شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

ڇپجڻ کان اڳ ئي ريحام خان جي ڪتاب تي اعتراض


صبح 06 لڳي 55 منٽ -اڱارو 05 جون 2018  128 
image-1

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي ڪتاب ملندا جن وڏي هلچل مچائي آهي ۽ انهن تي پابندي به مڙهي وئي آهي، ڪڏهن اهي مذهبي گروهن جي عدم برداشت جي ڪري اعتراض جوڳا ٿي ويندا آهن ته ڪڏهن وري انهن ڪتابن کي  سماج ۽ ڪنهن ملڪ لاءِ خطرو قرار ڏنو ويندو آهي. تازو ئي پاڪستان ۾ ٻن ڪتابن تي تمام گهڻو چرچو ٿي رهيو آهي، هڪ جنرل دراني وارو ”دي اسپائي ڪارنيڪلز“ ۽ هاڻي واري ريحام خان جي اتم ڪٿا جيڪا اڃا ڇپجي پڌري به نه ٿي آهي جو ان کي سياست جي ور چڙهايو پيو وڃي. 

تازو ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري ڪتاب واري معاملي تي ريحام خان پاران معافي وٺڻ ۽ مواد جي ترديد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ريحام خان ائين نه ڪيو ته ان خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ريحام خان جي ڪتاب جو مواد انتهائي ڪريل ۽ واحيات آهي، طلاق کي ٽي سال ٿي ويا آهن، اليڪشن کان ٻه مهينا اڳ ڪتاب جو شو شو ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته 1996ع ۾ عمران خان خلاف سيتا وائيٽ اسڪينڊل سامهون آيو، ڇاڪاڻ ته هو سياست ۾ اچي رهيو هو، جڏهن ته ماضي ۾ به اليڪشن کان اڳ ڀٽو مرحوم جون جعلي تصويرون ڦهلايون ويون ۽ 1987ع ۾ حسين حقاني بينظير ڀٽو جون جعلي تصويرون ٺاهيون ويون.

هن چيو ته ريحام خان پاڻ چيو ته هي ڪتاب ان جي پٽ ۽ ڌيءَ ايڊٽ ڪيو آهي، ڪا عورت ان ڪتاب ۾ لکيل ڳالهيون پنهنجي جوان پٽ ۽ ڌيءَ کان ايڊٽ ڪرائڻ جو سوچي ڪيئن ٿي سگهي؟ اسان فيملي جي قدر تي يقين رکون ٿا، هن کي پاڪستان ۽ فيملي نظام جي ڪا پرواهه ناهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کان درخواست آهي ته ان طرح جي ڪتاب تي پابندي لڳڻ گهرجي.

جڏهن ته مشهور راڳي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد دعويٰ ڪئي آهي ته ريحام خان ۽ (ن) ليگ کيس اليڪشن کان اڳ عمران خان خلاف پروپگينڊا ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي هئي.

 سلمان احمد ٽوئيٽر تي دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي اڳوڻي زال ريحام خان، پ پ ۽ (ن) ليگ جي اهم اڳواڻن پاران ان سان هڪ ئي ڏينهن رابطو ڪيو ويو ۽ عمران خان تي تنقيد ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

سلمان احمد لکيو ته کيس عمران خان خلاف تنقيد ڪرڻ لاءِ ريحام خان پاران اي ميلز ۽ ٽوئيٽ مليون ۽ ان ئي ڏينهن ن ليگ پاران 10 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي وئي.

سلمان ريحام خان کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن ريحام خان کي ڪو خوف آهي ۽ هوءَ ڪجهه نه پئي لڪائي ته خانگي ٽي وي شو ۾ مون کي منهن ڏئي ۽ سوالن جا جواب ڏئي.

ٻئي پاسي ريحام خان اهڙن سڀني الزامن جي ترديد ڪري رهي آهي، پر هتي هڪ سوال اٿي ٿو ته آخر پي ٽي آءِ وارا ڪتاب جي ڇپجڻ جو انتظار ڇو نه ڪري رهيا آهن، دنيا جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن تي الزام لڳندا رهيا آهن، هو اچي انهن جي ترديد ڪندا رهندا آهن. ٻيو اهو ته عمران خان تي الزام تراشي ڪا نئين ته نه آهي. ان کان اڳ ڀارتي ليکڪه شوڀا ڊي سندس ڪتاب “شوٽنگ فرام هپس” ۾ عمران خان جي حوالي ڪيئي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪيترائي اهڙا جملا ان ڪتاب ۾ موجود آهن جن تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو، پر تحريڪ انصاف وارن ڪڏهن ان جي خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي. منهنجي نظر ۾ ريحام جي ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي. هاڻي ڪتابن تي بندش واري هن اوڇي روش کي ختم ٿيڻ گهرجي.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment