شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

جان ڊن -  1572ع کان 1631ع تائين


صبح 10 لڳي 08 منٽ -آچر 19 آگسٽ 2018  95 
image-1

 

جان ڊن ناميارو انگريز شاعر هو. هو هڪ ڪئٿولڪ ڪٽنب ۾ ڄائو، اُن وقت جڏهن ڪئٿولڪ فرقي خلاف سخت ڪارروايون هلندڙ هيون. انگلنڊ پروٽيسٽنٽ فرقي جو مڃيندڙ بڻجي ويو هو. جان ڊن هڪ سکئي ستابي گهر ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ جان هڪ آسودو دڪاندار هو. ناناڻن جي پاسي کان اڃا به سگهارو هو. سندس ماءُ مشهور ڪئٿولڪ اڳواڻ ٿامس مور جي پوٽي هئي. مذهب ۽ فرقن جي ڇڪتاڻ جو جان ڊن جي زندگيءَ تي گهرو اثر رهيو. جان ڊن اڃا چئن ورهين جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو، پر کيس ماءُ پاليو، جنهن جي حصي ۾ پيڪن توڻي ساهرن کان وڏي دولت آئي هئي.  

جان ڊن ٻارهن ورهين جي ڄمار تائين گهر ۾ ئي ڪئٿولڪ استادن کان تعليم پرائي. بنهه اعليٰ درجي جي تعليم ماڻي. آڪسفورڊ توڻي ڪيمبرج ۾ پڙهيو، پر اُتان ڪئٿولڪ هئڻ جي ڪري ڊگريون ماڻي نه سگهيو. تعليم دوران ڪئٿولڪ هئڻ جي ڪري هو مذهبي تفريق کي ڀوڳيندو رهيو. سندس ڀاءُ هينريءَ کي به ڪئٿولڪ هئڻ جي ڪري سزا آئي ۽ هو جيل ۾ ئي گذاري ويو. انهيءَ واقعي سندس دل گهرو اثر ڪيو. هو هوريان هوريان ڪئٿولڪ فرقي کان پرتي ٿيندو ويو. تعليم پوري ڪرڻ پوءِ جان ڊن ڪئين سير ڪيا، ڪئين عشق ڪيا ۽ نظم لکيا ۽ پنهنجيءَ خانداني ملڪيت جو وڏو حصو لُٽائي ڇڏيو. اهو ئي دور سندس مشهور رومانوي شعرن جو به هو. پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ هو سر ٿامس اِگرٽن (Agerton) جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، اها سرڪاري نوڪري هئي. اگرٽن تنهن زماني جي اعليٰ سرڪاري عهدي ”لارڊ ڪيپر آف د گريٽ سيل“ تي ويٺل هو. کيس انهيءَ سرڪاري نوڪريءَ ملڻ مان اهو تاثر ملي ٿو ته هو ڪئٿولڪ فرقو ڇڏي چڪو هو، نه ته کيس نوڪريءَ لاءِ اهل نه ڄاتو وڃي ها. انهيءَ عهدي تي هن ڳچ ورهيه ڪم ڪيو. پنهنجي انهيءَ ڪيريئر ۾، جان ڊن 1601ع ۾ پارليامينٽ جو ”سري“ جي تڪ جو ميمبر به بڻيو. تنهن کان سواءِ هن اين مور سان ڳجهي نموني شادي به ڪئي. سندس زال لارڊ اگرٽن جي ڀائٽي هئي، هُو ۽ اين مور جو پيءُ جارج مور، انهيءَ شاديءَ تي بلڪل به راضي نه هئا. نتيجي ۾ جان ڊن کي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏئي، ٿوري وقت لاءِ جيل ۾ وڌو ويو. سندس زال کي ڏاج کان محروم رکيو ويو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ جان ڊن گهڻا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. بيروزگاريءَ کيس گهڻو پريشان ڪيو ۽ ٻيو هن ٻار مٿان ٻار پيدا پئي ڪيو، جنهن جي ڪري گهريلو خرچن کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو هو. اهو اٺن ورهين تائين جاري رهندڙ سلسلو ان وقت ختم ٿيو، جڏهن سندس زال کي پنهنجي پيءُ ڏاج ڏنو.

1610ع ۾ جان ڊن ڪئٿولڪ فرقي خلاف مناظرائي ڪتاب ”نام نهاد شهيد“ لکيو، جنهن ۾هن پنهنجي فرقي تان هٿ کنيو. سندس اهڙو عمل بادشاهه کي وڻيو. اڳتي هلي 1615ع کيس پروٽيسٽنٽ وارن قبوليو ۽ ”رايل چيپلن“ مقرر ڪيو ويو. 1971ع ۾ سندس گهر واري ٻارهين ٻار کي پيدا ڪندي گذاري ويئي. تنهن کان پوءِ ڊن محبت واري شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي پاڻ کي مڪمل طرح مذهبي موضوعن سان سلهاڙي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي لاڏاڻي (1631ع) تائين جان ڊن مختلف اهم مذهبي عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ خطبا ڏيندو رهيو.

بهرحال، جيستائين سندس شاعريءَ جو لاڳاپو آهي ته اُها جاڳرتا واري دور ۾ تخليق ٿي، پر سندس نقادن جو چوڻ آهي ته هن جي شاعريءَ تي جاڳرتا واري دور توڻي يورپي وچئين دور جا اثر موجود هئا. جاڳرتا وارو دور علم، فن ۽ ڏاهپ جي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو ۽ وچون يورپي دور ملوڪيتن، بادشاهتن ۽ چرچ جي سخت ظلمن واري دور طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڏاهپ به آهي ۽ چرچ جو اثر به آهي. کيس ڏاهپ ۽ علم سان محبت هئي، پر مدرسي جو پڙهيل هو، تنهنڪري، مٿس ان جو اثر به موجود هو. جان ڊن پنهنجين محبتن جي ڪري گهڻو مشهور آهي. هن اڪيچار عشق ڪيا. جڏهن سندس گهر واري اين ڊن گذاري ويئي، ته هن مجاز کان عشق حقيقي ڏانهن سفر ڪيو، پر سندس مذهبي شاعريءَ جو موضوع به هڪ طرح محبتي هو، تنهنڪري، محبت جو موضوع سندس تخليق جو مرڪز يا محور رهيو. شروعاتي زماني ۾ هن پنهنجي دور جي مشهور عورتن جي ساراهه ۾ شاعري ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ شوخ ۽ کليو رنگ نمايان هو، جيڪو تنهن وقت جي اخلاقي معيارن کان هٽيل هو. مثال طور سندس نظم: ”هولڊ يوئر ٽنگ ائنڊ ليٽ مي لو“ يعني پنهنجيءَ ڄڀ کي روڪ ۽ مون کي محبت ڪري ڏي“ شاعراڻي بيباڪيءَ جو هڪ نمونو هو.

دلچسپ ڳالهه هيءَ به آهي ته ڊن ڪو پيدائشي شاعر نه هو، پر هن شاعري باقاعدي سکي ۽ پوءِ سرجي. تنهن وقت ۾، چرچ ۾ داخل شاگردن کي تقرير جو فن سيکاريو ويندو هو. انهيءَ فن جو حصو شاعريءَ جو فن به هو. شاگردن کي اِها ترغيب ڏني ويندي هئي ته سندن تقرير ان وقت ئي ماڻهن تي گهِري ڇاپ ڇڏيندي، جڏهن ان ۾ شاعراڻيون خوبيون موجود هجن. مثال طور ردم، قافيا، استعارا ۽ تشبيهون وغيره. شاعريءَ ڪرڻ جو طريقو، کيس انهيءَ مدرسي واري تعليم مان هٿ آيو. جان ڊن لاءِ اهو چيو ويو آهي ته هو دل سان نه، پر دماغ سان شاعري ڪندو هو، يعني آمد بدران آورد تي ڀاڙيندو هو. تنهنڪري کيس مڙني ڪيفيتن جو شاعر سڏيو وڃي ٿو. هو فرمائش تي زبردست شاعري ڪري سگهندو هو. تنهن کان سواءِ هو ماڻهن کان پڇندو هو ته ڪهڙي موضوع تي لکان ۽ گهڻيون سٽون لکان. ماڻهو کيس جيتريون سٽون چوندا هئا، هو اوتريون سٽون تخليق ڪندو هو. ٻين لفظن ۾ في البديع شاعر هو. اهو ئي سبب آهي، سندس تخليقون، موضوع توڻي گهاڙيٽي ۾، ورجاءَ کان آجيون آهن.

سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻو رنگ به موجود ملندو، پر اصل سندس شاعريءَ جو اهم پهلو ”ڪنسِيٽ“ يا ڪنايو يا ڏورانهون حوالو آهي. هو گهڻا گهرا ڪنايا گهڙيندو هو، جن تائين رسائيءَ ۾ گهڻي ڏکيائي محسوس ڪئي ويندي هئي ۽ اڄ به سندس نقاد سندس پيش ڪيل ڪناين جي ڇنڊڇاڻ جي حوالي کان مختلف رايا رکندڙ آهن. سندس نظم ”فلِي“ ۽ “وڃ وڃي ٽٽندڙ ستاري کي جهپ“ ان ڏس ۾ اهم ڄاڻايا ويا آهن. پنهنجيءَ اهڙيءَ شاعراڻي مشق جي ڪري، کيس دانشور شاعر چيو ويندو هو. کيس مابعد الطبيعاتي شاعر به چيو ويندو هو، اهو انڪري، جو هو شاعريءَ ۾ جيڪو ماحول جوڙيندو هو، جيڪي مثال ۽ پيرايا بيان ڪندو هو، تن جو گهڻي ڀاڱي حقيقت سان ڪوبه لاڳاپو نه هوندو هو. مابعد الطبيعات اهڙين شين، عملن يا لقائن کي بيان ڪرڻ جو علم آهي، جيڪي حقيقت يا مادي روپ کان پرڀريون يا مٿاهيون هجن. جان ڊن ۾، فني طرح، واڌو خوبيون اِهي به هيون ته هو طنز يا هجو (Satire) توڻي المياتي نظم (Elegy) ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.  شاعراڻي ٽيڪنڪ جي حوالي کان اِها سندس خوبي هئي ته شعر جي پهرين ئي سٽ اهڙي تخليق ڪندو هو جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي. شاعريءَ جي حساب سان اِها وڏي خوبي آهي، اهو ئي ڪارڻ جو آهي جو جان ڊن جي شعر جون پهريون سٽون گهڻيون مشهور ٿيون، جيئن:

موت گهڻي وڏائي نه ڪر، جيتوڻيڪ ڪن توکي سگهارو ۽ ڊپائتو چيو آهي.

خدا کي مڃُ، پنهنجيءَ زبان کي لغام ڏي ۽ مون کي پيار ڪرڻ ڏي.

چڱا ماڻهو ڪيئن به چپ چاپ هليا وڃن ٿا

وڃ ۽ ڪرندڙ ستاري کي جهپي ڏيکار.

شعرن جون پهريون سٽون، اسان جي سنڌيءَ ۾ به گهڻيون مشهور ٿيون آهن. سڀ کان وڌيڪ سٽون لطيف جي بيتن جون ٿيون آهن، جيئن:

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار.

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.

يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو

يا اياز جون سٽون:

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو

جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري.

سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو

سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان

يا حسن درس جي سٽ:

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

اهڙيءَ ريت، جڏهن شاعر شعر جي پهرين سٽ سگهاري سرجي ٿو ته پڙهندڙ کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ٿو ۽ پڙهندڙ ۾ پوري شعر پڙهڻ جي دلچسپي جاڳي ٿي. جان ڊن جي شاعريءَ جي هڪ وڌيڪ خوبي اِها به هئي ته هو ڳالهين کي پکيڙيندو ويندو هو ۽ انيڪ مامرا ۽ اڪيچار ڳالهيون، منظر ۽ مظهر شعر ۾ جائتا ڪندو هو، پر پڇاڙيءَ ۾ نه رڳو انهن سڀني عنصرن کي معنا ڀريي انداز ۾ سهيڙندو هو، پر انهن منجهه لاڳاپي کي به ظاهر ڪندو هو. سندس نظم ”وڃ، وڃي ڪرندڙ ستاري کي جهپي ڏيکار“ ۾ اِها خوبي پسي سگهجي ٿي.

هن اساسي انگريز شاعر جي شاعريءَ جي زندگيءَ ۾ سندس ڪوبه مجموعو نه ڇپيو هو، سندس ڪلام مرڻ کان پوءِ ڇپيو. حقيقت هيءَ آهي ته اساسي شاعر هوندي به، گهڻو وقت، جان ڊن جي شاعراڻي اهميت لڪيل ئي رهي هئي. کيس انگريز جديديت جي تحريڪ دوران ئي دريافت ڪيو ويو. جڏهن ڪلاسيڪيت ۽ نئين ڪلاسيڪيت کي هڪ ڀيرو ٻيهار ڇهيو ويو. ٽي ايس ايليٽ ۽ وليم بٽلر ييٽس سندس گهڻا مداح هئا.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment