شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

سنڌ جي مھان ڪھاڻيڪار علي بابا بابت اديبن جا رايا


صبح 11 لڳي 19 منٽ -اربع 18 جولاءِ 2018  391 
image-1

علي بابا سنڌ ڌرتي جو ھڪ اھڙو ڪردار آھي جنھن جو ڪيل ادبي پورھيو ھر دور ۾ سھرايو ويندو، تان جو ھن عظيم ليکڪ سموري عمر ويڳاڻي ۽ سيلاني واري انداز ۾ گذاري، پر ھو سنڌي نثري ادب جو بي تاج بادشاھ ھو ۽ پنھنجي چاپ ڇڏي ويو آھي. پوءِ ڀلي سندس ناول موھن جو دڙو ھجي يا ڊرامو دنگي منجھ درياھ يا وري سنڌباد جو سيلاني ھجي، سندس لکڻيون سنڌي ادب جون ماڊرن ڪلاسڪ لکڻيون آھن. 19 جولائي 2018 تي ھن عظيم ليکڪ جي 78 وين سالگراھ ملھائجي رھي آھي. ان حوالي سان پيچرو سنڌ جي مختلف اديبن کان علي بابا جي حوالي سان رايا ورتا آھن، جيڪي ھتي ڏجن ٿا.

شوڪت حُسين شورو: علي بابا سنڌ جي سڀني ليکڪن ۾ منفرد هو، هو نه رڳو منفرد ليکڪ هو، پر هن زندگي به منفرد انداز ۾ گذاري. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو، تڏهن اسان ٻنهي لکڻ شروع ڪيو. علي بابا جي خاص ڳالهه سندس اسلوب آهي، جيڪو شاعراڻو آهي. علي بابا تي جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي، اوترو نه ٿيو آهي. اسان وٽ وڇڙي ويل ليکڪن کي ياد نه ٿو ڪيو وڃي.

نصير مرزا: علي بابا ھڪ وڏي افسانا نگار جي حيثيت ۾ 1960_61 کان سڃاڻپ ۾ آيو، سندس پھريون افسانو پڃري جا پکي لکيو جيڪو شمشير الحيدري صاحب مھراڻ رسالي ۾ ان کي ڇپيو، حيدري صاحب ئي ھن کي علي محمد مان علي بابا جو نالو ڏنو، جنھن کانپوءِ ھو ان نالي سان ئي سموري سنڌ ۾ مشھور ٿي ويو. علي بابا ٽي ماھي مھراڻ سان گڏ سھڻي ۽ روح رھاڻ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو، جيڪي ان دور جا عظيم ادبي رسالا ھئا. 1970_71 کان جناب مراد علي مرزا صاحب علي بابا کان ڊراما لکرايا. علي بابا کي پنھنجي فن تي مڪمل عبور حاصل ھو ۽ ھن ھڪ سيلاني جيان پنھنجي سموري زندگي گذاري.

ڊاڪٽر مھتاب علي شاھ: 1977ع ۾ دوران علي بابا جي زندگي جو ھڪ عجيب باب شروع ٿيو، جڏھن ضياءَ ڀٽي صاحب کي ڦاھي تي ٽنگي ڇڏيو تھ ان کان ھڪدم پوءِ ھن سنڌي اديبن کي چپ ڪرائڻ لاءِ پنھنجي سوٽ ڊاڪٽر محمد افضل جيڪو ان وقت پاڪستان رائيٽرز گلڊ جو صدر ھو کي چيو تھ ھو ھڪ ڪنوينشن ڪرائي جنھن ھر ٻولي بشمول سنڌي ٻولي جي اديبن کي دعوت ڏني وڃي، ڪنوينشن 19 کان 21 اپريل تائين ٿيڻو ھو، ان ۾ سنڌي ٻولي جي سڀني وڏن اديبن حاضري ڀري سواءِ ٻن جي ھڪ پروفيسر سيد ظفر حسن شاھ ۽ ٻيو علي بابا، ھو ھڪ باضمير ليکڪ ھو، جنھن ڪڏھن بھ پيسن خاطر پنھنجي آرٽ جو سودو نھ ڪيو.

فائيل فوٽو

مدد علي سنڌي: علي بابا جي ذات سان لاڳاپيل مسئلن ھن کي سيلاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پر پوءِ بھ ھو زندگي جي راز تلاش ڪندو رھيو ۽ ان رازن مان تمام ٿورا ئي اسان سان ونڊي سگھيو. علي بابا جو ناول موھن جو دڙو سنڌي افساني جو شاھڪار آھي ۽ ان ۾ دنيا جي جديد ڪلاسيڪل ادب واريون سموريون خوبيون موجود آھن. ناول جي شاندار ٻولي، ڪھاڻي ٻڌائڻ جو انداز ۽ ان جي اڻت پڙھندڙ کي موھي ٿو وجھي. علي بابا ھڪ ڪميٽڊ ليکڪ ھو.

بيدل مسرور: علي بابا وٽ ڊرامي لکڻ جو ڪمال جو فن ھو، ھن سڀ کان پھريان نسيم کرل جي ڪھاڻي ڪچو رنگ کي ڊرامائي شڪل ڏني ۽ پوءِ پاڻ ڊراما لکڻ لڳو. سندس ڊرامي دنگي منجھ درياھ کي تھ بين الاقوامي سطح تي مڃتا ملي ۽ جرمن فلم فيسٽيول ۾ ان کي پھريون انعام بھ مليو. علي بابا ھڪ ڊانس ڊرامو پڻ لکيو ھو، جيڪو سندس سيلاني مزاج جي ڪري پورو نھ ٿي سگھيو.

اياز عالم ابڙو: علي بابا منھنجي ڀائرن جھڙو دوست ھو، پنھنجي مزاج ۾ گرم ھوندو ھو، اسان اڪثر شام اڪيلا نڪري ويندا ھئاسين ۽ دير تائين مختلف موضوعن بابت ڪچھري ڪندا ھئاسين. علي بابا جڏھن منھنجي گھر ايندو ٻارن لاءِ ٽي نان ڪتايون وٺي ايندو. ان کان ٻار پڇندا ھئا تھ اسين چار آھيون ۽ نان ڪتايون ٽي ڇو تھ ھو کين چوندو ھو: مون چار ئي ورتيون ھيون پر ھڪڙي اھو ڏسڻ لاءِ تي ڪٿي ھي خراب تھ نھ آھن پاڻ کائي ويس. علي بابا لکڻ دوران منظر نگار جو خاص خيال رکندو ھو، سندس ڪھاڻين يا ڊرامن ڊائلاگ ايترا نھ ھوندا ھئا پر ھو منظر نگار ڪرڻ جو ماھر ھو، علي بابا جو اسلوب بھ نرالو ھو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment