شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ڇا ڄاڻ ماپڻ لاءِ اين ٽي ايس جو پئمانو ڪارگر آهي؟


صبح 05 لڳي 37 منٽ -سومر 04 جون 2018  141 
image-1

 

اسان جي علمي سڃاڻپ سماجي طور جيڪا شيءِ ٺاهي ٿي، ان کي امتحان چئجي ٿو، امتحان ڀل اِهو زندگي جو هجي يا ڪنهن عام رواجي ڊگري لاءِ، اهي ٻئي اوکا ٿين ٿا. ميٽرڪ کان يونيورسٽي تائين امتحاني سلسلو ۽ سرشتو گهڻن ئي مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. اسان جي ڄاڻ جو تعين امتحاني پرچو ئي ڪري ٿو، ان مطابق ڀل اِهو ميٽرڪ ڪلاس توڙي چٽاڀيٽي جو پرچو ڇو نه هجي، اسين جيڪڏهن ان جا گهربل جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃون ٿا ته اسين ڪامياب آهيون، ڀل اِها ڄاڻ اسان جي ڪنهن ڪم جي هجي توڙي نه. ڀل اهڙي ڄاڻ جو اسان جي سماجي بهتري ۽ ملڪي ڀلائي ۽ ترقي سان ڪو واسطو هجي يا نه پر ڇاڪاڻ ته اِها ڄاڻ انهيءَ امتحاني سلسلي جو حصو آهي ۽ اسان کي ان کي برزبان ياد ڪرڻو آهي ۽ اسان جا نسلن جا نسل ائين ئي پڙهي رهيا آهن. ان سان رياست جو ڪجهه به نه وڃي، بس ان ۾ جيڪو ڪجهه هِڪ نظرياتي طور اسان کي پڙهايو وڃي ٿو، اِهو ڪيتري قدر اسان کي ياد آهي.

 جيڪڏهن اِهو اسين جواب طور صحيح رکڻ ۾ ڪامياب وڃون ٿا ته اسين علمي داناءُ، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ گهڻو ڪجهه ٿي سگهون ٿا ۽ انهيءَ جا دعويدار بڻجون ٿا ۽ هر ڪنهن کي سينو تاڻي اِهو ٻڌايون ٿا ته ”مون فلاڻو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ هاڻ آئون فلاڻو خان آهيان“. انهيءَ سڀ ڪجهه ۾ مون وٽ گهربل ڄاڻ ڪيتري آهي، قابليت ڪيتري، انهيءَ حاصل ڪيل علم جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي. ملڪي توڙي پرڏيهي سطح تي اِهو علم اِها ڄاڻ ڪيتري انفراديت پيدا ڪري سگهندي، انهيءَ سان منهنجو، اوهان جو ۽ ٻيو ڪنهن جو به ڪو واسطو نه آهي.

ملڪ ۾ جهڙي ريت سرڪاري سطح تي تعليمي سرشتو ڄاڻ جي مقابلي ۾ يورپ ۽ آمريڪا کي ڇڏيو، پر پنهنجي پاڙيسري ملڪن کان ڪيترو پٺتي آهي، صرف ان جو اندازو لڳائجي، تڏهن به اسان کي ڏندين آڱريون اچي وڃن.

بهرحال جيئن ته ڄاڻ، علم ۽ هيومن رسورس اسان جي ترجيحن يا اوليتن ۾ شامل نه آهي، ان لاءِ اسان وٽ هر شيءِ کي ڪرپشن کائي کوکلو ڪري وئي آهي. ڪرپشن اصل ۾ ڪنهن آسماني چمڪندڙ بجلي جو نالو نه آهي، بلڪه اسان ماڻهن هٿان پيدا ڪيل هِڪ برائي يا بيماري جو نالو آهي يا لاقانونيت جو نالو آهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جو نالو آهي، بعد ۾ جڏهن ادارا، ادارا گهٽ پر اڇا هاٿي وڌيڪ لڳن ٿا، تڏهن اسان انهن کي خانگي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ شروع ڪريون ٿا، خانگائڻ شروع ڪريون ٿا ۽ هوريان هوريان ٿي سگهي ٿو ته عوام کي به خانگايو وڃي.

سرڪاري تعليمي سرشتو لاغرض هجڻ جي ڪري خانگي سطح جا تعليمي ادارا، امتحاني ۽ ڪنهن به نوڪري لاءِ امتحان ڏيندڙ اميدوار جي گهربل ڄاڻ جي چڪاس لاءِ امتحاني ايجنسيون ائين کُلي ويون آهن، جيئن ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ کنڀيون ڦٽي پونديون آهن. سرڪار جي عدم توجهه جي ڪري خانگي ادارن، اين جي اوز کي موقعو ملي ٿو ته هُو پنهنجي مرضي مطابق جيئن وڻين تيئن ڪن.

ملڪ جي جي ڊي پيGDP  هاڻ ويٽنام ۽ برما کان به گهٽ آهي. ٻي معيار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اسان وٽ هر شيءِ ٺيڪي تي هلي رهي آهي، هر ادارو هر مشين ڪرائي تي ۽ اگهه مطابق هلي رهي آهي. هر ڪاموري جو اگهه مقرر آهي، هر ڪم ۽ فائل پاس ڪرائڻ جي رقم طئي ٿيل آهي، ان ۾ اسان آدرشن جون ڳالهيون ڪريون ته پوءِ اسان کان وڌيڪ ڳهيلا ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. وڌندڙ بيروزگاري جنهن نوجوانن ۾ بي چيني ۽ مايوسي پيدا ڪئي آهي، ان جو اندازو ايوانن جي ڦرڻين ڪرسين تي ويٺل نوابن ۽ خانن کي ڪٿي ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ شين کان وٺي اخلاقيات تائين هر شيءِ ڪارپوريٽ ٿي وئي آهي. هِن هيڏي ساري ڏيوالپڻي ۽ ڀونچال جو ڇيهه ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيندو، اِهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو؟

روزانو اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا. پڙهيل ۽ سورن سان ڊگريون حاصل ڪيل نوجوان انهن نوڪرين جي ماڻڻ جا خواب ڏسن ٿا ۽ انهن لاءِ اپلاءِ/ درخواستون ڏين ٿا، پر انهيءَ ڏس ۾ جيڪا جُٺ ۽ ويڌن انهن پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن سان ٿئي ٿي، اِها کِل جوڳي هجي ٿي. اشتهاري واري نوڪري جو مِلڻ ته صفا آخري ڳالهه پر انهيءَ کان اڳ ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، جيڪڏهن انهن سڀني جو ذڪر تفصيل سان ڪجي ته هوند مون کي ڪيئي قسطون لکڻيون پئجي وڃن. امتحان کان اڳ اسڪريننگ يا ملڪ ۾ قائم ڪيل هِڪ پرڏيهي اداري جي نقل ڪندڙ ادارو جنهن کي اين ٽي ايس نيشنل ٽيسٽ سروس، قومي خدمت جو امتحاني سرشتو سڏجي ٿو.

اين ٽي ايس هِڪ غير آئيني ۽ منطقي هٿ ٺوڪيل جڳاڙي امتحان جو طريقو آهي، جيڪو ڪيترن ئي بيروزگارن جي علم، ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل ڊگرين تي چٿر آهي. اين ٽي ايس جي هجڻ جو سبب اِهو آهي ته اسان جي ادارن ۾ غير شفافيت ۽ اقربا پروري جي چوٽ چڙهي وڃڻ پر وري اسين جنهن کي ميرٽ جو نالو يا ميرٽ جو سمبل سمجهون ٿا اِهو خود پنهنجو پاڻ ۾ هِڪ غير ميرٽ يافته جگاڙي ماڻهن طرفان ٺاهيل هِڪ ڪمپني آهي، جيڪا ڪنهن به اميدوار کان سندس ڄاڻ جي چڪاس يا ان جو صحيح تعين ڪرڻ جي نالي ۾ هڪ مڪمل جُٺ ۽ ٺڳي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اسان وٽ جيئن ته ادارن جو بحران هِڪ بيماري اختيار ڪري ويو آهي ۽ اسان کي هاڻ اين ٽي ايس جي صورت ۾ هڪ صاف شفاف امتحان وٺندڙ ادارو هٿ لڳي ويو آهي، جيڪو ميڊيڪل انجنيئرنگ کان وٺي، زراعت ۽ اعليٰ تعليم ايم فل، پي ايڇ ڊي جي داخلا وٺڻ لاءِ هِڪ صحيح ۽ ٺوس جهل، فلٽر يا ڇاڻي نظر ٿو اچي. اِها اسان جي عقل جو سنڍ ٿيڻ لاءِ هڪ دليل آهي. اين ٽي ايس جو جڏهن جائزو وٺبو ته اِهو اوهان کي خود هِڪ اهڙي بحراني حالت جو شڪار ٿيل ادارو ملندو، جنهن جو بنيادي مقصد صرف ۽ صرف واپار ۽ پئسا ميڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ان جو نوجوانن جي ميرٽ ۽ صحيح اميدوار جي پڌرائي سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي، پر ڇا ڪجي اسان وٽ انتظاميا جي واڳ اهڙن ڇڙواڳ ۽ خود ڊي ميرٽ جي بنيادن تي قائم ادارن جي حوالي ڪئي وئي آهي، ان لاءِ ڪهڙو روئڻو روئجي ۽ ڪهڙي دانهن ۽ رڙ ڪجي.

بين الاقوامي طور اين ٽي ايس نالي هِڪ اهم ادارو آهي، جيڪو پرڏيهي اسڪالرشپن لاءِ امتحان وٺندو آهي ۽ ان جي امتحان جو هِڪ طريقيڪار آهي. هي اسان وٽ موجود اين ٽي ايس ان جي طرز تي هِڪ نقل آهي، پر نقل ۾ به ڪجهه منطق هجي ته ٺهيو، هِڪ عجيب قسم جو امتحاني چڪاس جو طريقو آهي. حالت اِها آهي ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به اوهان کي اين ٽي ايس جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي ٿو يا ڇڏيو ويو آهي.

ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اين ٽي ايس جو يعنيGAT  جو امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهي. عجب ڳالهه آهي جيڪڏهن اوهان کي ايم فل، پي ايڇ ڊي جي امتحان ۾ داخلا وٺڻي آهي، تڏهن به اين ٽي ايس GAT  پاس ڪرڻ لازمي آهي. اين ٽي ايس GAT ان کي هروڀرو بين الاقواميGRE  جهڙو ڪري متعارف ڪرايو آهي. ان سان سندس امتحاني واپار هلي ٿو ۽ نوجوان ان کي غيرقانوني، غيرآئيني قرار ڏيئي اتان جي ڪورٽ سڳوري يونيورسٽين ۾ داخلا يعني ايم فل ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ڪالعدم يعني ان کي بند ڪري ڇڏيو آهي، پر جيئن ته اسين ٻين معاملن ۾ به تمام گهڻا نڌڻڪا آهيون، تنهنڪري اسان سان هي جُٺ جاري آهي. ملڪ ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي پنهنجي پنهنجي هائر ايجوڪيشن قائمHEC  ڪرڻي هئي، جيڪا خيبر پختونخوا ته قائم ڪري ورتي آهي پر سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اڃا مرڪز جي تابع آهن، جيڪا ڳالهه خود انهيءَ ترميم تي هڪ منڌيئڙو آهي.

بهرحال صوبائي هيڪ جو جيستائين ڪو حل نڪري، تيستائين مرڪزي هيڪ جو ڏنڊو آهي، جيڪو سنڌ جي يونيورسٽين تي خاص طور وسي رهيو آهي. ان جو تدارڪ سڻائو نظر ڪونه ٿو اچي ۽ هاڻ اين ٽي ايس GAT  يا GREکي هيڪ جي پُٺ پڻ شامل آهي. هي مسئلو هڪ ڳنڀير حالت ۾ آهي، جنهن جا ويجهڙ ۾ تمام گهڻا اگرا نتيجا نڪرندا، آئون پنهنجي اصل ڳالهه ڏانهن واپس اچان ٿو. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا اعليٰ امتحان ماڻڻ لاءِ اوهان کي ڇو ته NTS  جي رحم ڪرم تي رهڻو پوي ٿو.

مون گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا NTS GRE  جو جڳاڙ ۽ رٽي تي ٻڌل امتحان پاس ڪيو آهي. اين ٽي ايس جيGRE  امتحان جو منهنجي لاڳاپيل مضمون سان پري پري جو ڪو واسطو ڪو نه آهي پر هڪ مجبوري سمجهي اهو امتحان پاس ڪيو. هاڻ حالت اها آهي جو پي ايڇ ڊي جهڙي ڊگري ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اوهان کي اين ٽي ايس جو گيٽ سبجيڪٽGAT Subject  پاس ڪرڻ لازمي آهي، انهيءَ کان وڌيڪ هن اعليٰ ڊگري لاءِ ٻي ڪهڙي ويڌن ٿي سگهي ٿي؟ هڪ زراعت جي شاگرد کي توڙي جانورن جي ڊاڪٽر کي اين ٽي ايس جوGRE  ضرور پاس ڪرڻو آهي، توڙي جو انهن ڄاڻايل مضمونن جو ان سان پري پري جو ڪو تعلق به نه هجي.

منهنجو مضمون جيئن ته لسانيات يا ٻولي آهي ۽ آئون گذريل پنجن ڇهن سالن کان ان متعلق لکي به رهيو آهيان ۽ منهنجي روزانو جي مصروفيتن ۾ گهڻو تڻو حصو لسانيات سان لاڳاپيل موضوع، ٻولي بابت تاريخ، نظريه ۽ ٻولي جي پاليسي ۽ پلاننگ ئي رهيا آهن. هاڻ جڏهن گذريل ٽن مهينن کان آئون مسلسل ٻولي ۽ ان بابت ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۾ مصروف هئس ۽ مون کي هي اين ٽي ايس جو تيار ڪيلGRE  مضمون واري ٽيسٽ ڏيڻي هئي، هونئن ته ذاتي طور آئون تمام گهڻو مطمئن هئس جو مون جيڪا تياري ڪئي هئي، ان مطابق جيڪڏهن اين ٽي ايس ڪنهن مڃيل انگريزي لسانياتي پروفيسر کان ٽيسٽ ڪرائي به ها ته مون کي يقين هو ته مان ان ۾ پاس ڪرڻ جيتريون مارڪون ضرور کڻي سگهان ها. اڃا ڏنل امتحان جو نتيجو ڪو نه آيو آهي) پر جيئن ته هي ٽيسٽ جيڪا نالي ۾ انگريزي لسانيات بابت هئي پر پوري پيپر ۾ مون کي ڪٿي به لسانيات نظر ڪو نه آئي).

MCQs  تي مشتمل هن لسانياتي چڪاس ۾ هزارين غلطيون شامل هيون، غلطيون جيڪي پروف کان وٺي سوال کي شڪي بڻائي رهيون هيون ۽ ڪوبه سوال پنهنجي مڪمل جوڙجڪ ۾ سوال ئي ڪونه هو. بس انٽرنيٽ تان روڙيل ۽ جڳاڙيل هڪ سوال نامو هو جيڪو سوال نامو گهٽ پر حاتم طائي کان حسن بانو جا پڇيل ڇهه سوال وڌيڪ پيئي لڳا. منهنجو خير آهي آئون هڪ ڪم عقل ۽ اڻ گهڙيو ڪاٺ آهيان، تنهن کي ٿي سگهي ٿو ته انگريزي لسانيات پلئه نه پيئي هجي پر جيڪي دوست ٻاهرين ملڪ مان ايم فل ڪري آيا آهن ۽ يونيورسٽين ۾ پنجن ڇهن سالن کان لسانيات سان لاڳاپيل مضمون پڙهائي رهيا آهن، انهن ڇو سواليه پرچا ڦاڙي اگزامينر جي ٽيبل تي اڇلايا، جن ڏهه سالن تائين صرف لسانيات پڙهي آهي، اهي ڇو ٻاهر نڪري دانهون پيا ڪن ته ”يار هن ٽيسٽ ۾ لسانيات ڪٿي هئي، لاجڪ ڪٿي هو ۽ جنرل انگريزي ڪٿي هئي؟

معروضي سوالن ۾ هڪ به اهڙو سوال ڪونه هو، جيڪو صحيح طريقي سان سمجهه ۾ اچي ۽ ڪو اُميدوار يقين سان اهو چئي سگهجي ته ان کي يقين آهي ته هن هيترا صحيح سوال ڪيا هجن. انگريزي جنرل واري حصي ۾ اهو پڇيو ويو ته هيٺين مان ڪهڙو ”ظرف“ آهي هاڻي ڊاڪٽريٽ ۾ داخلا وٺندڙ اُميدوار کان اهو پڇجي ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

حالت انهيءَ کان وڌيڪ ابتر انهيءَ ريت آهي ته اين ٽي ايسGRE  جو امتحان هر ٽئين مهيني منعقد ٿئي ٿو ۽ ٻن سالن کانپوءِ ان جو مدو ختم ٿي وڃي ٿو. حالت آهي ڀلا ڪو امتحان ڪا دوا آهي جنهن جو مدو ختم ٿي وڃي. اوهان ميٽرڪ ڪئي هجي، انٽرميڊئيٽ ڪئي هجي، ايم اي ڪئي هجي وري ٻن سالن کانپوءِ اوهان جو امتحان ختمexpire  ٿي وڃي، اهو صرف اين ٽي ايس جي امتحان ۾ ٿئي ٿو. اهي ۽ اهڙيون ٻيون ٽيسٽون جيڪي ايڪسپائر ٿي وينديون آهن، اهي سڀ پئسا ميڙڻ لاءِ ورتيون وڃن ٿيون.

 دنيا ۾ انگريزي ٻولي هڪ صنعت بڻجي چڪي آهي، ائلٽز IELTS  ۽ GRE جيڪڏهن ايڪسپائر ٿي وڃن ٿا ته ان جو سبب صرف ۽ صرف بزنس ۽ ماڻهن کان پئسا ڦرڻ ئي آهي. في اُميدوار پندرنهن سئو روپيا ۽ سنڌ جي شهر اوٻاوڙي، ڏهرڪي کان ڪراچي تائين ايندڙ اُميدوار جا جيڪي پنج کان ڏهه هزار لڳيو وڃن اهي خواري غريبي ۾، هي امتحان آهي يا ڪا چٽي؟

يونيورسٽيون جيئن ته بااختيار ۽ خودمختيار اعليٰ تعليمي ادارا آهن ۽ انهن جا پنهنجا مطالعاتي بورڊ ٿيندا آهن. . ڪهڙو مضمون پڙهائڻو آهي، ڪهڙو نه، ڪهڙو پروگرام شروع ڪرڻو آهي ڪهڙو نه، ان وٽ پنهنجو سينٽ يا قانون سازي ڪرڻ جي لاءِ ادارا موجود آهن تنهنڪري سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کي اها وينتي ڪجي ٿي ته اين ٽي ايس جهڙي غير ذميدار اداري طرفان تيار ڪيل بوگس ٽيسٽ ۾ اُميدوارن کي ڦاسائڻ بجاءِ پنهنجي طرفان داخلا ٽيسٽ تيار ڪئي وڃي، جيئن انڊر گريجوئيٽ لاءِ ٽيسٽون منعقد ٿينديون آهن.Ph.D  جهڙي اعليٰ تعليم لاءِ داخلا کي ڪڏهن به اين ٽي ايس تي مدار نه رکيو وڃي. اين ٽي ايس جي ڄاڻ جو چڪاسي طريقو تمام گهڻو بگڙيل آهي ۽ ان جو مقصد صرف ۽ صرف پئسا ڪمائڻ ۽ اُميدوارن کي پريشان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي ۽ اوهان جي ڄاڻ کي اين ٽي ايس جي مُهر جي ضرورت به ڪونهي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment