شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

ڇا نتاليا جو مزاح، مزاح گردي آهي؟


صبح 09 لڳي 55 منٽ -اڱارو 21 آگسٽ 2018  511 
image-1

 

مزاح جتي ادب جي هڪ اهم ترين صنف آهي، اتي اهو عوامي سطح تي به هڪ گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. مزاح اسان وٽ لکت ۾ به موجود آهي ته اهو بنا لکت يعني مزاحيه فنڪارن پاران ٻڌائي به پيش ڪيو ويندو آهي. جن کي مسخرو يا ڪاميڊين چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اهو سلسلو ميلن ملاکڙن ۽ شادين ۾ به ٿيندو رهيو آهي. جن ۾ نٿو ڪهيري ۽ بگيو مشڪرو نمايان نالا رهيا آهن. پر جيئن ته دنيا هاڻي تبديل ٿي وئي آهي، تنهنڪري مزاحيه فنڪار هاڻ اسٽينڊ اپ ڪاميڊي وسيلي پنهنجون فنڪاريون ڏيکاريندا آهن. پر مزاح جي لکت وارو سلسلو به اڃا تائين به جاري آهي.

هندستان ۾ خوشونت جتي ناول نگاري ڪري رهيو هو، اتي هن مزاحيه لطيفن جا ڪتاب به لکيا، جن کي ”خوشونت سنگهه جوڪ بوڪس“ به چيو وڃي ٿو، جن ۾ هن سکن جي بيوقوفين ۽ ڀورائين کي چٽيو آهي. اهڙي ريت هر خطي ۾ ڪي قومون ۽ قبيلا اهڙا هوندا آهن، جتي لطيفا، چرچا ۽ چٿرون ڪيون وينديون. هندستان ۾ اسان کي گهڻي ڀاڱي سردارن يعني سکن جي حوالي سان لطيفا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا ۽ اسان وٽ وري پٺاڻ تي گهڻا لطيفا ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن پر سنڌ ۾ وري هيٺين ذاتين کي لطيفن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.

تازو ئي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، ۾ جنهن ۾ نتاليا گل سنڌين جي حوالي سان ڪي مزاحيه ٽوٽڪا پيش ڪيا آهن، جن کي اتي ويٺل ماڻهن گهڻو ساراهيو آهي. اهي لطيفا هن  سنڌين جي سماجي ۽ سياسي روين جي باري ۾ پيش ڪيا آهن. پر جيئن ئي اها وڊيو سامهون آئي ته ماڻهن هن تي تنقيد شروع ڪري ڏني ۽ اهو چوڻ شروع ڪيو ته نتاليا سنڌي قوم جي دل آزاري ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ کيس معافي وٺڻي پئي آهي، شايد هاڻ هوءَ اهڙي قسم جا لطيفا ڪنهن به پليٽ فارم تي ٻڌائڻ کان پرهيز ڪري.

ڪوبه مزاحيه فنڪار جڏهن ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ جي باري ۾ پنهنجو فن پيش ڪري ٿو ته اصل ۾ ان ڳالهه کان وڌيڪ سندس پيشڪش جي انداز کي ڏٺو ويندو آهي ته اهو ڪهڙي ريت ان ڳالهه کي پيش ڪري رهيو آهي. اڄ به هندستان ۾ ڪئين اهڙي ڪاميڊين آهن، جيڪي هر ٻولي ڳالهائيندڙ بابت لطيفا پيش ڪندا آهن پر ڪنهن کي به ان تي ڪا ڪاوڙ نه لڳندي آهي. بلڪه اسين مزي سان اهي سڀ لطيفا ٻڌندا آهيون. ڇا نتاليا مزاح ٻڌائڻ وقت ڪٿي مزاح گردي وارو رويو ته نه اپنايو آهي يا وري هن جو سمورو رويو چٿر وارو ئي هو، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ بقول سندس ته موتمار ڌمڪيون به مليون آهن.

پر اهي اسهپ وارا سمورا رويا سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پُوءِ وڌيڪ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. جنهن ڪري ماڻهو ترت ردعمل به ڏيکارين ٿا ۽ جيڪو انهن کي وڻي ٿو اهو چئي به ڏين ٿا. جنهن ڪري انهن سمورن ماڻهن کي معافي وٺڻي پوي ٿي جيڪي مزاحيه خاڪا پيش ڪن. پر اسان کي مزاح کي فقط مزاح ئي سمجهڻ گهرجي ۽ مزاحيه فنڪارن کي مزاح، مزاح طور ئي پيش ڪرڻ گهرجي.

مثال طور هوءَ جڏهن اهو چوي ٿي ته سنڌين جو قومي مشروب ڀنگ آهي ته ان ڳالهه جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو چانهه جو شوقين آهي. اهڙي ريت ڪئين اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي هن پنهنجي شو ۾ پيش ڪيون آهن، اهي ڪنهن قدر صحيح به آهن. پر اصل معاملو شايد انهن کي پيش ڪرڻ جو هو، جنهن ۾ هوءَ ناڪام ٿي وئي ۽ کيس بنهه گهڻي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

ان کانسواءِ هڪ مزاحيه فنڪار کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته هن جو ٻڌندڙ ڪير آهي. جيڪڏهن ان جو ٻڌڻ رڳو ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو آهي ته پوءِ ان لاءِ ته سنڌي ماڻهن جون پيش ڪيل اهي سموريون ڳالهيون چٿر کانسواءِ ڪجهه به نه هونديون. تنهنڪري نتاليا کان شايد اهو وسري ويو ته هوءَ ڪهڙي آڊيئنس سان مخاطب آهي. جيستائين ڪوبه فنڪار پنهنجي ڳالهه فنڪاري سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ نٿو رکي ته اهي سموريون شيون ڀلي حقيقي به هجن تڏهن به ماڻهو کي نه وڻنديون.

مثال طور اسان وٽ عمر شريف به مزاح پيش ڪندو رهيو آهي پر جڏهن معين اختر مزاحيه شيون پيش ڪندو هو ته اهي اسان کي جام وڻنديون هيون، جڏهن ته عمر شريف جون پيش ڪيل شيون ڪريل حرڪتن جو هڪ خاڪو پيش ڪن ٿيون. تنهنڪري اسان کي مزاح کي سهپ سان نه فقط ٻڌڻو پوندو بلڪه ان جي پيشڪش کي به بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment