Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ڊيمن واري سياست


2018-09-25 09:26:40  108 

اختر حفيظ

image-1

 

سنڌ جڏهن به پنهنجو پاڻي وارو ڪيس پنجاب آڏو پيش ڪيو آهي ته اهو سدائين ان کي ڪن لاٽار ڪندو رهيو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم هيٺ ساليانو 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ واري معاهدي کي پنجاب ڪڏهن به ڪنهن ليکي ۾ نه آندو. اڄ صورتحال اها آهي جو سمورو انڊس ڊيلٽا تباهه حالي جو شڪار آهي ۽ سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي پاڻي جو زيان سمجهيو ويندو آهي.

هن وقت جڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي ڪلهن تي ڊيم اڏڻ وارو بار کنيو آهي ته هو ان ڳالهه کي به بار بار ورجائيندو رهي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم تان هٿ نه کنيو آهي بلڪه ان کي به اڏيو ويندو. اهو هڪ اهڙو تڪراري منصوبو آهي، جنهن تي پنجاب کان سواءِ ڪوبه صوبو راضي ناهي. جڏهن ته هن ملڪ جو نئون وزيراعظم عمران خان ڊيم اڏڻ لاءِ چندو گڏ ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي هو وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪڻي رهيو آهي ته ٻئي پاسي چندو گڏ ڪري ڊيم اڏڻ جو ارادو رکي ٿو.

ان سموري ماحول ۾ اردو ميڊيا به ان مهم تي لڳل آهي ته ڪنهن به ريت ڊيم اڏيا وڃن ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اڳيان هلي پاڻي جو وڏو بحران اچي سگهي ٿو ۽ ڊيم ان ڪري اڏڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ پاڻي جمع ڪري سگهجي. پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پاڻيءَ جو بحران حل ڪرڻ آهي يا پاڻي جو هڪ مناسب مقدار سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ان ايڪو سسٽم کي بچائڻ وڌيڪ ضروري آهي، جنهن تي سنڌ جا لکين ماڻهو ڀاڙين ٿا. تصور ڪريو جيڪڏهن اهو ساڳيو سمنڊ پنجاب ۾ هجي ها ۽ اتي جيڪڏهن پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ضروري هجي ها ته اردو ميڊيا کان وٺي اسان جا ڪجهه سياستدان ڪڏهن به اها ڳالهه نه ڪن ها ته ملڪ ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. پر جيئن ته هي سنڌ ۽ سنڌين جو معاملو آهي تنهنڪري پنجاب کي اهو پاڻي ضايع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

ميڊيا ڪيتري آزاد هوندي آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته ان کي ڪهڙي لائين تي لڳايو ويندو آهي ته اها ڪهڙي ريت پرچار ڪندي رهي آهي. ان جو ان شيءِ سان واسطو نه هوندو آهي ته اهو معاملو ڪيترو غلط يا ڪيترو صحيح آهي. جيئن هن وقت اسين اردو ميڊيا کي ڏسي رهيا آهن. جنهن وٽ رڳو اهو ئي موقف آهي ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿيندو هجي ته دنيا ۾ جيڪي ڊيلٽا ٺهيا آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ هن وقت ماحولي ماهر ڇو زور ڏئي رهيا هجن ها. اسان کي اهو ته ٻڌايو وڃي ٿو ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي پر اسان کي اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته جيڪو پاڻي گهرن توڙي ٻاهر ماڻهو پاڻ ضايع ڪندا آهن، ان کي ڪهڙي ريت بچايو وڃي. ڪهڙي ريت اهو سمورو پاڻي بچائي اسين لکين ماڻهن کي پاڻي پهچائي سگهون ٿا.

ڊاڪٽر حسن عباس کي گهڻُو ڪري اسين سڀ اڄڪلهه ٽي وي تي ٻڌي رهيا آهيون. جيڪو نه فقط ڊيمن جو مخالف آهي بلڪه هو اهو به سمجهي ٿو ته ڊيم اصل ۾ سياسي معاملو آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي ميڊيا اسان کي اهو ته ٻڌائي ٿي ته مختلف ملڪن ۾ هيترا ڊيم اڏيا ويا آهن پر اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ملڪن وڏا وڏا ڊيم ڊاهي به ڇڏيا آهن. تنهنڪري سموري ڪيس کي ايمانداري سان پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت جڏهن وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ته اها ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهي ته سنڌو درياهه تي وڌ کان وڌ ڊيم اڏيا وڃن.

جيڪي ماڻهو ڪالاباغ بدران ڀاشا ڊيم اڏڻ تي راضي آهن، انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به قسم جو ڊيم وري به سنڌي ماڻهن جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ئي اڏيو ويندو. ان سان سنڌ کي وري به نقصان ئي ٿيندو. اردو ميڊيا توڙي عوام آڏو جيڪو ڊيمن وارو معاملو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهو پورو سچ ناهي بلڪه هڪ اڻپورو سچ آهي، جنهن کي بار بار ايتري زوردار طريقي سان پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهو ماڻهن کي پورو سچ لڳي ٿو.

چيف جسٽس ڊيم تي چوڪيداري به ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڇا کيس ايتري خبر آهي ته جتي جتي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي، اهي اڄ مري رهيا آهن ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. ڊيمن جي اڏاوت جي باري ۾ جيڪڏهن ملڪ واسين کي پورو سچ ٻڌائي ان جي فائدن کان وڌيڪ ٿيندڙ نقصانن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ته هڪ عام ماڻهو جو موقف به تبديل ٿيڻ ۾ گهڻي دير نه لڳندي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment