شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

نورپور ڪوٽ سن


شام 02 لڳي 08 منٽ -اڱارو 29 مئي 2018  203 
image-1

 سنڌ جا سمورا قديم شهر سنڌو درياءَ جي ڪنڌين تي آباد ٿيا. ان سبب جي ڪري سنڌو درياءَ جي رخ مٽائڻ سان آباد ۽ وسندڙ ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ تباهه ٿي ويا.

سنڌ ۾ راءِ گهراڻي (50ع کان 662ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (712 تائين جي حڪمرانن واپارين کي تحفظ ڏيڻ ۽ ملڪ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ درياءَ  جي ڪنڌين تي قلعا/ ڪوٽ ٺهرايا هئا. سن قلعو/ نورپور ڪوٽ بابت تاريخ خاموش نظر اچي ٿي. ان ڪري قلعي جي تاريخي ڄاڻ ۽ اهميت اسان کان لڪل رهي آهي. نه ئي ڪنهن محقق يا عالم جي ان متعلق ڪا کوجنا ٿيل نظر اچي ٿي.

هي قلعو ڪاري واهه کان 2 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ طرف درياءَ جي ڪناري تي هو. اهو ڪچو قلعو هو جنهن جي بناوٽ دليل ديرو ڪوٽ ۽ ڪچي قلعي حيدرآباد جهڙي هئي پر فرق صرف اهو هو ته دليل ديري وارو ڪوٽ گولائي تي آهي ۽ سن قلعو مستطيل هو هن جون ڀتيون دليل ديري واري ڪوٽ کان وڌيڪ ويڪريون هيون. هي ڪوٽ ڇهن ايڪڙن تي مشتمل هو. هن ڪوٽ کي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ مورچو هو. هڪ ڏکڻ واري ديوار جي وچ تي دروازي وٽ، ٽوٽل پنج مورچا هئس ۽ ڏکڻ طرف کان ور وڪڙن تي دروازو هئس. ان دروازي مان اندر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان 60 فوٽن تي وري هڪ ٻيو دروازو هو. ان ايراضيءَ ۾ چوڪيدار جي بيهڻ لاءِ جاءِ به ٺهيل هئي. دروازي جي ٻنهي پاسن ڀتين ۾ آمهون سامهون سوراخ هئا جنهن مان سمجهجي ٿو ته ڪاٺ وجهي دروازي طور ڪتب آندو ويندو هوندو. ڏکڻ کان مئن دروازي کان اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ اولهه ۽ اوڀر وارين ڀتين تي چڙهڻ لاءِ ٽي فوٽ ويڪري ڏاڪن تي ٺهيل ڏاڪڻ ۽ ان سان لاڳيتو سلوب تي چڙهڻ لاءِ 8 فوٽن جو ويڪرو رستو هو.

سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان رستي تان ڪوٽ جا معمار ڍڳي گاڏي يا گهوڙي گاڏي جي ذريعي ڪوٽ جي ديوارن ۽ مورچن ڏانهن ويندا  هئا. هڪ دروازو اتر ۾ جيڪو ننڍو هو. جيڪو ونگ تي ٺهيل هو جنهن مان ماڻهو يا گهوڙي سوار داخل ٿي سگهيو ٿي. ان ڪوٽ جون ديوارون بنياد کان پنج، ڇهه فوٽن تائين پڪين، سنهين سرن سان جڙيل هنيون ۽ پوءِ مٿي ڪچيون ديوارون  هنيون. انهن ڀتين جي اوچائي تقريبن ويهه، پنجويهه فوٽن تائين هئي. ڀتين جي شروع ۾ زمين کان ويڪر وڌيڪ ۽ مٿي تقريبن ڇهن فوٽن تائين هئي. هن ڪوٽ کي مقامي ماڻهو ”ميرن جو ڪوٽ“، ”سن قلعو“ ۽ ”نورپور ڪوٽ“ به سڏيندا هئا. هڪ ٻي روايت به موجود آهي ته اهوڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو ۽ ميرن به ان جي مرمت ڪرائي ۽ استعمال ۾ آندو.

ميرن جي دور ۾ هن ڪوٽ تي سپاهه وغيره به مقرر هئا جيڪي ڪوٽ جي اردگرد نظرداري تي معمور هئا. هي ڪوٽ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي هو. جنهن جي ڀتين  ۽ مورچن تان پري پري تائين نظر وئي ٿي. ان زماني ۾ اچ وڃ جو ذريعو سنڌو درياءَ هو ۽ ڪوٽ تان ٻيڙين جي اچ وڃ تي به پوري نظر پئي ٿيندي هئي. ان ڪوٽ تان ڪاري واهه تي آبادگارن طرفان نارن جي ذريعي ٿيندڙ پوک تي به چٽيءَ طرح نظر رکي ويندي هئي. ان وقت هڪ ڪچو رستو جنهن کي شاهي رستو چيو ويندو هو سو هن ڪوٽ جي اولهه واري ڀت سان لڳو لڳ هوندو هو. ان تان ايندڙ ويندڙ تي به هن ڪوٽ جي نظرداري ڪندڙن جي چڱي نظر پئي ٿي. ان رستي تي ڪوٽ جي ڀرسان چانڊين جي ڳوٺ جي هڪ پوڙهي  خدا ترس عورت روزانه درياءَ تان پاڻيءَ جو دلو ڀري وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺي هوندي هئي، جيڪا ان رستي تان ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پاڻي پياريندي هئي.

 هي ڪوٽ اهڙي جاءِ تي هو . جتان ان ڪوٽ جي ڀتين ۽ مورچن تان سنڌو درياءَ، شاهي رستو، سن  سميت چوڌاري ٿيندڙ پري پري تائين چرپر تي نظر پئي ٿي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهه مطابق جڏهن انگريزن ميرن کان بادشاهي کسي ان وقت قلعي مان کين ڀالا، تير ۽ ڪجهه منهن ڀرڻ واريون بندوقون مليون هيون. ان ڪوٽ ۾ کجين جا وڻ ۽ ليمن جا وڻ به هئا.

فائيل فوٽو

اندر ڪوٽ ۾ ٻه رهائش جون جايون، هڪ اوڀر طرف ۽ ٻي اولهه طرف هيون. جيڪي بنياد کان سنهين پڪين سرن ۽ بعد ۾ ڪچيين ڀتين تي ٺهيل هيون. هر هڪ جاءِ ۾ ڪشادو ڪمرو ۽ ان جي اڳيان ورانڊو هو ورانڊي کي ٻه دروازا هئا ۽ پاسن کان هڪ، هڪ دروازو هو اهي سمورا دروازا مٿان گولائي تي هئا. بنهي جاين جي اڳيان هڪ، هڪ کوهه هو. ڪافي جهونن جي چوڻ آهي ته انهن کوهن تي ڀڳل ٽٽل زبون حال نار ڏٺا هئا. جڏهن 1964ع ڌاري درياءَ جي پاڻي  سن شهر، درگاه شاه حيدر ۽ قبرستان ۽ هن ڪوٽ کي پائڻ شروع ڪيو هو. ان وقت هن ڪوٽ جو مڪمل اڌ حصو درياءَ جي پائيندڙ سبب هليو ويو. هن ڪوٽ جي اتر واري پاسي ڀرسان چانڊين جو هڪ ننڍو ڳوٺ هو . سائين جي ايم سيد پنهنجي لکيل ڊائري ۾ چانڊين جي ڳوٺ ۽ ان ڪوٽ جو ذڪر هن ريت ڪيوآهي ته: ”17 مارچ 1923ع تي حاجي شاهه بيگ چانڊيو جي ڀاءُ صحتئي خان جي شادي ڪنڊل خان جي نياڻيءَ سان هئي. ان جي دعوت تي وڃڻ ٿيو. رئيس فقير بخش ڪاڇي، ڌڻي بخش شاهه ڀاڻوٺي، غلام حسين شاهه هالا، قاضي محمد ڪامل هالا، برادرم شهاب الدين شاهه ۽ وڏيرو الهه ڏنو مانجهند آيل هئا. رات رهي، ٻي ڏينهن شام جو ڳوٺ آياسون“. نوٽ: چانڊين جو  اهو ڳوٺ نورپور جي ڪوٽ جي ڀر ۾ هو، جو پوءِ ٻوڏ جي ڪري  ٻڏي ويو.“

  پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ آيل ٻوڏن سبب  ان ڳوٺ جا سمورا  رهندڙ ان ڪوٽ ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا هئا. ان ڪري ”ڪوٽائي چانڊيا“ سڏجڻ لڳا. انهن چانڊين ۾ ڪافي وڏي عمر جي ماڻهن کان ڪچهريون ڪيون ويون. جن جي چوڻ مطابق ته ميرن جي وقت کان وٺي ان ڪوٽ جي سار سنڀال  چانڊين جي حوالي هئي. هو ٻڌائين ٿا ته: ”چانڊڪا پرڳڻي کان ٻه ڀائر هتي آيا، هڪ جو نالو ايلچي ۽ ٻئي جو نالو ڀمڀو چانڊيو هو. ڪوٽائي چانڊيا انهن ٻن ڀائرن جو اولاد آهن. ان سلسلي ۾ ليکڪ جي ڪافي جهونن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون.

ايلچي پير ۽ ميرن جون قبرون:

الهه رکيو چانڊيو جيڪو هن وقت تمام وڏي عمر جو هو. ان جو چوڻ هو ته ايلچي، ڀنڀو، پريو ۽ ممدو پاڻ ۾ چار ڀائر هئا. وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهه مطابق انهن چئن ڀائرن منجهان  ايلچي ۽ ڀنڀو  لڳ ڀڳ ميرن جي دور ۾ سن طرف لڏي آيا هئا. ايلچي درويش هو ۽ سندس ڪيترائي مريد به هئا. ان ڪري ايلچي پير جي نالي سان مشهور آهي. سندس مزار سن اسٽيشن جي سامهون اولهه ۾ واقع ٽڪري تي موجود آهي. ايلچي پير جي ڀرسان سندس ڀاءُ ڀنڀي جي قبر آهي. باقي سندن ٻن ڀائرن پريو ۽ ممدو جون قبرون لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهن. ايلچي پير وارو مقام اڄ تائين چانڊين جو سڏبو آهي. چانڊيا قبيلي جي ماڻهن جي فوتگي بعد ان جي تدفين ان قبرستان ۾ ٿيندي آهي. ايلچي پير جي پوئر فقيراڻو گهر سڏبو آهي. هن وقت حاجي حسين چانديو ان جو متولي سڏجي ٿو  ان مقام ۾ پندرهن، سورهن  اهڙيون قبرون به آهن جن ۾ پڪيون سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن ۽ ان جي تعمير جي نموني ڏسڻ بعد ٻه رايا موجود آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهي ڪلهوڙن جي دور سان نسبت رکن ٿيون. جڏهن ته الهه رکيو چانڊيو جي چوڻ مطابق ته شروع کان ٻڌندا اچون ته اهي ميرن جو قبرون آهن. جيڪي ان ڪوٽ ۾ رهندا هئا.

سن ڪوٽ جو 1964ع ۾ درياءَ جي پاوت سبب اڌ حصو ختم ٿي چڪو هو، اڳتي هلي 1976ع ۾ ٻيهر درياءَ جي پاڻيءَ  پاوت ٿي جنهن ۾ سمورو ڪوٽ دريا خورد ٿي ويو. ”سن قلعو“ اهڙو ڪچو ڪوٽ هو جنهن جي طرزِ اڏاوت ۽ نمونو، حيدرآباد ڪچي قلعي ۽ دليل ديري ڪوٽ جهڙي هئي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment