شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ٿر ڄائي خودڪشي ڇوٿي ڪري


صبح 06 لڳي 02 منٽ -سومر 17 Sep 2018  640 
image-1

خودڪشي ڪرڻ توڙي جو عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. عالمي سطح تي اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن. جنهن کي صحت جو مسئلو قرار ڏنو پيو وڃي. ۽ ان جا خاص سبب ذميوارين جو تعين ڪرڻ ان کي نڀائڻ نه نڀائڻ اسٽيٽس، ۽ طاقت اهم آهي. ان کان سواءِ شادي شده هجڻ، نه هجڻ، عليهدگي، طلاقون، عبارشن پڻ اهم آهن. آمريڪا جي سماج ۾ خودڪشي ڪرڻ وارو رجحان جو مين سبب گهريلو تشدد آهي. ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن برازيل ۾ 48%، ايجپٽ ۾ 61%، انڊونيشيا ۾ 11% ۽ فلپائن 28% آهي.

پاڻي هڪڙي ويلي جي سُٺي ماني، مناسب خوراڪ، سماجي انصاف ٿر ڄائي لاءِ هيل تائين وڏا سوال رهيا آهن جن سوالن جا جواب ڳوليندي هُو نه ئي ٿڪي ۽ نه ئي مايوس ٿي آهي. هُن انهي اين جي اوز جي عورت ڪارڪن کي ويم جي سورن دوران آزمايو آهي. جنهن کيس شهر تائين کڻي هلڻ لاءِ اهو جواب ڏنو ته اهو اسان جي تنظيم جي پاليسي ۾ ناهي ته اسان ٻي ڪنهن کي گاڏين ۾ ويهاريون کيس اهو به پڪ هجي ٿي ته تنظيم جي آفيسر جي ميڊم لاءِ گاڏي ڪٿي ڪٿي ٿي وڃي.

ٿر جي ڪُل ايراضي 22000 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي. جيڪا اٺن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي جيڪي وٽ، مهراڻو، سامروٽي، ونگو، پارڪر، ڍٽ ، ڪنٺو ۽ کاروڙ آهن. جڏهن ته 22 چورس ڪلو ميٽر ۾ جابلو سلسلو ڪارونجهر موجود آهي ماهرن موجب هتي گاهن، ٻوٽن ۽ وڻن جا 162 قسم ٿين ٿا. جن ۾ ڪنڊيون، کٻڙ(ڄار)، ٻٻر، ٻير، ڦوڳ، ڪونڀٽ، روهيڙو، گُگرال، ٻانئوري، ڪرڙ، ٿوهر، سِڻِ، ٻوهه، اڪ، ديوي، کِپِ، ڊامڻ، ڀُرٽ، سيڻ، ڊامون، مُرٽ، ويڪر، ٽوهه، ويسوني ۽ ترڪنـٺي وغيرآهن.

 لوڻ، معدنيات ۾ ڪوئلو، چائنا ڪلي، گرينائيٽ جو گهڻو مقدار موجود آهي، جڏهن ته انساني آبادي 15 لک ۽ چوپائي مال جو تعداد 40 لک کان مٿي آهي.

ڏڪار وارين حالتن ۾ ٿاريليون ڪوهين پند ڪري جيڪو پاڻي ڀري اچن ٿيون اهو صحت جي عالمي اصولن تحت صحيح ناهي ۽ اهو پاڻي 89% ناقابل استعمال آهي هي ٿر جا ماڻهو اڪثر اهو پاڻي پئيڻ تي مجبور آهن جنهن ۾ نمڪيات جي شرح 5000 پي پي ايم آهي جڏهن ته صحت جي عالمي اداري موجب پيئڻ جي پاڻي ۾ نمڪيات جي اها شرح 1500 پي پي ايم تائين هجڻ گهرجي

سماجي حلقن جي سروي موجب ٿر ۾ غُربت، بيروزگاري، اڻهوند مڙسن جي تشدد، گهرو اڻبت سبب ٿر ۾ هيل تائين خودڪشين جي شرح مردن ۾ (2014ع ڌاري) 47 ۽ عورتن ۾ 44% رهي آهي.

سندس ڄم سنڌي سماج وانگر ڪئين سوال ٿو هجي ڳالهه هلندي اهڙي انداز ۾ آهي. ۽ چيو ويندو آهي وري چٽي آئي نه کارڪ نه پتاشو، نه ڳڙهه، ۽ نه ئي تاري ڀت، نه ئي ڪو مٺائي، نه ئي ڪو دوهل ڌماڪو. جئين پُٺ جي پيدائش تي خوشيون ڪيون وڃن ٿيون اڪثر اُهي عورتون ۽ والدين ان ڳالهه کي مڃين ٿا ته جيترو ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن لاءِ ڌيءَ ٿي ڪري اوترو پُٽ نه، رلڪو، چتونئڙو، مورکي لاءِ ڳانا، ٽوئنر، سگها ٻڌڻ ۽ ٻانهن کي پشم وغيره ٻڌڻ جهڙا رواج به ٻٽا آهن. پُٽ لاءِ وڏيون خوشيون ٿين ٿيون. ڪپڙي لٽي، ڪم ڪار، سلوڪ ۽ روين ۾ ڌيءَ ويچاري بڻجي، وقت سان گڏ وڌندي ۽ گهر جو جلو (ڪم ڪار) ڪندي رهندي اعليٰ تعليم سندس خواب ئي رهجي ٿو وڃي.

توڙي جو ٿر جي غربت، بُک بدحالي، ڏُڪار، بهارون توڙي وسڪارا ٿر ڄائي جي سماجي زندگي تي وڌيڪ اثر اندار ٿيندا رهيا آهن. اُتي زندگي متعلق رويا ۽ خيال رکيا وڃن ٿا. جيڪي ڏينهون ڏينهن ٿر ڄائي جي خودڪشي واري رجحان کي هوا ڏيندا رهيا آهن. پٽيل پائي، مال، ٻني ٻارو، گهر کي ٺاهڻ، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي سڀلائڻ لاءِ انهن مردن جا رويا جيڪي سراسري طور تي 35 کان 40 روپيه دهاڙي ڪمائي جا ملڪ آهن. سي انهي عمل کي وڏو چيلينج تصور ڪن ٿا جيڪا اوهان جي ذهنيت کي ظاهر ٿي ڪري.

خودڪشي ڪندڙ ٿر ڄاين جو تعلق اڪثر ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، قومن مان گهڻو آهي. جن لاءِ هن 21 صدي ۾ به ميرجزلا، هندو ميريج بل به سواليه بڻيل آهن. خودڪشي جا سبب غُربت، پسماندگي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تشدد سماجي ۽ نفسياتي اثر، بيروزگاري، خرچي نه ملڻ، پيارو جو پرڻو، دماغي توازن، مڙس جو تشدد، بيجوڙ شاديون، صحت متعلق رويا، ٽوڙان فيڻان، مقامي علاج فيصلا سازي ۾ عورتن جي شرڪت، زميندارن جو ظلم ۽ تشدد روايتي وسيلن جو گهٽ هجڻ خاص آهن.

ان سان گڏ نياڻين جو وڪرو ، ڀتن، پوتن ۽ اليڪشن جي موقعن تي انساني ناتن جي ڇڄڻ جا واقعا، گئوچر زمين ۽ ٻنين جا تڪرار به ٿيندا رهيا آهن. جنهن ڪري ٿر ڄائي گهڻو ڀوڳيو آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment