شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

ريگستان جي جهاز اُٺ جو نسل خطري ۾


صبح 08 لڳي 18 منٽ -آچر 16 Sep 2018  213 
image-1

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻو ڪري انسانن سان گڏ ڪي جانور جن کي وهٽ ڍور وغيره نالن سان سڏيو وڃي ٿو سي گڏوگڏ گذارين ٿا، انهن ۾ سواري لاءِ اُٺ، گهوڙا، خچر ۽ گڏهه ڪم ايندا آهن ۽ ٻيو آهي چؤپايو مال، جنهن ۾ وري مينهن، ڳئون/ ڍڳي، ٻڪري ۽ رڍ اچي ٿيون وڃن. انهن سمورن جانورن ۾ اٺ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ۽ بار کڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اٺ پنهنجي ٿوهي ۾ چرٻيءَ جو ذخيرو استعمال ڪندو آهي. جڏهن پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ هجي، تڏهن اهو جسم جو وزن 40 سيڪڙو تائين وڃائيندو آهي ۽ ٻين پالتو جانورن جي ڀيٽ ۾ (ٿڌين حالت ۾ پاڻي پيئڻ کان سواءِ ڇهه ست مهينا) وڌيڪ زندهه رهي سگهي ٿو. گرميءَ ۾ ان جي جسم جي گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آهي ۽ پاڻي بچائڻ لاءِ پگهر گهٽجي ويندو آهي. اٺ گهڻن ئي کارن ۽ ڪنڊر قسمن جو گاهه به چري ٿو.

مٿيون چپ ٻه ڦاڪو اٿس، چرڻ مهل اهو ٽيڙي ڇڏيندو آهي. اٺ هڏاوان پڃرا به رڙڪي ويندو آهي. ننڍي وڳ ۾ ڏسبو آهي جنهن ۾ هڪ نر، ڪيئي ماديون ۽ ٻچا هوندا آهن. نر پنهنجي گروهه کي بچائڻ لاءِ ٽپا ڏيندو، وڙهندو ۽ چڪ وجهندو آهي ۽ دشمن کي ڀڄائي ڪڍندو آهي. هن اٺ جا رنگ هلڪي ڀوري کان وٺي ناسي ۽ ڪاري تائين گهڻائي ٿيندا آهن. اٺ گاهه، وڻن جا پن ۽ ميوات کائي ويندو آهي. مادي 370 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ هڪ ٻچو ڏيندي آهي. قدبت جي حساب سان ننڍو پڇ، ننڍا ڪن، ڊگهي ڳچي، ڊگهيون ٽنگون، تراکڙا گول ۽ چيريل پير اٿس، جن سان واريءَ ۾ سولو هلي ٿو.

اٺ بار برداري، سواري ۽ زمين کيڙڻ ۽ نار وغيره ۾ هلائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. حلال جانور آهي، ماڻهو ان جو گوشت ۽ کير واپرائيندا آهن. ڄَٽ مان کٿا ٺاهيندا آهن. سياري جو اُٺ مست ٿيندو آهي ته تارون وات مان ٻاهر ڪڍي ڀڀڪيون ڏيندو آهي، ان آواز کي ڀڀڪي يا ڳوڙي چوندا آهن. هن جي آواز کي ’ڪڻڪڻ‘ چئبو آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته طبي لحاظ کان اُٺ جو گوشت، گرم خشڪ اثر رکي ٿو. ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏئي ٿو. اٺن جو کير به پئجي ٿو ڇاڪاڻ ته اُٺ حلال جانور آهي. هن جو کير ٻرهال جي بيماري جنهن ۾ پيٽ گهڻو ٻاهري نڪري ايندو آهي لاءِ اڪسير هوندو آهي. چؤپائي مال جا نرَ جن کي وري پاڏا، سانهه، ڍڳا، ڏاند ۽ ڍڳا، ٻڪر گهيٽا وغيره ڪوٺيو ٿو وڃي، تن جو گوشت ذبح ڪرڻ کانپوءِ مسلمان ۽ ٻيون قومون کائين ٿيون. سواري وارن وهٽن جون ماديون به سواري جي ڪم اينديون آهن.

اُٺ به پالتو جانور آهي. هن جي ماديءَ کي اُٺ، ڏاچي، ڏاگهي، اُٺڻي، ناق وغيره نالن سان ڪوٺيو ويندو آهي. اُٺڻي ڦرجڻ کان پوءِ ٻارهين مهيني ويامندي آهي. گهڻو ڪري سياري جي موسم ۾ ڦربي آهي ۽ وري سياري ۾ ئي ويامندي آهي. کيرڌائڪ ڦر کي گؤنرو، پوءِ کيرو، پوءِ اٿور، جنهن کير پيئڻ ڇڏيو هجي، پوءِ سرل، پوءِ ڪنواٽ، پوءِ توڏو، آخر ۾ ٻُور اُٺ چون. ڄمار موجب ٻه ڏندو ٻهاڻو يا دوڪ (ٻن ورهين ڄمار جو) چئو ڏندو يا چوڳو (چئن ورهين جو) پانجاريو (پنجن ورهين جو) ڇٺ، ڇڳو، ڇهه ڏندور (ڇهن ورهين جو) اٺن ورهين کان پوءِ نڪتل ڏند ڀڄي پوندا اٿس ۽ وري انهن جي جاءِ تي ٻيا ڏند نڪرندا اٿس. پراڻي زماني ۾ سنڌ ۾ اُٺ گاڏيون ڪونه هونديون هيون، جنهن جو 19 هين صدي ۾ رواج پيو آهي ۽ مڪرانين ئي هتي اُهي گاڏيون سڀ کان پهرين هلايون. اُٺ گاڏيءَ ۾ اُٺ کي جوٽڻ کان اڳ اکين تي کوپا چاڙهين، مدهوءَ تي کڙائُو، ڪاٺي يا هنو رکن.

اهو هنو اوڏن جي مٽيءَ کڻڻ واري ڪجائي وانگر ابتو رکيل يا ڏاڪائين رهل وانگر پر ابتو رکيل هوندو آهي، هيٺان پنڊي هوندي اٿس، جنهن ۾ بارڪش لڳل هوندا آهن، جن ۾ گاڏيءَ جا پول جوٽن جي سنگهرن سميت اچي گڏجن ٿا. انهن کي سوگهي رکڻ لاءِ پڇ وٽان ۽ پيٽ وٽان وڍيون ڇِڪِي ٻڌندا اٿس. گاڏي خود هڪ مستطيل تختو جنهن جا ٿورا پاسا اُٿيل ٿين موٽر وارن رٻڙ جي ڦيٿن تي سراين مٿان رکيل هوندي آهي. اڄڪلهه اُٺن جي قيمت هزارن کان به وڌي وئي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اَٺ لک اُٺ ٿيندا. اُٺن جي ويهڻ جي جاءِ کي جهوڪ ۽ مسافريءَ وارن اٺن جي ويهڻ جي جاءِ کي کوڙي ڪوٺين. اُٺ جي آواز کي گوڙ يا گڙ ۽ هن جي ڇيڻي کي ليڏوڻا، پولڻا ۽ ڦولڻا چيو وڃي ٿوُ. اٺن کي گهڻن ئي نالن سان سڃاتو ويندو آهي شاهه ڀٽائي جي رسالي مان ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام مان اُٺن جا جيڪي نالا مليا آهن سي هيءُ آهن: ڏاگهو، چانگو، توڏو، موڏو، روڏو، ليڙو، ڪرهو، پالهه (ٻن ٿوهن واري اُٺن جو نالو، جي آڳاٽي زماني ۾ به سنڌ ۾ موجود هئا)، بودو، بوتو، ميو ۽ بعير ۽ شُتر، گهڻن اٺن جي گڏ هجڻ يا اوٺي ڌڻ کي وڳ (گلو/گائو) چوندا آهن. اُٺن چارڻ واري کي اوٺار نالي سان سڏين.

فوٽو: علي مراد چانڊيو

اُٺن جي ليٽڻ جي جاءِ کي آليٽ ۽ ويهڻ جي جاءِ کي جهوڪ ڪوٺين. ڍاٽي اُٺ ڍٽ يا ٿر جي ڍٽ واري حصي جي اُٺن ڍاٽي سڏيو وڃي ٿو. اُهي ڊگها سنهڙا، رنگ جا ڀورا، ڏسڻ ۾ سهڻا ۽ هلڻ ۾ تکا هوندا آهن. ٿر جون ڊٻون يا ڀٽون، جي سوين فوٽ اتانهيون آهن، تن تان لهي ۽ چڙهي ويندا آهن. اهي اُٺ کارائي، ڪارا، وار گهنديدار، هنن جا ڪياڙ وڏا ۽ ويڪرا ٿين. سنڌي اٺ، ڳرا وڏا، رنگ جا ڳاڙها ٿوٿان، بار ڍوئڻ جو ڪم، نارن ۽ هرلن ۾ وهن، سواريءَ جي لاءِ پڇ ٻڌي مهري ڪبو اٿن. طاقت ۾ مڙن اٺن کان گهڻا آهن. اُٺ پور ڳاڙهي، ڪاري، بگي، سائي ۽ ڪڻڪائي رنگجا ٿين ٿا. ڪم ڪار وارن اُٺن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جن ۾ هڪڙا مهري، جن تي سواري ڪئي ويندي آهي، ٻيا لاڏو جن تي بار ڍويو ويندو آهي، ٽيان وهو، جي نارن، هرلن، چيچڙن، جانڊاهين، گهاڻن ۽ گاڏين ۾ وهندا آهن. اُٺن کي پنڌ سيکاري مهري يعني سواري ڪرڻ جي لائق بڻايو ويندو آهي. اُٺن جي هڪليندڙ ۽ سيکاريندڙ کي جت ڪوٺيو ويندو آهي. اسان جي ديس ۾ هيءُ ماڻهو هوشيار پنڌ ڏيندڙ يا جت آهن اُٺ جي پنڌ کي ٽور به چئبو آهي، جنهن ۾ وک، وچڙال، قدم، لُرَ، پوزر، ۽ ڀاڄ يعني سراڙيَ هلڻ جا قسم اچي وڃن ٿا. جڏهن ته اٺن کي شوق وچان سينگاريو پڻ ويندو آهي. مهري اُٺ کي سنجڻ مهل اُٺ کي ساج (ساز) يعني (سينگار واريون شيون) به وجهندا آهن: جهڙوڪ: ٻوٿ تي چانديءَ يا سٽ جو نقطو يا مهرو، ڳچيءَ ۾ جنوئي جيڪا ٽڪنڊي تائيٿن جي قطار، سٽ جي ڏوريءَ ۾ پوتل سڄي گردن کي ڦري ايندي آهي. جنهن جي وچ ۾ هڪڙو چانديءَجو جهاٻو پيو لڙڪندو آهي، هن کي گوهر به چوندا آهن، ٻيون چانديءَ جون روپيون ڳانيون، موتين جون سهيليون، سرون ۽ لڙهيون جڙت جڙيل، ڀرت ڀريل هونديون آهن ۽ ڪن تي گهنگهريون ۽ ٽؤنر ٽانڪيل هوندا آهن. اهڙا اُٺ ڪنهن گهوٽ جي سرگس يا ترگس ڪڍڻ جي سواري هيٺ يا ميلي ملاکڙي ۾ ڀڄائڻ جي بهاري واسطي شوقين ماڻهو سينگاري چڙهندا آهن. اٺ کي سينگارڻ لاءِ ٻوٿ تي، ڏاس مان ٺهيل موڙ، جن تي ڪوڏيون ۽ ٽؤنر به ڏانڪيل هوندا آهن، اهي مکراڻي وانگي ٻوٿ تي پکڙي بيهندا آهن. ڳچيءَ ۾ ڪوڏن سان ڳانيون، ڳانڍيا، ٽليون، ٽلا، پيٽ جي پاسن کان پٽهڙن وارا جهاٻا ۽ تليارا، جن کي تريارا به چون ۽ گوڏن مٿان ڇيرون به ٻڌندا آهن، جن جي چمڪي تي اُٺ مگن ٿيو پيو هلندو آهي. بارکڻڻ لاءِ پهريائين اُٺ جي پٺيءَ تي ٽپڙ، ان جي مٿان پلاڻ رکيو ويندو آهي. پلاڻ، هڪ چؤڪنڊياري شڪل جو سنج آنڪو يعني قبر وانگر مٿي اُٿيل ٿو ٿئي ۽ ٿوهي کي گهيرو ڪري بيهندو آهي.

اهو، ڪاريگر ڪانههَ سٽي ڪُٽي اُن ۾ وجهي اينڊ يا بوتو ڀريندا آهن. ان جي مٿان کرڙي يا ڳوڻ جو پوش چاڙهين ۽ هيٺان ڳوڻ جو استر ضرور ڏين. هن جو اڳيون حصو ڀرڻي وانگر ٿورو مٿڀرو اُٿيل ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻه ڪاٺيون منڌيئڙي وانگي هڪٻئي سان آڏ پاسيريون گهڙيل ۽ سبيل رهنديون آهن، جن کي ڪتبَ ڪوٺين. اهي ٻيئي ڪاٺيون ڪشڪن يا چمڙي جي زيهن يا سوٽي پڪين ڏورين سان پاڻ ۾ ٻڌل هونديون آهن. بگهاڙين مٿان پلاڻ جي پاسن کان گول ڳنين واريون ڪاٺيون پڻ بوتي اندر ڳنڍيل رهنديون آهن. انهن ڪاٺين کي بُڄ يا بجون سڏين ۽ پلاڻ جي پوئينءَ ڪاٺيءَ کي کونٽي [ڪئونٽ] ڪوٺين. پلاڻ جي کرڙيءَ مٿان ٽِنڊ ڪاڻ ڪوڏ ۽ ٽؤنر ٽانڪين. اهو پلاڻ، ٽپڙ مٿان رکي، هيٺان پيٽ سان پٽهڙ يا تنگ سان ڇڪي قابو ڪن ۽ پوءِ ان مٿان ڀرڪيون، اناج جون ڳوڻيون رکي لڏين. ڪي پرده نشين عورتون جڏهن ڪيڏانهن وڃن ته پلاڻ تي پوش سان ڪجاوا رکائي مٿان انهن تي چڙهي شادي مرادي تي وڃن،. ڪجاوا بنان پوش به اُٺن تي ٻڌبا آهن. اُٺ گهڻو ڪري نارن، هرلن، گهاڻن، چيچڙن، جانڊاهين ۽ اُٺ گاڏين ۾ جوٽيا ويندا آهن. ٿر واري حصي ۾ اُٺن سان هرَ به ڪڍندا آهن ۽ ٿر جا هندو ڀاڀڙا شادين ۾ سرگس اٺن تي ڪڍن ۽ ڀيرون رکي وڄائين.

اُٺ کي نار يا هرلي جي ڳاڌيءَ اڳيان بيهاري، اکين تي کوپا چاڙهي مٿان وال - ڏيڍ ڪپڙي جي پٽي، جنهن کي ”اکياڙي“ سڏين سا کوپن تي رکي، ڪياڙيءَ پٺيان ڇڪي ٻڌي ڇڏين، جيئن ڪجهه به ڏسي نه سگهي ۽ پڙ تي پيو وهي. ڪنڌ مٿان مدُهوءَ تي ٺٺ رکندس، جنهن ۾ پنڊي يا پيڙهو، جنهن مٿان ڪاٺ جون چڪڙيون جڪڙيل هونديون آهن، انهن ۾ کَپ کَپ ٿيل هوندا آهن، جن کپن جي وچ ۾ ڳاڌيءَ جون ڪنڍون ڦاسائي رکن، پيٽ کان تنگ وانگي هڪ چمڙي جي وڍي ڇڪي ڪُنڍن کي بلائتو ڪندا ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنڌاٽ وجهي ڪندس آسرو الله جو. اُٺ کٻڙ، ڄار، نم، ٻٻر کائيندو آهي ۽ جي مالڪ ڪو گاهه ڪري ڏنس ته اهو به ڪين ڇڏيندو. جنهن ۾ بصر جا پن، ڄانڀو، سرنهه لڪ کڙڪتر به کائي ويندو آهي.

هيءُ حلال جانور آهي، هن کي ذبح ڪري هن جو گوشت ماڻهو کائيندا آهن، پر اسان جي سنڌ ۾ اُٺ جو گوشت ماڻهو ڪونه کائين. ڪي ماڻهو اُٺين جو کير ڄمائي ڌؤنرو ڪن، جنهن کي ”اُست“ سڏين ۽ اڻ ڄاول کير کي آخڪي چون. اُٺ توڙي ان جي ڏاچيءَ کان ساڳيو ڪم ورتو ويندو آهي، يعني سواري، بار لڏڻ، سنجڻ ۽ جوٽڻ جو. ڏاچيءَ جي ويامڻ کان پوءِ هن جو کير ته ماڻهو کائيندا آهن، پر اهو نڪو ڪاڙهبو آهي، نڪي ڄمائي ڌؤنرو ڪبو آهي. اهو کير ٻرهل ۽ هيانچي واري ماڻهوءَ کي ماتا جي بيماريءَ کي ظاهر ڪرڻ واسطي پياريو ويندو آهي. هن کي اوٺو کير ڪوٺين.اُٺ پنڌ ڪري ٿڪجي ايندو آهي، ته جت ان کي ڳڙ پاڻيءَ ۾ ڳاري ۽ لوڻ ملائي پياريندو آهي، ته ٿڪ ڀڄي پوندو اٿس. اُٺ کي پيٽ ۾ ٻه کليون ٿينديون آهن. جڏهن به پاڻي پيئڻ جو وجهه لڳندو اٿس، ته ٻيئي کليون يا اوجهريون پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندو آهي ۽ مچندو آهي، ته ٿوهي تي چرٻي وري ويندي اٿس. ٻٽي ڏينهن ڪٿي جي چارو يا پاڻي نه ملندو اٿس، ته ٿوهي جي چرٻي ۽ ٻيءَ کليءَ جو پاڻي اندران ئي اندر ڳاري پنهنجي ڪتب آڻي جياپو ڪندو آهي. هن کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ به ڪري ڪوٺين.

ان جو ڪارڻ هيءَ آهي، ته رڻپٽ يا صحرا ۾ مُسافري ڪندي، جي مسافرن کي ويجهيءَ ڇڪ ۾ پاڻي ڀوا نه هوندي آهي، ته هڪڙي اُٺ کي ڪهي انجي کليءَ مان پاڻي ڪڍي پي مرڻ کان بچندا آهن. اُٺ قافلن جي صورت ۾ تمام گهڻو سامان کڻي، پري پري جا مفاصلا ۽ منزلون پٽيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ لاريون، گاڏيون ۽ جهاز وغيره ڪين هئا. اُٺ راڳ جو به شوقين آهي. سنڌ ۾ ٻيلهڻ جي گيت ڳائڻ تي رات جو تکو هلندو ۽ گهڻو پنڌ ڪندو آهي. سياري ۾ اُٺن کي مستي ٿيندي آهي، وات مان گجوڙ پيا ڪرندا اٿن ۽ ڏند پيا ڪرٽيندا آهن.

اهڙن اُٺن کي مست اُٺ سڏين. اها مستي گهڻي شهوت کان ٿيندي اٿن. اهڙن اٺن کي پيرن ۾ نير پيڪڙا يا پيند زيريون يا ڏاوڻ، بغلن ۾ بغليون لوهه جون ۽ ونگ وجهي سوگهو ڪندا آهن. ٻوٿ تي ٻوچو يا ٽنگڙو ٻڌي ڇڏين ته چڪ نه هڻي. اُٺ کي مختلف قسمن جو بيماريون لڳنديون آهن جن ۾ ڇالي، اک جي مٿان ڳوڙهو نڪري پوندو اٿس، پوزو، پوڄو، يا پوڄن، پير مٿان ڳوڙهو نڪرندو اٿس پر اهو جڏهن ڦاٽي پوندو آهي، تڏهن ان کي ”راڦو“، ڪوٺين. ڏورو يا ماڇو، پوئين ٽنگ ۾ سيٽ ٿئي، ٽنگ ورائي هلي نه سگهندو آهي، رندو، اُٺ جي قبضيءَ کي ڪوٺين، هن ۾ چهنبدار پولڻا پيٽ مان نڪرندا اٿس. گر، پٽڙيون، زڪام ڪڇ لڳڻ، بڊَ يعني ڪوڙي لڳڻ، گگهي يعني گهٽو، کنڀ واءُ، ڪمري، هن بيماريءَ ۾ ڏڪي ڏڪي مس مس اُٺ اٿندو آهي. کرڪارو، بندجي پوڻ، ٿاٻو وغيره بيماريون ٿين. خفتين وٽ انهن جا علاج به موجود هوندا آهن. اُوڙو، اها اٺ جي بيماري آهي، جنهن ۾ ٽنگن ۽ ڪوڙي جي وچ وٽ پيٽ ۾ ڳوڙهو نڪرندو اٿس. اُڇلو، اها بيماري جنهن ۾ ”بکو“ يا دُڏو يعني پوئين ڄنگهن جو مٿيون حصو ويندي پٺيءَ تائين پيو ڏڪندو آهي. بغلي، اُٺ جي اها بيماري آهي، جنهن ۾ اُٺ جي رانَ پيٽ سان گسي گسي ڦٽ ڪري وجهندي آهي. جيتوڻيڪ جانورن ۾ اٺ جي هڪ پنهنجي الڳ حيثيت آهي، پر سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري اٺ جو نسل هاڻوڪي دور ۾ ختم ٿي رهيو آهي، جيڪو انتهائيندڙ ڏکوئيندڙ آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment