شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

هاليجي ڍنڍ تي هڪ نظر


صبح 11 لڳي 55 منٽ -سومر 10 Sep 2018  253 
image-1

سنڌ جو هيٺاهين وارو علائقو جنهن کي لاڙ پڻ چئيو ويندو آهي. هي علائقو درياه جي پڇاڙ ۾ موجود آهي. 

اسين ماڻهون لاڙ جا درياه جي پڇاڙ جا اترڙو ٿو لڳي، 

سنڌو درياه مختلف وقتن تي پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيوآهي چون ٿا جڏهن تيرهين صدي ۾ درياه بادشاه پنهنجو وهڪرو گھاري مان بدلائي ڪلري ڏانهن رخ رکيو ان زماني ۾ مڪلي ۽ ٺٽي جون ٽڪريون هڪ خوبصورت ٻيٽ جو ڏيک ڏينديون هيون.

درياه جي رخ بدلائڻ ڪري پراڻن وهڪرن ۾ جتي جتي اونهائي وارا علائقا هئا اتي پاڻي بيهي رهيو ۽ ان پاڻي ۾ زمين جو سم وارو کارو پاڻي شامل ٿيندو رهيو، هن پاڻي ۾ مٺي پاڻي جي شامل نه ٿيڻ ڪري اهي ذخيرا کاري پاڻي جي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ويا. اهڙن ئي ذخيرن مان ٺٽي کان اولهندي طرف ۽ ڪراچي کان اتر اوڀرندي طرف تقريبن 85 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نهايت ئي خوبصورت هاليجي ڍنڍ موجود آهي.

فائيل فوٽو

چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي 1930 دوران ڪراچي ۾ موجود انگريز فوج کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اڻاٺ محسوس ٿي ته انهن هاليجي ڍنڍ ۾ موجود کاري پاڻي کي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو ۽ هن ڍنڍ ۾ درياه جو مٺو پاڻي فيڊر ڪئنال يا ڄام ڪئنال ذريعي ڇڏيو ويو. هاليجي کان ڪراچي تائين ڪئنال کوٽي ڪراچي کي مٺو پاڻي مهياڪري ڏنو ويو. انهي نهر کي هاڻي پڪو ڪيو ويو آهي ۽ اڄ به ڪراچي کي هن نهر ذريعي پاڻي پهچايو ويندو آهي.

هاليجي ڍنڍ ايشيا جي مٺي پاڻي جي وڏي ڍنڍ آهي. مٺي پاڻي جو تمام وڏو ذخيرو هجڻ ڪري سڄي دنيا مان تقريبن 225 مختلف قسمن جا پکي هن ڍنڍ تي هر سال نومبر کان فيبريوري تائين هن ڍنڍ کي پنهنجي محفوظ پناه گاه سمجھي ايندا آهن.

سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي هن ڍنڍ کي محفوظ پناه گاه جو درجو ڏيندي ڍنڍ کان ٻن ڪلميٽرن جي فاصلي تائين ڪنهن به قسم جي شڪار ڪرڻ يا وڻن جي واڍي تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

جڏهن اتر واءُ لڳندو آهي ۽ سرن جا پاند نسرندا آهن تڏهن دنيا جي مختلف ملڪن جا پرديسي پکي هاليجي ڍنڍ تي اچي ميڙا مچائيندا آهن. هن موسم ۾ ئي برڊ واچ فورم جا دوست به اچي هاليجي ڍنڍ تي ڪٺا ٿيندا آهن. سنڌ وائلڊ لائيف کاتي پاران ڍنڍ جي اڀرندي ڪپ تي برڊ واچ هٽس تيار ڪيا ويا آهن جن اندر ويهي پکين جي مختلف حرڪتن کي ڏسي سگھجي ٿو. اتي ٻيڙين جو انتظام پڻ آهي جن تي چڙهي ڍنڍ اندر وڃي پکين جي وڊيو رڪارڊنگ ڪري سگھجي ٿي يا ڦوٽو پڻ ڪڍي سگھجن ٿا.

هاليجي ڍنڍ تقريبن 19 ڪلوميٽرن جي ايراضي تي ڦهليل آهي. ڍنڍ ۾ پاڻي جي گھرائي 5.18 ميٽر آهي.

ڍنڍ جو منظر

وائليد لائيف کاتي پاران هاليجي ڍنڍ ۾ دلدلي مانگر مڇ پاليا ويا آهن جن جي صحيح پرورش هجڻ ڪري انهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي هاڻي اهي 100 کان به وڌيڪ تعداد ۾ هاليجي ڍنڍ ۾ موجود آهن. هتي هرڻ، ڦاڙا ۽ مور پڻ پاليا ويا آهن. 

ڍنڍ جي ڀر وارن ڳوٺن ۾وڏي مهمانوازي آهي. ڍنڍ گهمي جڏهن لاڙ جي ڳوٺن ۾ پهچبو آهي تڏهن حسن درس جون سٽون تصور ۾ تري اينديون آهن ؛

لڳي ويئي لاڙ سان لنئون اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون

اسان کي عشق سارين جئين ڇنڊي ڦوڪي کڙي ٿو پيو.

 

.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment