شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

شيخو....


صبح 01 لڳي 35 منٽ -سومر 03 Sep 2018  174 
image-1

مغل شهنشاهن، بادشاهن، راجائن، راڻين جا قصا هميشه کان وٺي اسان جي دلچسپي جو مرڪز پئي رهيا آهن. جن جي ڪارنامن سان هن ننڍي کنڊ جي تاريخ ڀري پيئي آهي. هونئن ته هي ننڍو کنڊ ٻين به گهڻين اڻ کٽ ڳالهين جي ڪري مشهور آهي، پر مغلن جي ڊگهي بادشاهت جو اثر هن ننڍي کنڊ جي اتهاس تي ائين آهي، جيئن ڪاٽن جي اڇي وڳي مٿان هاريل چانهه جو ڪوپ، جنهن کي ڪو به سرف يا صابڻ ڪڏهن به صاف نه ڪري سگهيو آهي.

مغل خاندان جي بادشاهي قصن تي ڪيئي ڊراما، ڪيئي فلمون ۽ ڪيئي ڊاڪيومينٽريز ٺهي چڪيون آهن، جن ۾ ڪم ڪندڙ ڪردارن ظهير الدين بابر کان وٺي گلزار جي ڊرامي غالب ۾ مغل خاندان جي آخري چشم چراغ بهادر شاهه ظفر تائين خوب نڀايو ۽ انهن جي جذبات جي بهتر کان بهتر عڪاسي ڪئي آهي.

مغل خاندان جي چشم و چراغن مان گهڻن تمام وڏيون سهڻيون عمارتون ٺهرايون. باغ باغيچا ٺهرايا، جن جا آثار اڄ به آگره ۾ تاج محل، هرڻ مينار ۽ لاهور ۾ باره دري ۽ بادامي باغ جي روپ ۾ اسان وٽ پاڇيءَ طور بچيل آهن.

اهي جايون ۽ باغ به وڏي ڪمائي جو ذريعو آهن. جو ماڻهو سوا گهڙي اوڏانهن جو چڪر هڻي وٺي ٿو ته مڙوئي سنسار جي ٻين ڪمن ڪارين کان آجو ٿيو پئي. جهٽ لاءِ ارڙي جي عذاب واري سنڌ، سي اين جي بحران واري مملڪت خراب ۽ ٻين مارڪيٽ ۾ آيل نون برانڊن جي عذابن مان ڇوٽڪارو مليو پوي.

فائيل فوٽو

هونئن ته سڀئي مغل بادشاهه وڏين دلچسپين جو مرڪز رهيا آهن. جن ۾ ظهير الدين بابر، جهانگير اعظم، شاهجهان، اڪبر اعظم ۽ فقراءُ طبيعت شاعر بادشاهه بهادر شاهه ظفر تاريخ دانن جي کنڀ واري قلم لاءِ تمام وڏي تاريخي مراسلي جي سامان طور هر وقت دلچسپي جو مرڪز رهيا آهن. بهادر شاهه ظفر کي ڀلي انگريز تاريخدان ڪمزور دل ۽ رياست جي معاملن کان اڻ واقف بادشاهه سڏيندا هجن، هن جي شاعراڻي ۽    Artistic طبيعت هن کي ڀل رياست جي ڏڦيڙن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو هجي، پر پنهنجي جاءِ تي هو هِڪ صوفي منش بادشاهه هو. آخري وقتن ۾ رنگون برما ۾ قيد ۽ بند جون صعوبتون سهندي گذاريائين. تڏهن به علم ۽ ادب جو دلداده رهيو. هو جيڪڏهن آخري وقت ۾ ڪوشش به ڪري ها تڏهن به ڪجهه ڪونه ٿي ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ ته مغل سلطنت جو سج لهي رهيو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني پوري ساز سامان سان هن ننڍي کنڊ کي پنهنجي واپاري ڪوٺي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي.

فائيل فوٽو

مغل خاندان جي تخت جي تاراج Topple ٿيڻ جو هڪڙو وڏو سبب اهو به هو جو انهن وٽ اقتدار جي صحيح ۽ منصفاڻي منتقلي جو ڪو سڻائو طريقو ۽ ڍنگ ڪونه هو. تنهن ڪري هنن پنهنجي ئي خاندان ۾ ترار جو ٺڪاءُ لڳائي ڏنو هو ۽ اقتدار جي نشي ۾ اچي پٽ پيءُ کي ته ڪٿي پيءُ پٽ کي ۽ ڪٿي ڀاءُ ڀاءُ کي مارائي چَٽُ ڪري ڇڏيو.

 اقتدار جي نشي جو سرور ئي اهڙو آهي جهڙو هيروئن، چرس، ڀنگ، صمد بانڊ ۽ فيشبڪي addicts  کي ٿئي ٿو. معاف ڪجو پيڪيج ڪال ۽ موبائيل  sms جا مريض هنن سان ملائي پڙهيا وڃن ته اها تاريخ جي درستگي سمجهبي، جو راوي به هن دور  جي addicts اسڪواڊ  ۾ شامل آهي ۽ ان کي ڀل ۽ چُڪ ٿيڻ تي انسانن جي قطار ۾ شامل ڪيو وڃي.

راوي کي پڙهندڙ ڀل اشرف نه سمجهن تڏهن به مخلوق  Creature جي  Species کان ٻاهر به نه ڪڍن ته اهو سندن وطن عزيز جي حڪمرانن جهڙو احسان ٿيندو.

هلو راوي اوهان جو رت پيئڻ بجاءِ هڪ دفعو وري کنڀ وارو قلم کڻي مغل خاندان جي سنهري تاريخ ڏانهن اچي ٿو.

فائيل فوٽو

 اسان کي ديس جي جانڪاري ڏيندڙ مضمونن ۾ اهو پڙهايو ويو آهي ته مغل بادشاهه جهانگير اعظم انتهائي پرهيز گار، صوم صلوات جو پابند، پرائي ڪک کان به پري هو ۽ هو ٽوپيون ٺاهي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو. بلڪل ائين جيئن سکر، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي جيلن ۾ وڏا وڏا نامي گرامي ڌاڙيل ٽوپيون ٺاهي جيلرن حوالي ڪندا آهن ۽ بدلي ۾ انهن کي موبائيل سيٽ ۽ موبائيل ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا آهن. اهو ڪٿي به ڪونه ٻڌايل آهي ته جهانگير بادشاهه پنهنجي درويش صفت سڳي ڀاءُ دارا شڪوه کي مارائي ان جي منڍي پنهنجي ئي هٿان قيد ٿيل اڪبر اعظم جي چشم و چراغ شاهجهان بادشاهه ڏانهن تحفي طور موڪلي  هئي.

ساڳئي نموني جيئن اسان وٽ وڏن وڏن ڪامورن ڏانهن بمبئي بيڪري جي ڪيڪن سان گڏ ٽينڊر ملڻ جي خوشي ۾ ڪوري يا ڪلٽس ڪار جي صورت ۾ هڪ عدد چاٻڙي سوکڙيءَ طور موڪلي ويندي آهي. جنهن جي خبر ڪنهن به اخبار جي سرخي نه ٿي سگهندي آهي!

مون کي ٽوپيون ٺاهڻ واري ڳالهه بلڪل سچي لڳندي آهي، ائين ئي جيئن تمام وڏن گهراڻن جون بيبيون ۽ بيگمات غريبن لاءِ سماجي ڀلائيءَ جون تنظيمون هلائينديون آهن. وڏين وڏين هوٽلن ۾ غريب ماڻهن تي ٺهيل ڊاڪيومينٽريز پرڏيهه مان آيل وفدن کي ڏيکارينديون آهن.

مغل خاندان جي ٻين قصن کي ٿورو سائيڊ تي رکي پاڻ اچون ٿا، شهزادي سليم عرف شيخو جي داستان محبت ڏانهن، جنهن پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڪنيز انارڪلي سان نينهن جا پيچ لڙايا هئا.

هن جو پيءُ حق تي ڪاوڙيو هو ته ڇو شهزادو سليم گهر ۾ ٿانوَ ٻهارو ڪندڙ هڪ نوڪرياڻي کي سلطنتِ هندوستان جي پٽ راڻي بڻائڻ لاءِ اجايو ضد ڪري بيهي رهيو هو. اهو واقعي تيموري خاندان جي روايتن جي بلڪل خلاف هو. شهزادي سليم عرف شيخو هڪ ڪنيز سان پيار ڪري واقعي رياست جي ڪاروهنوار ۾ رخنو وجهي ڇڏيو هو. هو ائين نه ڪري ها.

 شيخو جڏهن رياست کان ٻاهر هو ته رياست جو ڪاروبار بلڪل  Smoothly  هلي رهيو هو. شينهن ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پي رهيا هئا ۽ اقتدار جي منتقلي  transparently پنهنجي منفي انجام ڏانهن وڌي رهي هئي جو شيخو اچي سلطنتِ خداداد ۾ پهتو ۽ هڪ غريب نوڪرياڻي انارڪلي سان اعلان محبت ڪيائين جنهن تي سڄي سلطنت جو ڪاروهنوار ڊانوان ڊول ٿي ويو.

فائيل فوٽو

شهزادو سليم عرف شيخو به واقعي چريو هو. ڪل ٿڙيل سودائي هو. صفا مجنون هو، جو خواهه مخواهه هڪ ڪنيز کي خداداد رياست جي راڻي ٺاهڻ پيو چاهي. هن کي کپي ها ته هن کي پاڻ وٽ رکيل ڪري ويهاري ڇڏي ها، ويچاري پيئي هجي ها هيڏي ساري اڪبري سلطنت جي ڪنهن چبوتري نما کوليءَ ۾ يا ان سان لڪ لڪوٽي ۾ نڪاح ڪري ڇڏي ها ۽ پوءِ جڏهن دل ڀرجي وڃي ها ته وري نئون ڏينهن نئون نينهن. اسان وٽ سنڌ جي وڏن وڏن ناليوارن ڍنگ وڏيرن، ميرن، پيرن وٽ ته اهو نمونو   Pattern آهي، جنهن ذريعي پيار کي جاري ۽ ساري رکيو ويندو آهي. پر هيءُ درويش شايد ڪنهن سنڌي وڏيري جي سنگت کان محروم رهيو هو، جو هرو ڀرو هڪ ڪنيز سان پيار جو اعلان ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ هن کي پنهنجي سڳي پيءُ سان اعلانِ جنگ ڪرڻو پيو. رياست جا برج به لڏي ويا ۽ خواهه مخواهه اٿاهه لشڪر ۽ گهوڙن تي هيڏو خرچ ٿيو ۽ مائيءَ کي به بيهاري زنده ديوارن ۾ دفن ڪرائڻو پيو.

 اسان واري پيار جي نموني   Pattern of love سان مائي به بچي وڃي ها ۽ رياست ۾ ڪو بحران يا هلڙبازي   Anarchy نه ٿئي ها! انگريز تاريخدان به صفا چريا آهن، هيڏي عظيم محبت جي بانيڪار شيخو کي   Acentric چون ٿا. جيڪا ڳالهه مون جهڙي راوي جنهن جي هٿ ۾ مغلن جي عظيم تاريخ لکڻ لاءِ هڪ مور پکي جي کنڀ وارو قلم آهي ۽ موسيٰ خيل مان گهرايل سياهي آهي، لاءِ مڃڻ ڏکي آهي. آئون سوچيان ٿو ته شيخو جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ هجي ها تڏهن به ڏاڍو خوار خراب ٿئي ها.

جيڪڏهن انارڪلي کي ڪيڏانهن کڻي ڀڄي ها تڏهن به ڏچي ۾، جو هر جاءِ تي سي اين جي  Shortageآهي ۽ جي موبائيل تي ڪو پيغام پهچائي تڏهن به سورن ۾ جو راوي جي ديس ۾ هر ٻي ڏينهن موبائيل سروس بند آهي. مون کي ته لڳي ٿو راوي جي ديس جا مسئلا ڏسي ننڍي کنڊ جي مغلن جي هن چشم و چراغ کان محبت جا سڀ چڪر وسري وڃن ها.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment