيو آهي ته ”شهباز شريف جي گرفتاري جنهن انداز ۾ ڪئي وئي آهي اها پارليامينٽ جي توهين آهي. اسين اهڙي عمل جي مزمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت انتقامي ڪارواين کان پاسو ڪري، پنهنجي 100 ڏينهن واري پروگرام جي ناڪاميءَ تي حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي.“

شهباز شريف جي گرفتاري هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن ضمني چونڊون مٿان آهن ۽ اهي ان ڪري به اهم آهن جو عمران خان وٽ حڪومت ۾ 4 سيٽن جي اڪثريت آهي، هاڻ ڇا به ٿي پوي جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي پنهنجي حڪومت بچائڻي آهي ته کيس ضمني چونڊن ۾ اڪثريت سان سيٽون کٽڻيون پونديون، شڪست جي صورت ۾ تحريڪ انصاف لاءِ پنهنجي حڪومت تي پڪڙ مضبوط رکڻ ڏکيو ٿي پوندو ان لاءِ ممڪن آهي ته عام چونڊن دوران جهڙي نموني نوازشريف کي ڪاٺ ۾ واڙي من پسند مقصد ماڻيا ويا هئا اهڙيءَ طرح ضمني چونڊن کان اڳ شهباز شريف کي قيد ڪري طئي ٿيل ٽارگيٽس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هجي. ڇو ته نواز شريف اڳ ئي سياست توڙي پارٽيءَ جي اڳواڻي سنڀالڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي، مريم نواز پڻ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي، هاڻي ممڪنه طور تي مسلم ليگ اندر شهباز شريف جي گرفتاريءَ کان پوءِ پارٽيءَ جي قائم مقام صدر جي حوالي سان ڪو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. اهي به امڪان آهن ته مسلم ليگ نون کي سياسي حوالي سان منتشر ڪرڻ، پارٽيءَ اندر ڏار پيدا ڪرڻ، قيادت جو بحران پيدا ڪري ميمبرن ۽ اڳواڻن کي ويڙهائڻ جي ڪا پلاننگ ڪئي وئي هجي.

شهباز شريف جي گرفتاريءَ جو هڪڙو ٻيو به رخ ٿي سگهي ٿو جنهن کي پڻ رد نٿو ڪري سگهجي، ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طاهرالقادري ۽ وزير اعظم عمران خان جي فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي هئي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته قادري صاحب وزير اعظم کي ماڊل ٽائون سانحي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ميارون ڏنيون هيون جنهن تي وزير اعظم قادري صاحب کي خاطري ڪرائي هئي ته فڪر نه ڪيو، سڀ ڪجھ ٿيندو. جيئن ته قادري صاحب ۽ عمران خان جي جوڙي ماضيءَ ۾ ڪنٽينر جي احتجاجن کان وٺي نواز حڪومت خلاف جلسن جلوسن ۽ ٻين احتجاجن ۾ هڪ ٻئي جي ڀرجهلي رهي آهي ان ڪري قادري صاحب جي وزير اعظم کي ميار ٺهي به پئي، مٿان وري عمران خان کي قادري صاحب جي ضد ۽ ڏمر جو به پتو آهي، اها به خبر آهي ته قادري صاحب جي چڙيو ته پوءِ سندس حڪومت لاءِ به مسئلا ۽ مونجهارا جنمي سگهي ٿو سو ممڪن آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪڙو سبب اهو به هجي، ڇو ته قادري صاحب جن ٻارنهن ماڻهن جي گرفتارين تي زور ڀري رهيو آهي انهن ۾ شهباز شريف پهرئين نمبر تي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو شهباز شريف جي گرفتايءَ کان ترت پوءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جو بيان به سامهون اچي ويو جنهن ۾ چيو ويو ته: ”اسان هاڻ شهباز شريف جي ماڊل ٽائون سانحي ۾ گرفتاري جا منتظر آهيون. “

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment