شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

ڊيلٽا جي برباد ٿيندڙ ماحوليات ۽ مرندڙ ڍنڍن جو نُوحو


صبح 06 لڳي 13 منٽ -اربع 06 جون 2018  915 
image-1

 

چون ٿا ته درياءَ ۽ سمنڊ جو ساٿ صدين کان آهي، دُنيا ۾ جتي به ڏسو درياءَ جهُونگاريندو، ڳائيندو نڪري پوندو آهي، سوين هزارين ڪلوميٽر ان لاءِ جهاڳيندو آهي جيئن سمنڊ سان ملي سگهي. جيڪڏهن ٿوري ڌيان ۽ گَهَرائيءَ سان ڏسجي ته، اها ئي سڄي زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجا ڪَکَ ياد اچن ٿا. هيءَ ته سمنڊ جي درياءَ دلي ۽ عنايت آهي جو هُو، انهيءَ پاڻيءَ کي  ڪڪرن جي روپ ۾ واپس ڪري ٿو  جيئن ڌرتي سرسبز ۽ آباد رهي سگهي.

تصوير: ابوبڪر شيخ

دُنيا ۾ جتي جتي درياءَ سمنڊ سان ملي ٿو, اُن ايراضيءَ کي ’ڊيلٽا‘ چيو وڃي ٿو. سنڌُو درياءَ 2900 ڪلوميٽرن جو ٿڪائيندڙ پنڌ ڪري انهيءَ پٽيءَ ۾ 17 کارين جي وهڪرن ۾ وهي سمنڊ ۾ ملي ٿو ۽ انهي اعزاز سان ملي ٿو ته، اهو دُنيا جو ڇهون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي. تاريخ جا صفحا اسان کي ٻڌائين ٿا ته، ’سڪندر اعظم‘ 325 قبل مسيح ۾ جڏهن سنڌ جي ’پاتال‘ واري ماڳ (موجوده ٽنڊي محمد خان جي اوڀر ۾)  تي پهتو ته، اُن وقت تائين درياءَ ۽ سمنڊ انهيءَ تائين زمين جوڙي چڪو هو. هي اُهو زمانو هو، جڏهن سترهن وهڪرن جي صورت ۾ 150 ملين ايڪڙ فوٽ کان به وڌيڪ پاڻي ڊيلٽا جي پٽيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ پاڻ سان آندل زرخيز مٽي ۽ واريءَ جي ڪري نئين زمين جوڙيندو سمنڊ کي پُٺيان ڌڪيندو ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌو درياءَ جي ٺهيل زمين تمام گهڻي زرخيز  آهي.

تصوير: ابوبڪر شيخ

 هڪ زمانو اُهو به هو جڏهن سنڌو ڊيلٽا جي ايراضيءَ جي پکيڙ 752966 هيڪٽر تائين هوندي هُئي ۽ هاڻي اها پکيڙ گهٽجي 6000 هزار هيڪٽرن تائين رهجي ويئي آهي. اهي سڀ ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ کان پهرين جا مزيدار ۽ خوشي ڏيندڙ انگ اکر آهن پر هاڻي ڪهاڻي ڪجهه مختلف آهي. هاڻي انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ’ماحولياتي تبديلي‘ (Climate Change)  جي ڏک سان ڀريل حقيقت جو اهم جُز به شامل آهي.

انڊس ڪوسٽ 320 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جيئن ته سنڌو درياءَ انهيءَ زمين تان مختلف وهڪرن ۾ سفر ڪندو، پنهنجي لاءِ نوان رستا جوڙيندو  سمنڊ تائين پهچندو هو، ان لاءِ انهيءَ ڊيلٽائي پٽيءَ جو پنهنجو طبعي طور هڪ الڳ ۽ نرالو منظرنامو جڙي پوي ٿو. انهيءَ منظرنامي ۾، ڍنڍون ڍورا، مختلف قسم جا وڻ جيئن تمر، لئي، ٻٻر ۽ ٻين وڻن جي جهنگن جو جڙڻ هڪ فطري عمل هو، اها هڪ فطري رنگارنگي جيڪا يقينن هڪ ڊيلٽائي پٽيءَ جو شان هوندي آهي.

تصوير: ابوبڪر شيخ

ڊيلٽا جي خوبصورتي انهن جهنگن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪري آهي جن ۾ ڪنول جا گُل ٽڙن ٿا، انهن جي ڪنارن تي نَڙَ ۽ سَرنِ جا قدرتي ڊگها گاهه ۽ ٻُوڙا ٿين ٿا جن ۾، تيز چُهنب واري ۽ سُر سان ڳائيندڙ جهرڪي (Reed Warbler) پنهنجو آکيرو جوڙيندي ڏاڍي خوش هوندي آهي ۽ گڏوگڏ ’ڪنگر‘ (King Fisher) به، جنهن کي پنهنجي رنگين پرن تي ناز هوندو آهي اُهو به، انهيءَ جهرڪيءَ سان، سُر ۾ سُر ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندو آهي، شايد انهيءَ ڳائيندڙ جهرڪيءَ تي رُعب وجهڻ لاءَ ته، اسين به سُر ۽ تال وارا آهيون ۽ گڏوگڏ نيري آسمان تان مقامي ۽ مهمان ٿي آيل پکين جا وَلرَ، ڍنڍن تي لهي رهيا هوندا آهن ۽ اُتر جي ٿڌي هوائن جي سحر ۾ ڪو انتهائي خوبصورت باز (Marsh harrier) ڍنڍ جي پکين کي ڊيڄارڻ لاءِ اچانڪ مٿانئن حملو ڪندو آهي، جيئن پکين تي سندس ڊپ قائم رهي سگهي. اهي سڀ منظر يقينن ڏسڻ وٽان آهن ڇو ته فطرت جي سُونهن کان ٻيو ڪو وڏو ايمان ڪونهي.

 

تصوير: ابوبڪر شيخ
تصوير: ابوبڪر شيخ

ڍنڍون پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهن ۽ سنڌوءَ جي هن ڊيلٽائي پٽيءَ تي اهي سوين ڪائناتون حياتيءَ جي رنگن سان جيئَن ٿيون، انهن جي ڪنارن تي ’مُهاڻن‘ جي مخصوص ڪلچر جنم ورتو. هن علائقي جي گرم ڍنڍن ڍورن کي ”انڊس فلاءِ وي زون“(Indus Fly way Zone)  وسيلي هزارين سال اڳ ٿڌن علائقن جي پکين ڳولهي ورتو هو. انهيءَ فطري آسماني رستي جي اهميت ڪري، اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ  ايندڙ رچرڊ برٽن، هتي جي ڍنڍن، گاهَن، پکين ۽ هنن پٽن جي خوبصورتيءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستيءَ متعلق لکي ٿو:”جڏهن سنڌو درياءَ موج ۾ وهي رهيو هُجي ته اوهين رات جو سندس ڪنارن جي ويجهو سُمهي نٿا سگهو، اُن جو سبب  اِهو آهي جو هيءُ درياءَ هر وقت پنهنجن نون رستن جي ڳولها واري جُستجُو ۾ رُڌل رهندو آهي. ان لاءِ مٽيءَ جون وڏيون ڇِپُون درياءَ ۾ ڪرنديون رهنديون آهن ۽ انهن جي ڪرڻ جو آواز ڪنهن توپ جي ڌماڪي کان گهٽ ڪونه هُوندو آهي ۽ ٻيو ته، ڪناري جي ويجهو بلڪل نه بيهو، ٿي سگهي ٿو ته درياءَ بادشاهه جي طاقتور لهرن جي طبيعت انهيءَ ڪناري کي ڪيرائڻ جي هُجي ۽ جي ائين آهي ته اوهين به انهيءَ ڪناري سان گڏ درياءَ جي تيز لهرن جي حوالي ٿي ويندا. برٽن چوي ٿو، ايترو طاقتور، مُوڊي ۽ ناز نخرن وارو درياءَ مون اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

اسين جڏهن هتان جي هڪ سئو ويهه جي ويجهو ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اها ڳالهه هڪ ڪلچر جي ڳالهه هوندي آهي، اُهو ڪلچر جنهن جو جنم انهن ڍنڍن ڍورن ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن جي ڪنارن تي ٿيو. انهن ماڻهن جي ڪُل ڪائنات اهي ڪنارا آهن. زندگيءَ جا سڀ اونهارا، سيارا ۽ سانوڻيون انهن جون انهن ڪنارن تي گُذرن ٿيون. هنن جي مٿي تي موڙ ۽ شاديءَ جا ڳيچ انهن ڪنارن جي ٿڌي چاندوڪيءَ ۾ ڳائجن ٿا ته، شام جي لالاڻ ۾ سندن بيوفا زندگيءَ جنازا به اتان کڄن ٿا.

تصوير: ابوبڪر شيخ

مون جڏهن ’جاتي‘ شهر جي زاهد اسحاق سومري کان انهن ڍنڍن مُتعلق پڇيو ته جواب آيو:”اهي ڍنڍون فقط اسان کي انهيءَ لاءِ ياد ناهن ته انهن جي خوبصورتي لاجواب هُئي يا آهي، پر اهي ان لاءِ به اهم ۽ خوبصورت آهن جو مقامي ماڻهن جي گذرسفر جو دارومدار انهن ڍنڍن تي آهي، انهن ماڻهن جا گهر ان ڍنڍ جي ڪنارن تي ٿيندڙ گاهن مان ٺهن ٿا، انهن جي ٻارن کي شهري ٻارن وانگر ’اگلو آئسڪريم‘ يا کٺمٺڙا نٿا ملن، بلڪه اِهي ڍنڍون آهن جيڪي انهن ٻارڙن لاءِ، پَنِ مان ٻُورالي جو پائوڊر پيدا ڪن ٿيون ۽ انهيءَ هئيڊي رنگ جي پائوڊر ۾ ڳُڙ يا کنڊ وجهي ٻاڦ تي پچايو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن ٻارڙن لاءِ قدرتي لذيذ مٺائي تيار ٿي وڃي ٿي. شهر ۾ به انهيءَ جي سُٺي مارڪيٽ آهي پر هاڻي ته ڍنڍون پنجاهه سيڪڙو کان به وڌيڪ ختم ٿي ويون آهن، توهان سمجهو ته انهن جي ختم ٿي وڃڻ سان ڇا ڇا ختم ٿي ويو آهي.“

تصوير: ابوبڪر شيخ

زاهد اسحاق جي لفظن ۾ درد جي پيڙا هُئي جيڪا ٻير جي ڪنڊن وانگر هن جي روح کي رهڙي رهي هُئي. ڇو ته هڪ ڍنڍ جو ڪنهن به سبب جي ڪري ختم ٿي وڃڻ هڪ ننڍڙي فطرت جي ڪائنات جو ختم ٿي وڃڻ آهي، ڍنڍ جي پنهنجي جوڙيل هڪ (Eco-chain)   قدرتي حياتياتي نظام مري رهيو هوندو آهي، پکين ۽ ماڻهن جي رهائش ختم ٿي رهي هوندي آهي ۽ ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو درديلو عمل ’لڏپلاڻ‘ جنم وٺي رهيو هوندو آهي. توهان انهن سڀني حقيقي دردن جو هڪ پينوراما جوڙيو پوءِ اندازو لڳايو ته، هڪ ڍنڍ جو مري وڃڻ ڇا هوندو آهي...!؟

مون ڊيلٽا پٽيءَ جي ڪنارن کي ڪيترا دفعا ڏٺو آهي ۽ دل جي اکين سان ڏٺو آهي، آئون گذريل ڪيترن سالن کان هتي مُسلسل ايندو رهيو آهيان، هيءَ ڏُکن جي بستي آهي، زندگي هتي ايتري آسان ڪونهي جيتري تصويرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، بلڪه زندگي انتهائي سخت ترين آهي، هنن پٽن تي، هڪ اهڙي مُنجهيل سُٽ وانگر جنهن کي توهان چاهيو تڏهن به سُلجهائي نٿا سگهو. پر پوءِ به هي ماڻهو زندگيءَ سان محبت ڪن ٿا. هنن جو زندگيءَ سان ايترو لڳاءَ ڏسي اوهين پريشان ٿي وڃو ٿا. هي ميلن، شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن  تي جيڪي تيز رنگن جا ڪپڙا پائين ٿا اُهي ان حقيقت جا غماز آهن ته سندن عام زندگيءَ ۾ ٽهڪن، خوشين ۽ مُرڪن ڪا رنگ نالي ماتر آهن، انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءَ هو انهن موقعن تي گهاٽن رنگن وارا ڪپڙا پائين ٿا. انهن ميلن ۽ ملاکڙن ۾ هو دل کولي جيئن ٿا، ڳائڻ وڄائڻ، ملهه ملاکڙا، ڍڳن جون ڊوڙون ، کل مسخريون، انهن موقعن تي زندگي جيئڻ ڪو انهن کان سکي.

ڪڏهن ڪو پنهنجو وڇڙيل ياد اچي وڃي ته، مون ٻيڙيون هلائڻ دوران هنن جي اکين ۾ لُڙڪ به ڏٺا آهن.

هنن جي ڪُل ڪائنات آهي ڪهڙي؟

اهي ڍنڍون ۽ ڍورا، انهن جا ڪنارا ۽ موسمون، پر اسين سڀ اهو  انهن کان ڦُرڻَ ۾ رُڌل آهيون.

ڍنڍن ۽ ڍورن جي برباديءَ جي ڪهاڻي ڪا ايتري قديم به ڪانهي، جنهن کي اسين ڳولهي نه سگهون. 1932ع ۾ انگريزن سکر بيراج ٺاهيو ۽ ائين سمجهو ته، درياءَ بادشاه جي خوبصورت ديوانگيءَ کي روڪڻ جي اها پهرين وڏي ڪوشش هئي، 1955 ۾ ڪوٽڙي بيراج، 1967ع ۾ منگلا ۽ 1976ع ۾ تربيلا ڊيم ٺهيو. انهن بئراجن ۽ ڊئمن جي ڪري پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري کي قيد ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو مقدار گهٽ ٿيندو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ اڳيان وڌڻ شروع ڪيو. پاڻيءَ کي روڪڻ وارو عمل ڪنهن به حالت ۾ مثبت نتيجا ڏيڻ وارو عمل ڪونه هو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻيءَ جو گهُربل مقدار نه ڇڏڻ ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري سمنڊ ۾ پاڻي جي ليول وڌڻ ۽ 1999ع ۾ ” سائيڪلون اي.ٽو“ هن پٽيءَ لاءِ هڪ وڏي ماحولياتي بربادي آندي. 36 ڪلاڪ مسلسل هلڻ واري هن طوفان آسمان مان 450 ملي ميٽر پاڻي وسايو ۽ هوا جي رفتار 270 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هُئي، انهيءَ سائيڪلون  جي وس ۾ جيڪو هو اُهو هُن ڪيو ، سوين ماڻهو بنا قبر ۽ ڪفن مري ويا، لکين پکي ۽ جانور مئا، لکين وڻ پاڙن کان پٽجي پنهنجو وجود وڃائي ويٺا، بيٺل فصلن مان ڪو هڪ تيلو به ڪو نه بچيو، انهيءَ سڄي برباديءَ واري اُٿل پُٿل هن پٽيءَ جو  منظرنامو ئي تبديل ڪري ڇڏيو.

ننڍين وڏين ڍنڍن ۾ مٽي ۽ سمنڊ مان آيل ريت ڀرجي ويو، ڪيتريون ڍنڍون ۽ ڍورا پنهنجو وجود وڃائي ويٺا. جهنگلي حيات، وڻ ۽ هزارين ايڪڙن تي ڦهليل ننڍن وڻن جا جهنگلي حيات کي تحفظ فراهم ڪندڙ جهنگل برباد ٿي ويا. سٺ سيڪڙو ايريگيشن نظام مٽي ڀرجڻ جي ڪري ناڪاره ٿي ويو.

انهن ڪيترين ننڍين وڏين ڍنڍن سان گڏ هن پٽيءَ جون ٻه مشهور ڍنڍون ”نريڙي“ ۽ ”جهٻو“ به پنهنجي برباديءَ جي آخري لڪير تي پهتيون آهن، انهن ڍنڍن کي ‘رامسر سائيٽ‘ جو اعزاز مليل آهي، اهو اعزاز اهڙين ڍنڍن کي ملندو آهي جيڪي پنهنجي ماحولياتي رنگارنگي سان ڀرپور هجن. نريڙي 2540 ۽ جهٻو 706 هيڪٽرن تي ڦهليل پنهنجي وقت جون انتهائي خوبصورت ڍنڍون هُيون ۽ سياري جي موسم ۾، انڊس فلائي وي زون، رستي لکين پرڏيهي پکي انهن ڍنڍن ۾ ايندا هئا.جڏهن ته پنهنجي جوڀن جي ڏينهن ۾ هي ڍنڍون مڇي توڙي پن ۽ ڪاني جي حوالي سان پڻ مشهور ڍنڍون هُيون. پکن ٺاهڻ لاءِ هتان هر سال پن جي ڪانين جون هزارين ٽرڪون ڀَربيون هيون ۽ سياري جي منُد ۾ ماڻهو پري پري کان هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ هنن ڍنڍن جي خوبصورتي ڏسڻ ايندا هئا.

هنن ٻنهي ڍنڍن تي پنج هزارن کان مٿي ماهيگيرن جا خاندان آباد هئا جن جو گذر سفر انهن ڍنڍن تي هو، پر ڍنڍن جي برباديءَ کانپوءِ هتان جيڪا ماهيگيرن جي لڏ پلاڻ ٿي اُها شايد بدين واري پاسي جي وڏي لڏپلاڻ هُئي. لڏپلاڻ هن ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو درد آهي ۽ اهو درد اُهي ئي ڄاڻن ٿا جن کي پنهنجن گهرن جا اڱڻ ڇڏڻا پون ٿا، پنهنجي وڏڙن جون قبرن ۾ پُوريل هڏڙين کان ڌار ٿيڻو پوي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي انهن ڍنڍن جا مالڪ هُئا اُهي هاڻي شهرن جي ننڍڙين ڪچين آبادين جي جهوپڙن ۾ زندگيءَ جا ڏينهن گذارين ٿا.

انهن ننڌڻڪن ماڻهن سان اوهين ڪٿي به ملي سگهو ٿا، بدين ۾، سجاول، ٺٺي، ريڙهي مياڻ ۽ ابراهيم حيدري ۾، ته آزاد نيري آسمان ۽ خوبصورت ڍنڍن جي ڪناري تي آباد رهندڙ اهي خاندان هاڻي ڪهڙي مجبوري، گُهٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ پنهنجي زندگيءَ جون موسمون گذارين ٿا.

ڊيلٽائي پٽيءَ لاءِ هيءَ هڪ ڀيانڪ صورتحال آهي، پاڻ اهو به سمجهون ٿا ته زندگي ڪنهن فارمولي جو نالو ناهي جنهن سان شيون ٺهي پون. هيءَ فطرت آهي جنهن جي پنهنجي رَمز  ۽ تال آهي جنهن ۾ هوءَ هلي ٿي، پر انسان جيڪڏهن انهيءَ رَمز ۽ تال ۾ پنهنجي مُفادن کي هڪ مقرر ليڪ کان وڌيڪ اکيون وجهندو ته فطرت متاثر ٿيندي ۽ جڏهن فطرت متاثر ٿيندي آهي ته پوءِ، انڊس ڊيلٽا جي سامونڊي پٽيءَ جهڙيون برباديون اينديون آهن. اهڙين بربادين جو درد جيڪڏهن اسين محسوس ڪريون ته انهيءَ برباديءَ جي سرحد خبر ناهي ڪيترين خزائن تائين ڦهليل هوندي. انهيءَ جو ڪو انت به هوندو يا نه ....!؟

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment