شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

اليڪشن 2018ع: سوا ڪروڙ ووٽر فهرست ۾ نه آهن


صبح 07 لڳي 43 منٽ -خميس 12 جولاءِ 2018  183 
image-1

 

’نادرا آفيس جا چڪر ڪٽي چار سال گذري ويا آهن، هاڻ ته آئون ٿڪجي پئي آهيان، رشوت ڏني پر ٿيو ڪجهه ڪونه‘.

سڃاڻپ وارن ڪاغذن جي ڳولا ۾ ورتل ٿرپارڪر جي هندو دلت برادريءَ سان تعلق رکندڙ ليلا تازومل جي چهري ۽ ڳالهين مان ٿڪاوٽ واضح هئي.

هوءَ چئن سالن کان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته اڄوڪي پاڪستان ۾ ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ بنا زندگي گذارڻ ڏکيو آهي.

’آئون نه ته بينڪ اڪائونٽ کولائي سگهان ٿي، نه ئي انڪم سپورٽ پروگرام تحت مدد حاصل ڪري سگهان ٿي، نه ئي آئون ووٽ وجهي سگهان ٿي‘.

پاڪستان ۾ چونڊن جي موسم آهي ۽ 25 جولاءِ تي ملڪ ۾قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن لاءِ ووٽ وڌا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن موجب پاڪستان ۾ ووٽ وجهڻ جي اهل عورتن جو انگ چار ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جن مان هڪ ڪروڙ 21 لک 70 هزار اهڙيون آهن، جيڪي ووٽر فهرستن ۾ ئي نه آهن.

ليلا وانگر اهي عورتون هن ڀيري پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪرڻ کان محروم آهن، وڏو سبب اهو آهي ته ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري انهن جو نالو سڃاڻپ فهرستن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. فقط ضلعي ٿرپارڪر ۾ تقريبن چاليهه سيڪڙو عورتون اهڙيون آهن، جيڪي سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري ووٽ نه ڏئي سگهنديون.

ڪجهه ڪلوميٽر پري درجن کن عورتون تلسي ٻالاڻي جي گهر ۾ ويٺيون هيون، تلسي ٻالاڻي به هڪ دلت آهي ۽ هوءَ ايندڙ چونڊن ۾ هڪ آزاد اميدوار طور حصو وٺي رهي آهي. هن جي سامهون سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هن جي ووٽرن ۽ حمايتن جو وڏو انگ ووٽر فهرستن ۾ شامل ئي ڪونهي.

جڏهن اسين اتي پهتاسين ته پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جهلي بيٺل تلسي عورتون جي هڪ گروپ کي خطاب ڪري رهي هئي. ’هي ڪارڊ بنهه اهم آهي. اهو ثبوت آهي ته توهين پاڪستاني شهري آهيو، جيڪڏهن توهين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا چاهيو ٿيون ته ان لاءِ به هي ضرور آهي‘.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب ضلعي ٿرپاڪر ۾ عورت ووٽرن جو انگ اڍائي لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته وڌيڪ ٻه لک اهڙيون آهن، جن کي چونڊن فهرستن ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو آهي.

تلسي جي خيال ۾ کڻي جو عورتن جو پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب اڻڄاڻائي آهي پر اصل سبب غربت آهي. هوءَ چوي ٿي ته ’انهن ۾ گهڻن وٽ ڏيڻ لاءِ في به انهي ۽ اهي ڏورانهن علائقن مان رجسٽريشن آفيس تائين سفر جو خرچ به برداشت نٿيون ڪري سگهن‘.

هن جو اهو به چوڻ آهي ته ’ڪئين ڀيرا انهن لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته اهي پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن يا ٻين گهرڀاتين کي گڏ وٺي اچن يا ٻيا ڪاغذ پٽ آڻين. اهو سڀ انهن لاءِ ڄڻ ته ناممڪن ٿيو وڃي.‘ تلسي موجب انهن مان ڪي هڪ ٻه ڀيرا اچي وينديون آهن ۽ پوءِ همت هاريو ڇڏين. پر ان سان نه فقط انهن جو سياسي آواز دٻجي رهيو آهي بلڪه اهي سماج جي حفاظتي ڪڙي کان به ٻاهر رهجيو وڃن

هاڻوڪن سالن ۾ ضلعو ٿرپارڪر ۾ نون ڄاول ۽ کير پياڪ ٻارن جي موت جي ڪري به خبرن ۾ رهيو آهي. حڪومت هتي ماءُ ۽ ٻارن جي صحت لاءِ ڪئين اسڪيمون شروع ڪيون آهن پر اهي عورتون سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري ان مان فائدو نه ماڻي سگهيون آهن.

ٿرپارڪر ۾ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي ضلعي آفيسر پرڪاش ننداڻي جو چوڻ آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام انهن عورتن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان پروگرام تحت مالي امداد ڪرڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي موجودگي لازمي شرط آهي.

هن جو چوڻ هو ته ’گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿرپارڪر ۾ هزارين عورتن سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ درخواستون ان ڪري به ڏنيون ته جيئن اهي حڪومت کان مالي مدد ۽ ڪڻڪ حاصل ڪري سگهن‘.

نادرا ان علائقي ۾ عورتن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي في به ختم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن گهڻي کان گهڻيون عورتون سڃاڻپ دستاويز حاصل ڪري ووٽ وجهي سگهن پر اڃا به هزارين عورتون اهڙيون آهن، جيڪي ان لازمي سڃاڻپ کان محروم آهن.

تلسي ان صورتحال جي باوجود به پرعزم آهي ۽ هن جو چوڻ آهي ته هوءَ پاڻ عورتن سان وڃي ڪاغذ پٽ پورا ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪندي.

هن جو چوڻ آهي ته ’اهو اسان جي دلت برادري لاءِ وڏو لوڏو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي سياسي ميدان ۾ سنجيدگي سان نٿو ورتو وڃي ۽ اسان جي ڪو پرواهه به نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اسان جا ماڻهو چونڊن ۾ ووٽ ئي نٿا وجهن‘.

تلسي موجب هن جي برادري هاڻ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن ته عورتن جا سڃاڻپ ڪاغذ پٽ نه هجڻ جو مسئلو فقط ٿرپارڪر تائين محدود ڪونهي ۽ ان جي حل ۾ وقت لڳندو ۽ 2018ع وارين چونڊن ۾ اهي لکين عورتون پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ کان محروم رهنديون.

(بي بي سي ٿورن سان)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment