شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ: استاد، محقق، تاريخدان


صبح 08 لڳي 02 منٽ -جمعو 15 جون 2018  154 
image-1

هي صوفي منش، سٻاجهو، سادگي،نرم روي، حساس طبيعت،وابستگي رکندڙ شخص ڪردار ۽ فڪر جي لحاظ کان تمام مٿاهين حيثيت رکندڙ هو،هي خوددار شخص پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۽ آرڪائيوز اسٽيڊيزشعبي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي سڄي عمر درس تدريس ۽ تحقيق و تاليف ۾ گذاريائين. سندن تحقيقي ۽ تحريري ڪم جو مختصر تفصيل/ تعارف هيٺ ڏجي ٿو.

سائين پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، دادو ضلع جي تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ٻٽ سرائي“ ۾ پهرين ڊسمبر 1946ع تي جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائي مان ئي حاصل ڪئي ۽ 1970ع ۾ بي ڪام جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1974ع ۾ ايم ـ اي لائبريري سائنس ۾ سٺي پوزيشن سان پاس ڪيائين، پاڻ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو جتان هن پي ـ ايڇ ـ ڊي، جي ڊگري يونيورسٽي آف وليز لنڊن مان 1988ع ۾ حاصل ڪئي، اتان ئي وڌيڪ پاڻ جرمن ٻولي ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڊپلوما جا ڌار ڌار ڪورس ڪري ڊگري حاصل ڪئي.

هن پنهنجي مستقبل جي شروعات پروفيشنل ڊگري کي استعمال ڪندي، بطور لائبريرين، گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊيارو، ضلع بينظير آباد (نواب شاهه) کان شروع ڪيو، ان کان ترت ئي پوءِ هي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۾ بطور ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ اتان ئي هي ترقي ڪندي پروفيسر جي حيثيت ۾ 2006ع ۾ ريٽائرڊمينٽ ورتائين.

هن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ جي دوران مختلف ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪري پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، جيئن چئيرمين انٽرميڊيت بورڊ، سکر؛ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ چئيرمين انٽرميڊيت بورڊ،لاڙڪاڻو؛ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۽ ايگزيڪيٽو اسسٽنٽ وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو رهيا.

ان کان علاوهٰ پاڻ بطور هڪ استاد ۽ محقق جي درس و تدريس جي ڪم سان گڏ ، پاڻ کوڙ ساريو قومي ۽ بين القوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي هن پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا ان کان به وڌيڪ هن تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي، تاريخ ۽ لائبريري سائنس جي علم تي ڪتاب لکيا جن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي.

مرزا قليچ بيگ جي ببليوگرافي 1977ع، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ 1980ع،سنڌي رسالن جي تاريخ 1981ع، سماٽ (تاريخ) 1984ع، سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي تاريخ 1995ع, شاه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر 2008ع.

اڃا علمي ۽ تحقيقي ڪم اتي ڇيهه نه ٿيو آهي پر سائين ٻٽ صاحب پنهنجي نوڪريءَ تان ريٽائرمينٽ ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي ڪم سان دلچسپي رکندي،ان کي جاري ڪندو آيو . هن جو اهو قومي ڪم آهي جنهن سان هي وفا ڪندو  ٿي آيو، ان جو هڪ مثال هي به آهي ته هن ۽ سندس ساٿي دوست سليم ڀٽو لطيفي سان گڏجي شاهه لطيف جي رسالي تي هڪ پروجيڪٽ جوڙيو جنهن جو عنواني سلسلو ”شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت“ Subject Dictionary of Shah-jo- Risalo آهي، جيڪا تيرنهنجلدن يا حصن 13, Volumes تي مشتعمل آهي، ان سلسلي جي پهرين ڪڙي يا حصو ”شاهه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر“ 2008 ۾ شاه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جي طرفان ڇپجي چڪي آهي جڏهن ته ان سلسلي جا ٻيا حصا پڻ تيار ٿي چڪا آهن ۽ ڇپائڻ جي تياريءَ واري مرحلي ۾ آهن.

سائين ٻٽ صاحب،هڪ سٺواستاد، محقق،تاريخدان ۽ لائبريرين آهي. پاڻ هڪ خوددار،پڪي ارادي جو مالڪ، علم جو قدردان، پنهجي شاگردن سان ۽ پنهنجي وطن سان بي انتها محبت ڪندو هو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment