شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

لاڙ جا ڪجهه ماڳ: جيڪي هن سال تباهيءَ جي ور چڙهيا


صبح 11 لڳي 13 منٽ -سومر 11 جون 2018  810 
image-1

 

تاريخي آثار، جڳهيون، ماڳ ۽ مڪان ڪنهن به ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو اثاثو هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان کي ڄاڻڻو آهي ته اسان جي اڄ جي زندگي ڏنگن ڦڏن پيچرن وسيلي، ڪهڙو رستو اختيار ڪري ان منزل تي پهتي آهي ته يقينن اسان کي پوئتي مُڙي پنهنجي تاريخ تي نظر ڪرڻي پوندي ته اسان جو ماضي ڪئين هو؟ اهو تاريخ جو علم ئي آهي جنهن وسيلي قومون پنهنجي تهذيب، سڀيتا ۽ ڪلچر جي قدامت کي پرکي ۽ پروڙي سگهن ٿيون.

تاريخ جي علم يا ڄاڻ وسيلي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو. تاريخ جنهن جو سنئون سڌو واسطو قديم آثارن واري علم سان ايترو ته گهرو آهي جو ان کي جيڪڏهن اسين سنئين سنڌيءَ ۾ هيئن چئون ته ”لٺ هنئي پاڻي ڌار ڪونه ٿيندو“ ته اهو بهتر رهندو.

تصوير: علي ڀاءُ

قديم آثارن جو مقصد اهو سمجهڻ هوندو آهي ته وقت سان گڏ ماڻهوءَ جي سوچ ۽ روين ۾ ڪهڙي تبديلي ٿي اچي؟ وقت جي وهڪري سان گڏ ڪهڙيون تبديليون ٿيون اچن ۽ انهن جا ماڻهن جي زندگين تي ڪهڙا اثر ٿا پون وغيره. قديم آثار وسيلي ئي اسين پنهنجي ابن ڏاڏن جي زندگي گذارڻ جي رنگن ۽ ڍنگن کان وٺي اڄ جي زندگيءَ گذارڻ وارن روپن جي سفر جو پيرو کڻي سگهون ٿا. چون ٿا ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجو گذريل وقت سهڻو لڳندو ۽ وڻندو آهي، اهو بلڪل ٺيڪ ئي ته آهي. ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو کي پنهنجي وڏن جي ڪيل ڪارنامن تي فخر ئي هوندو آهي. قديم آثارن جي صدين جي دنيا ۾ اوهين هڪ ٽُٻي هڻي ڄاڻ جا ڪيترائي موتي ميڙي سگهو ٿا. پر اسان جي هڪ وڏي بدقسمتي اها رهي آهي جو هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان جي مجموعي طور ان طرف دلچسپي ڪجهه نه پر گهڻو ڪجهه گهٽ ئي رهي آهي. تاريخ ۽ قديم آثارن واري پاسي ڌيان ۽ لڳاءُ رڳو ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي باقي سماج جي ماڻهن جو ان پاسي لڳاءُ ته ڇا پر ان معاملي ۾ جيڪو ورتاءُ آهي، اهو ڪنهن ماٽيلي ماءُ کان هرگز گهٽ ڪونهي رهيو. شايد اسين تاريخ يا قديم آثارن جي اهميت کان واقف ئي ناهيون ٿي سگهيا يا اسين عام ماڻهن کي انهن جي اهميت جو احساس ڏيارڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي تاريخ قديم آثارن سان ايترو مالامال هئي جو اسان کي هن ڌرتيءَ تي صدين کان رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، طور طريقن، انهن جي گهرن اڏڻ، شڪار ڪرڻ، پوکون پوکڻ، هڪٻئي سان وهنوار ڪرڻ، شادين ۽ غمين، محبتن ۽ نفرتن جي نت نين ڪٿائن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي انيڪ اندازن جو پتو لڳي وڃي ها. پر هن ملڪ جي بدقسمتي جو اسين جيترو ترقيءَ واري راهه تي گامزن آهيون اوترو ئي اسان پنهنجي ماضيءَ جي ڏنگن ڦڏن پيچرن کي ڊاهي، ختم ڪري بنا ڪجهه پويان مڙي نهارڻ جي بس رڳو اڳتي ڌوڪيندا ئي پيا وڃون.

تصوير: علي ڀاءُ

چوندا آهن ته بُرو يا چڱو پر گذريل وقت ياد رکڻ لاءِ هوندو آهي پر هتي قصو بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اسين پنهنجي ڳالهين ۽ قلمي ڪٿائن ۾ اهو ته وڏي وات چوندا آهيون ته اسان هڪ عظيم ماضيءَ جا وارث ۽ ڌڻي آهيون. موهن جي دڙي جي تهذيب کان سومرا ۽ سما دور جي تاريخي قصن ۽ ڳالهين جا ڀنڊار اسان جي ادب ۽ لوڪ ڪٿائن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. پر موهن جي دڙي آمري ۽ ڪجهه ٻين ماڳن تي ٿيل کوجنا کان پوءِ اسان سنڌ جي باقي آثارن تي ڪا ايڏي وڏي ريسرچ به نه ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ئي وري انهن ماڳن کي محفوظ ڪري ۽ بچائي سگهيا آهيون. توڙي جو قديم آثارن تباهي ساري سنڌ جو هڪ الميو رهيو آهي، گهڻو تڻو ڪنهن نه ڪنهن قديم ماڳ تي قبرستان جڙي ويا، ڳوٺ ٻڌجي ويا يا وري انهن ماڳن جي کوٽائي ڪري اتي ٻنيون آباد ڪيون پيون وڃن. هتي اسين لاڙ جي ڪجهه ماڳن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي رڳو ويجهي ماضيءَ ۾ تباهي جي ور چڙهي ويا آهن.

تصوير: علي ڀاءُ

ڳوٺ موريو لغاري واري ڏيوري:

تلهار کان لڳ ڀڳ 12/13 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اولهه طرف ڳوٺ موريو لغاري ۾ صدين کان هڪ ڏيوري هوندي هئي. جنهن کي ڪنهن حد تائين ٻڌ اسٽوپا سان ڀيٽ به ڪري پئي سگهجي. جيڪا رڳو گذريل سال هڪ زميندار پاران پنهنجي زمين جي مهاڳي ۾ هجڻ ڪري ڊاهي پٽ ڪئي وئي. ريڻ واري وهڪري تي موجود هن ماڳ جي قدامت ته گهڻو آڳاٽي ۽ قديم پئي لڳي پر بدقسمتيءَ سان هن ماڳ کي تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ ڇهيو ئي ڪونه ويو. ريڻ جي وهڪري جي اوڀر طرف هي ڏيوري يا اسٽوپا ٺهيل هوندو هو. جڏهن ته اولهه پاسي هڪ اسان کي هڪ وڏي رهائشي آبادي جا آثار ملن ٿا جيڪي هاڻ مٽيءَ جي دڙن جي صورت  ۾ پري پري تائين ڏسبا ٿا رهن. جن مان ڪچين جڳهين يا گهرن جا بنياد ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هتي ئي 30 فوٽن جيترو ويڪرو هڪ گول کوهه جي صورت جهڙن آثارن جو بنياد پڻ ڏسڻ ۾ ايندو هو جنهن ۾ هڪ فوٽ ويڪري ۽ ڏيڍ فوٽ ڊگهي سر استعمال ٿيل هوندي هئي .جنهن لاءِ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ فقير الهه بخش لاهوتي جکري جو خيال هو ته اهو گوءِ يا راند جو ميدان هو. جيڪا ان وقت ۾ هڪ راند مروج هوندي هئي جنهن کي رڳو فوجي سپاهي کيڏي سگهندا هئا.

تصوير: علي ڀاءُ

 هن ماڳ تي گذريل ٻه سال اڳ آئون جڏهن فوٽوگرافري ڪرڻ لاءِ ويو هئس تڏهن اها ڏيوري يا اسٽوپا زمين کان لڳ ڀڳ 8/10 فوٽن جي اوچائي تائين باقي هئا. پر گذريل سال انهن آثارن کي هڪ زميندار پاران ٽريڪٽر وسيلي ڊاهي پٽ ڪري ان جاءِ تي زمين آباد ڪئي وئي. پر هاڻ اهي ٻئي آثار اسين رڳو تصويرن ۾ ئي ڏسي سگهون ٿا.

ماڙي وسايو:  

بدين جو تعلقي گولاڙچي جو هيءُ اهم ترين ماڳ جنهن کي چچ نامي واري  موڪي بن وسائي جي حوالي سان سڃاتو ويو آهي. ٿيڻ ته هيئن گهرجي ها جو هن ماڳ تي مڪمل نموني سان ريسرچ ڪئي وڃي ها جنهن سان عرب ۽ برهمڻ دور جي ڪافي گم ٿيل شهرن ۽ محمد بن قاسم سان راجا ڏاهر واري لڳل آخري جنگي معرقي جي به شايد ڪنهن ٽٽل ڪڙيءَ کي ڳنڍي ڳوپي وٺجي ها. هنن آثارن مان ملندڙ پٿر جي اڪر وارن پلرن جي ٽڪرن ۽ سرن جي نموني ۽ سائيز کي نظر ۾ رکندي آرڪيالاجي جي شاگرد لجپت راءِ جو خيال آهي ته هيءُ ماڳ ٻڌ يا شايد هندو دور سان تعلق رکي ٿو. اهو ماڙي وسايو جيڪو گولاڙچي شهر کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 90 واري ڏهاڪي تائين لڳ ڀڳ 34 ايڪڙن جي ايراضيءَ تائين هوندو هو. پر وقت سان گڏ لالچي زميندارن جي ٻنيءَ کي وڌائڻ واري سوچ جي جي ور چڙهندي گذريل سال تائين ته اچي پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ تائين بچيو هو پر هن سال انهن تاريخي آثارن جي تمام بري نموني سان تباهي ڪئي وئي آهي مهينو کن اڳ هنن آثارن کي کيڙي ۽ کوٽي ان جاءِ تي زمين آباد ڪئي وئي آهي. انهن آثارن مان يقينن ڪافي ساريون شيون مليون هونديون. پر اهي به بيدرديءَ سان ڀڃي ۽ ڀوري اڇلايون ويون هونديون. هاڻي ماڙي وسائي جا آثار رڳو اڌ ايڪڙ کان به گهٽ واري ايراضيءَ تي مس وڃي بچيا آهن.

تصوير: علي ڀاءُ

مُلا حسڻ:

تعلقي گولاڙچيءَ جو ٻيو هڪ اهم تاريخي ماڳ ملا حسڻ جنهن کي تاريخ جي ڪجهه ڪتابن ۾ دائرو جي نالي سان پڻ سڏيو ويو آهي. هيءُ ماڳ به انتهائي اهم ماڳ آهي. جتي هاڻ ملاحسڻ جي نالي سان هڪ وڏو قبرستان قائم آهي. ملاحسڻ جي قديم مقبري سان گڏ هتي مغل دور جي مسجد به آهي جنهن لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته ان مسجد جي جهانگير بادشاه مرمت ڪرائي هئي. نه رڳو ايترو پر هتي جتن جا مقبرا ۽ ڇٽڙيون پڻ تعمير ٿيل هونديون. جيڪي ڇٽڙيون هاڻ ڊهي ماضيءَ جو قصو بنجي چڪيون آهن. هتي پٿرن تي ٿيل سنگتراشيءَ جو پيرو کڻڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن ماڳ تي سنگتراشيءَ لاءِ پري کان پٿر آڻي انهن کي هتي ئي گهڙيو ۽ چٽيو ويندو هو. ماضيءَ ۾ ته هن ماڳ تي مڪمل ڄڃ جي مورتين ۽ تراشيل پٿرن جي صورت ۾ منظر ڪشي ڪيل هوندي هئي پر هاڻ اها ناپيد ٿي وئي آهي. هتي ئي حمل جت ۽ راڌي جا مقبرا (تجرون) اڏيل آهن جن مان راڌي جي تجر ڊهي اچي پٽ پئي آهي. تازو ڪنهن حمل جت جي مقبري کان رڳو هڪ سئو فوٽن جي مفاصلي تي کڏو هڻي مٽيءَ جون سوين ٽراليون ڀريون آهن. جيڪو عمل يقينن  هڪ ترايخي مقبري جي تباهيءَ جو ئي سبب بنبو.

جکري يا جسوتڻ جو دڙو:

جسوتڻ آڳڙيو شاهه جي ڪردارن مان هڪ ۽ سومرن جي آخري دور جو هڪ هاڪارو گورنر رهيو هو. جنهن جو تاريخ جي ڪافي ڪتابن سان گڏ شاهه جي سر ڏهر ۾ پڻ ذڪر ٿيل آهي. جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته کيس ڄام انڙ سمي سومرن جي طرفداري ڪرڻ عيوض قتل ڪيو هو. هيءُ ماڳ ڪڙيو گهنور شهر کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي خاصخيلي آئل فيلڊ جي ڀرسان آهي جنهن جي هن سال آرڪيالاجي کاتي پاران ٽرائل بنيادن تي کوٽائي پڻ ڪرائي وئي هئي. پر تازو اهو معلوم ٿيو ته هن ماڳ کي کيڙي ختم ڪرڻ لاءِ پڻ ڀرپاسي جا زميندار آتا آهن. تڏهن ته هن ماڳ تي تازو ٽريڪٽر وسيلي کيڙي ٻنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن آرڪيالاجي کاتو روايتي ننڊ ۾ رهيو ۽ لاڳاپيل ڌرين کان ڪنهن قسم جو پڇاڻو نه ٿو ڪيو وڃي ته شايد ايندڙ سال ٻن ۾ هي سمورا ماڳ اسان رڳو تصويرن ۾ ئي ڏسي سگهنداسين.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment