شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

هڪ سٽ واري ڪهاڻي، اجايو تجربو


صبح 11 لڳي 40 منٽ -سومر 27 آگسٽ 2018  253 
image-1

 

”ڪهاڻيون منهنجي دل لاءِ رهنمائي ڪندڙ نشان جيان آهن“. هاروڪي موراڪامي

ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ڪهاڻيون لکڻ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي وڻندو آهي. جن به ماڻهن ننڍي هوندي رات ٽاڻي اونداهي ۾ يا بتيءَ جي سوجهري ۾ ٻاراڻيون آکاڻيون يا داستان ٻڌا هوندا، انهن کي اهي سموريون ڪهاڻيون گهڻو ڪري ياد هونديون. ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ ۾ جنن، پرين ۽ ديون جون وڏڙن واتان ٻڌل اهي آکاڻيون اسان کي ان ڪري به ياد رهجي وينديون آهن جو اهي داستان گوئي جا اهڙا قصا هونديون هيون، جن ۾ تصوراتي طور گهڻو ڪجهه هوندو هو ۽ ٻارن کي لڳندو هو ته اهي انهن ڪهاڻين جا ڪردار آهن.

پر جيئن ته داستان گوئي جي شڪل وقت گذرڻ سان تبديل ٿي وئي آهي، تنهنڪري هاڻ اسين اڄُوڪي دور ۾ اهي ڪهاڻيون پڙهون ٿا، جيڪي هاڻُوڪي دور جي مسئلن کي بيان ڪن ٿيون. ڪابه ڪهاڻي، جڏهن ڪو ڪهاڻيڪار لکندو آهي ته ان جي ذهن ۾ ٻه ڳالهيون ضرور هجڻ گهرجن. هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو فن ۽ ٻيو ڪهاڻي ۾ بيان ڪيل تصور يعني ان جي افسانوي شڪل. جيڪڏهن ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ اهي ٻه عنصر شامل نه آهن ته پوءِ اها ڪهاڻي رُکي ۽ بي چسي ٿي ويندي يا ان جي صورت ئي ڪهاڻي واري نه رهندي. تنهنڪري ضروري آهي ته هڪ ڪهاڻيڪار وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن ضرور هجي.

هن وقت سنڌي ڪهاڻي ۾ به ڪئين تجربا ٿي رهيا آهن، جن مان هڪ سٽ واري ڪهاڻي وارو تجربو به اسان کي نظر اچي رهيو آهي. پر اها شيءِ هتان جي ايجاد ناهي بلڪه اسان تائين پهتي آهي ۽ اهو ضروري ناهي ته جيڪو تجربو يورپ يا ڪنهن ٻي دنيا ۾ ٿيو هجي، ان کي هرڀرو ساراهيو به وڃي يا اهو دليل ڏنو وڃي ته يورپ وارا اهڙيون شيون لکي رهيا آهن، ان ڪري اسان تي اهو فرض ٿي پيو. يورپ جي ليکڪن به ڪئين ردي شيون لکيون آهن. تنهنڪري هڪ سٽ واري ڪهاڻي وارو معاملو به ڪجهه اهڙو ئي آهي.

پهرين ته اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته جيڪا سٽ واري ڪهاڻي لکي پئي وڃي، اهو ڪو جملو آهي يا وري هڪ جملو ئي ڪهاڻي ڪري پيش ڪيو ويو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اهو ڪهاڻيءَ جي بيان ڪيل عنصرن تي پورو لهي ئي نٿو.

ڪجهه هڪ سٽيون ڪهاڻيون، جيڪي ٻاهرين ليکڪن لکيون آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن:

”هڪ ڀيرو اسين وري اوپرا آهيون پر هن ڀيري يادگيرين سان“ - مناوشي بترا

هن پڇيو ”تون هندو آهين يا مسلمان“

جواب آيو، ”آئون بکيو آهيان“ - پرڀات سنگهه

”تون مون تي ويساهه ڇو نٿو ڪرين؟ هن ٽائيپ ڪيو

۽ ٻنهي همراهن کي موڪلي ڇڏيو“ - نشانت چوهان

”رانگ نمبر... هڪ ڄاتل سڃاتل آواز چيو“ - اڀينو تياگي

هاڻي انهن سٽن کي ڪهاڻي سمجهيو وڃي ٿو پر اهو ڪيئن طئي ٿيندو ته اهي ڪهاڻيون آهن يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڊائيلاگ آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ نثر جي صورت ۾ لکيل سٽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿي. پر جيستائين ان ۾ ڪهاڻي وارا سمورا جز شامل نه آهن ته اها ڪهاڻي نٿي سگهي.

اڄ اسان وٽ به سنڌي جا ڪجهه ليکڪ ڪهاڻيءَ سان اهڙي قسم جو ويل ڪري رهيا آهن. جن وٽ هڪ سٽ واري ڪهاڻي لکڻ جو جواز اهو آهي ته ماڻهن وٽ جيئن ته وقت جي کوٽ آهي، تنهنڪري اهي مختصر ترين پڙهڻ چاهين ٿا. اهي سنڌي ماڻهن وٽ وقت جي کوٽ کي ائين بيان ڪندا آهن، جيئن سنڌي ماڻهو سائنس جي نئين ايجادن ۾ مصروف آهي، اهو ڪولمبس وانگر ڪو نئون امريڪا ڳولڻ لاءِ نڪري پيو آهي، يا ناسا جهڙو ڪو ادارو جوڙي مريخ جهڙي جهڙي سياري تي پنهنجي شٽل موڪلي رهيا آهن. اهي ايترا ته مصروف ٿي ويا آهن جو هاڻي اسان کي هوٽلن تي چانهه پيئندي به نظر نٿا اچن.

پر هي معاملو اصل ۾ ڪهاڻي ڏانهن سنجيده رويي ۽ ان ڏانهن ڌيان جو آهي. اڄ به هڪ سٺو پڙهندڙ ڪيترو به ٿلهو متارو ڪتاب هجي، ان کي پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍي ٿو. ان ۾ موجود مواد کي بهتر انداز سان ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر پوءِ اسان جي اهي ڪهاڻيڪار جيڪي ڪنهن زماني ۾ مڪمل ڪهاڻيون لکندا هئا، انهن کي ڀلا اهڙو ڇا ٿي ويو آهي، جو اهي هاڻ هڪ سٽي ڪهاڻي تي اچي بيٺا آهن. جڏهن ته هن وقت دنيا ۾ داستان گوئي جو دور واپس اچي رهيو آهي. ان کي جديد شڪل ۾ لکڻ جو فن ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ اچي ويو آهي. اهڙي صورت ۾ اسين رڳو هڪ سٽ واري ڪهاڻيءَ جي مشق ڪرڻ ۾ پورا آهيون، جيڪا حقيقت ۾ ڪهاڻي ناهي. بلڪه هڪ سٽ جو ڪو تاثر آهي. جنهن جي صورت فقط نثري آهي.

سو هن قسم جا جيڪي به تجربا ڪهاڻيءَ جي نالي ۾ ڀلي يورپ، هندستان يا سنڌ ۾ ٿيندا هجن، انهن تجربن جو ڪو فائدو ناهي بلڪه اهو وقت بچائڻ نه پر وقت وڃائڻ واري ڳالهه هوندي. ڇا اسين هڪ سٽ واري ڪهاڻي مان اهو فرق ڪرڻ جي قابل آهيون ته متان اهو ڪنهن ڪهاڻي مان کنيل ته ڪا سٽ ناهي.

هڪ ڪهاڻيڪار جيڪو ڪهاڻيءَ سان نڀاءُ ڪندي ڪا ڪهاڻي لکي ٿو ۽ ان کي پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو ته ان جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته هو سماج ۾ موجود حقيقتن کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪري. جيڪڏهن رڳو هڪ سٽ ۾ سموري ڪهاڻيءَ جي حقيقت بيان ڪري سگهجي ها ته اهو تجربو مئڪسم گورڪي، چيخوف، دوستووسڪي، منٽو ۽ ڪرشن چندر جهڙا ماڻهو به ڪندا رهن ها. پر کين خبر هئي ته ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ وقت کان وڌيڪ ان ڏانهن دلچسپي واري رويي جي ضرورت هوندي آهي. اصل ۾ دلچسپي ئي وقت آهي. جيڪا اسان کي هر ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندي آهي، جنهن کي ڪرڻ لاءِ اسين ڪنهن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

ان ڪري جيڪي هڪ سٽا ڪهاڻيڪار آهن، انهن کي ايترو ضرور سمجهڻ گهرجي ته اهي سٽون سڀاڻي سندن پنن تان ائين ميسارجي وينديون، جيئن پنن تي مس سان لکيل ڪا لکڻي پاڻي لڳڻ سان گم ٿي ويندي آهي.   

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment