Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

متبادل تاريخ تي لکيل ناول ۽ ڪتاب


2018-10-01 11:56:52  118 

ٽريسا پريسٽن

image-1

ڇا ٿئي ها جيڪڏهن يورپي امريڪا نه اچن ها. جيڪڏهن جرمني ٻي عالمي جنگ نه کٽي ها. جيڪڏهن نيپولينڪ جنگ ۾ جادوگر هجن يا آدمخور امريڪي گهرو جنگ ۾ هجن ها. اهڙي قسم جي ڇرڪائيندڙ سوالن کي متبادل تاريخ جا ڪتاب ڦلهوريندا آهن. پنهنجي دنيا ۾ ويهي پر بنا ماٺ جي اهي ڪتاب اسان کي پنهنجو ماضي ڏسڻ جو گس ڏين ٿا ۽ ڪنهن وقت پنهنجن اکين سان اسان جو حال به ٻڌائين ٿا.

هيٺ ڏنل ڪتاب ۽ انهن جو سلسلو فقط ڪجهه تاريخ جي تخليقي ڦلهور جا مثال آهن. جن مان ڪي حقيقي دنيا ۾ ٿيا آهن پر ان انداز سان جنهن ۾ ماضي جا واقعا الڳ نموني پيش ٿيا ۽ ڪن ۾ فئنٽسي جو عنصر متعارف ڪرايو ويو ۽ سوچيو ويو ته ڪهڙي ريت تاريخ الڳ ٿلڳ هوندي، جيڪڏهن فئنٽسي حقيقت تي ٻڌل هجي ها. پر انهن سڀني جو تعلق ان ئي سوال سان آهي ته ”جيڪڏهن هيئن هجي“.

دي ايئرز آف رائس ائنڊ سالـٽ ــ ڪم سٽينلي روبنسن

ڪارو طاعون يورپ جي آبادي ۾ پکڙي ويو. پر جيڪڏهن اهو بنهه خراب هجي ها ته، هي ناول ان منظر کي بيان ڪري ٿو جنهن ۾ 99 سيڪڙو يورپي مري وڃن ٿا ۽ فقط مسلمان ۽ چيني ڪلچر دنيا کي ڪنٽرول ڪن ٿا.

رولڊ برٽينه ــ هيري ٽرٽليڊو

هن ناول جي سيٽنگ 1597ع واري آهي، جڏهن بادشاهه فلپ اسپين وارو برطانيه جو حاڪم هوندو آهي، هي ناول اسان کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن وليم شيڪسپيئر کي اهو موقعو ڏنو وڃي ٿو ته اهو تبديلي لاءِ ڪجهه سياسي لکي، اهو شايد اتان جي عوام کي پنهنجي قيد ٿيل راڻي ۽ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم لاءِ اڀاري ٿو.

ايور فيئرــ نسي شوال

هي ناول هڪ متبادل تاريخ پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ برطانيه جو هڪ انسان دوست ٽولو ڪجهه زمين آفريڪا ۾ بهتر ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وٺي ٿو، آفريڪا وارن لاءِ محفوظ ٺڪاڻو، جيڪي ليوپوڊ بادشاهه جي حاڪميت کان ڪانگو مان ڀڄي نڪرن ٿا، جيڪي اڳ ۾ امريڪا ۾ غلام ڪيا ويا هئا. هڪ ڪتاب نئين دور جي ڪارانيڪل تاريخ آهي.

 دي مئن ان دي هاءِ ڪيسل ــ فلپ ڪي ڊڪ

اهو سوال وڏي اهميت وارو آهي ته هي دنيا ڪيئن هجي ها، جيڪڏهن ٻي عالمي جنگ جرمني کٽي وڃي ها ۽ دي مئن ان دي هاءِ ڪيسل انهن سمورن ڪتابن مان مشهور ڪتاب آهي، جيڪو ان سوال جو جواب ڏئي ٿو. ان ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته امريڪا جاپان ۽ جرمني تي حڪومت ڪري ٿو. جنهن ۾ هڪ نيوٽرل زون آهي، هي ڪتاب ٿورو جهول وارو آهي پر اهو ڪلاسڪ لکيو وڃي ٿو.

پلاٽ اگينسٽ امريڪا ــ فلپ راٿ

بحيثيت پهرين ترجمان جي امريڪا فرسٽ ڪميٽي چارلس لنڊبرگ امريڪا جي ٻي عالمي جنگ ۾ مداخلت تي ڳالهايو هو ۽ ڪي سمجهن ٿا هو نازين جو همدرد هو. هي ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن 1940ع ۾ فرينڪلن روزويلٽ صدارتي چونڊون هارائي وڃي ها ته.

دي سمال چانس ٽرالاجي ــ جو والٽن

پهريون ناول فارٿنگ 1949ع واري سيٽنگ ۾ آهي، جنهن ۾ انگلينڊ هٽلر سان جنگ ڪرڻ بدران امن قائم ڪيو. هن ناول جي شروعات هڪ قتل کان ٿئي ٿي، هي ناول هڪ مسٽري لڳي ٿو. ان ئي ناول جو ڪردار انسپيڪٽر ڪارمائيڪل جيڪو فارٿنگ ۾ قتل جي جاچ ڪري ٿو. انهي ۾ هو انگلينڊ کي وڌيڪ اونداهي دور ۾ ٻڏندي ڏسي ٿو.

دي يادش پوليس مئنز يونين ــ مائيڪل ڪابن

مائيڪل ڪابن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري زندگي کي الڳ نموني ڏسي ٿو، جيئن ته هو ڏسي ٿو، هو ستڪا، الاسڪا ۾ يهودين جو هڪ ضلعو تصوراتي طور اڏي ٿو. جڏهن اسرائيل جي نئين ٺاهيل رياست تباهه ٿي وڃي ٿي. سٺ سالن کان پوءِ اهو ضلعو الاسڪا وارن کي ملي ٿو.

ناٽس ائنڊ ڪراسس ــ مالراءِ بليڪ مئن

هي واءِ اي سيريز جيڪا ناٽس ۽ ڪراسس کان شروع ٿئي ٿي، اها 21 صدي جي برطانيه جي  سيٽنگ تي آڌاريل آهي، جڏهن ڪئين صديون اڳ آفريڪين کي يورپين غلام بڻايو هو. هاڻ  غلامي ختم ٿي چڪي آهي پر علحيدگي موجود آهي ۽ نسلي ميل جول منع آهي.

فئنٽسي تي ٻڌل متبادل تاريخ جا ڪتاب

اسپرٽ واڪر سيريز ــ ڪيٽ ايليوٽ

هي سيريز هڪ جادو کان شروع  ٿئي ٿي، جنهن ۾ 19هين صدي جو برف وارو اهو زمانو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ختم ئي نٿو ٿئي. جنهن ۾ دنيا جي طاقت جو توازن تبديل ٿئي ٿو.

جوناٿن اسٽرينج ائنڊ مسٽر نوريل ــ سوسانا ڪلارڪ

جڏهن نيپولينڪ جنگين ۾ جادو واپس اچي وڃي ٿو ته ٻن جادوگرن کي اختيار ملي ٿو ۽ انهن جا عمل تاريخ جي ڌارا کي ئي تبديل ڪريو ڇڏين. سوسانا ڪلارڪ نه فقط هڪ متبادل تاريخ جو ورزن پيش ڪيو آهي جنهن حقيقي جادو آهي پر هوءَ هڪ 19هين صدي جي اسٽائيل ۾ لکي ٿي ۽ هڪ مڪمل دنيا پيش ڪري ٿي.

انڊر گرائونڊ ريل روڊ ــ ڪولسن وائيٽ هيڊ

ڪولسن وائيٽ هيڊ انڊر گرائونڊ ريل روڊ کي ٻيهر تصوراتي نموني ڏسي ٿو، جيئن غلام بڻايل ماڻهن کي آزادي ڏياري سگهجي. ڪورا ۽ سيزر جارجيا ۾ هڪ انڊر گرائونڊ ٽرين ۾ چڙهن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ مختلف هنڌن تي بيهندا وڃن ٿا. جتي اهي مختلف قسمن جي ظلمن کي  ڏسندا وڃن ٿا، جيڪي امريڪا جي تاريخ ۾ موجود رهيا آهن.

ڊيڊ نيشن ــ  جسٽينا آرلينڊ

هن ناول ۾ ڏيکاريل آهي ته گهرو ويڙهه دوران زومبيز نڪري اچن ٿا. غلامي جيئن ته ختم ٿي چڪي هوندي آهي، پر نوجوان ڪارا ۽ اصلوڪا امريڪي زومبيز سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ته جيئن دولتمند اڇن کي تحفظ ڏئي سگهن.

ميڪنگ هسٽري ــ اسٽيفن فراءِ

هن ناول ۾ هڪ فزڪس جو ماهر ۽ تاريخدان ٽائيم مشين ٺاهي هٽلر جي ڄمڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ائين ڪندي اهي پنهنجي هڪ ٻي متبادل تاريخ جوڙين ٿا، جنهن ۾ هٽلر جو ڪو وجود ناهي. پر تنهن هوندي به فاشزم ختم نٿو ٿئي.

ٽائو ٽرالاجي ــ ويسلي چو

هن ٽرالاجي جي شروعات دي لائيوز آف ٽائو کان ٿئي ٿي. هن سيريز ۾ ڏيکاريل آهي ته خلائي مخلوق ڌرتي تي هزارين سال اڳ لهي چڪي آهي ۽ اهي انسانن کي پنهنجي وس ۾ ڪندي هڪ گهرو ويڙهه ڪن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment