شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

سيڪس ۽ ادب


صبح 10 لڳي 29 منٽ -اڱارو 22 مئي 2018  442 
image-1

 

”آئون چاهيان ٿو ته منهنجو رسالو اهڙو هجي جو گهر ۾ منهنجي ڌيءُ به پڙهي سگهي ته گهر جو هر فرد ان کي پڙهڻ وقت ڪنهن به قسم جي لڄ محسوس نه ڪري.“

اهو جملو مون کي هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر چيو هو، جنهن سان ملي مون کي ائين لڳو ته هو به محمد قاسم ماڪا وانگر ”پاڪيزه سوچ“ رکندڙ ماڻهو آهي. جيڪو سدائين پراڻن ڳائڻن جا ڪلام هٿ ڪري ڪيسٽ تيار ڪري، ”پاڪيزه موسيقي“ ٻڌندڙن لاءِ پيش ڪندو هو.

پر اصل ۾ جنهن ايڊيٽر جو آئون ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان مٿي ڄاڻايل ڳالهه ان حوالي سان ڪئي هئي ته ادب جي صنف ڪهاڻي توڙي ناول ۾ ڪنهن به قسم جو جنسي پهلو نه هجڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن به قسم جو اهڙو منظر نه هجي جنهن سان انسان جا اخلاقي قدر متاثر ٿيندا هجن. پر جيڪڏهن ادب کي ئي اخلاقي قدر طئي ڪرڻا آهن ته پوءِ سماج ۾ موجود ٻين شعبن جو ڪهڙو ڪم آهي؟

هڪ استاد جو ڪهڙو ڪم آهي، گهر ۾ موجود ماءُ جو ڪهڙو ڪم ۽ مذهب جو پوءِ ڪهڙو ڪم آهي يا وري سماج سان واڳيل مختلف شعبن جو ڪهڙو ڪم آهي. اسين ادب ۾ جنس جي ذڪر تي ايترو چڙندا ڇو آهيون؟ جڏهن ته اخبار ۾ ڪنهن ٻارڙيءَ يا عورت سان ٿيندڙ ڏاڍائي جون خبرون اسان کي روز پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. اهي سموريون اخبارون بنا روڪ ٽوڪ جي اسان جي گهرن ۾ به اچن ٿيون. اتي اسان کي اهو خيال ڇو نٿو اچي ته هاڪر کي چئي اها اخبار بند ڪرائي ڇڏجي، جيڪا جنسي ڏاڍاين جي واقعن سان ڀري پئي هوندي آهي يا وري ان اخبار جي ايڊيٽر کي وڃي چئجي ته اهو اهڙي قسم جون خبرون ڇو ٿو ڇاپي جنهن سان گهر ۾ موجود ٻارن جي ذهنن تي خراب اثر ٿو پوي. پر اسين ائين نه ڪندا آهيون، اسين انهن خبرون کي جيئن جو تيئن قبول ڪندا آهيون ۽ اهي خبرون پڙهندي پنهنجي ردعمل جو اّظهار به ڪندا آهيون.

پر جڏهن اهي ئي ساڳيون شيون ادب ۾ شامل ڪيون وينديون آهن ته ليکڪ کي فحش نگار، اگهاڙو، شرابي ۽ عورتن جا ڪپڙا لاهيندڙ چيو ويندو آهي. جڏهن ته هڪ ليکڪ بطور ڪهاڻيڪار يا ناول نگار اهي شيون اسان جي آڏو پيش ڪندو آهي، جيڪي سماج ۾ لاڳيتو ٿينديون رهنديون آهن. هو ڪو اهڙو واقعو ته نه لکندو آهي، جيڪو خلا ۾ ٿيو هجي، پر هن جي ڪهاڻين ۾ جيڪا تصوير پيش ڪيل هوندي آهي، اها سماجي تصوير هوندي آهي. ادب ۾ سيڪس جو ذڪر يا جنسي لذت ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي اهو سلسلو ته صدين کان هلندو اچي.

ڪنهن زماني ۾ يونان ۾ هڪ شاعره هوندي هئي، جنهن جو نالو سيفو هو، هوءَ نه فقط پاڻ ليزبن (هم جنس پرست) هئي پر سندس شاعريءَ ۾ به اهي سموريون شيون ۽ رويا موجود آهن. اڄ به سيفو هڪ مقبول ترين شاعره سمجهي وڃي. جيتوڻيڪ اها حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان اڳ جي شاعره آهي. پر سندس شاعريءَ ۾ جنسي پهلو چٽا آهن.

سيڪس يا جنس ادب ۾ ڪو اهڙو موضوع نه هجڻ گهرجي جيڪو منع ٿيل ميوو ٿي وڃي پر جيئن ته جنس سان لاڳاپيل معاملا سماج ۾ ٿيندا رهندا آهن، تنهنڪري اهي جڏهن ادب جو حصو ٿين ٿا ته ان کي عيب نه سمجهڻ گهرجي. اهڙي قسم جا حوالا ته اسان کي شاعري ۾ ملن ٿا.

مير ڪيا ساده هين، هوئي جس ڪي سبب بيمار

اسي عطار ڪي لونڊي سي دوا ليتي هين (مير تقي مير)

جيئن اسٽينلي هال ۽ ايلن چون ٿا ته ”مذهب، آرٽ ۽ زندگي جي بهترين عنصرن جي ڪشش جو راز جنسي جذبي جي گهڻ طرفي ڪارفرمائي ۽ واڌ تي آڌاريل آهي.“

يا انگريزي جو مشهور شاعر لارڊ بائرن پنهنجي لاءِ چوندو هو ته ”مون هوس جا سمورا چشما سڪائي ڇڏيا آهن، آئون هڪ پوڙهو جوان آهيان.“

رڳو ايترو ئي نه پر ادب ۾ جنسي موضوع کي ق.م کان اهم سمجهيو ويو آهي. جهڙي ريت سفوڪليز پنهنجي ڊرامي ”ڪنگ ايڊيپس ريڪس“ ۾ پٽ جي شادي پنهنجي ماءُ سان ڏيکاري آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي ڊرامي ۾ ديوتا کان اها اڳڪٿي نه ڪرائي ها ته سندس ڊرامي جي ڪهاڻي اڳيان ئي نه وڌي ها. پر ان ڊرامي ۾ ماءُ سان شادي ڪرڻ رڳو رسمي عمل ته ناهي پر اهو جنسي عمل طور به ڊراما ليکڪ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جنهن کان پوءِ ”ايڊيپس ڪامپليڪس“ وارو اصطلاح رائج ٿيو.

اسان وٽ ۾ سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائي، خيرالنساءَ جعفري، علي بابا ۽ ماڻڪ جهڙن ڪهاڻيڪارن پنهنجن ڪهاڻين ۾ جنسي  پهلو کي وڏي بهتر انداز سان لکيو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته اسين سيڪس کي رڳو سيڪس سمجهي پڙهون ٿا. انهي جي باري ۾ اسين سماجي ۽ نفسياتي معاملن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون.

ڪو ماڻهو سيڪس کي پسند ڇو ٿو ڪري؟ ڪنهن ماڻهو کي پورن فلمون ڏسڻ پسند ڇو آهن؟ ڪو ماڻهو ننڍڙي ٻارڙيءَ سان جنسي ڏاڍئي ڇو ٿو ڪري؟ انهن سمورن سوالن جي جوابن جو ڪو پسمنظر ضرور هوندو آهي. پر هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن انهن سمورين شين کي ڪهاڻي جي صورت ۾لکڻ لڳندو آهي ته اسين سماج ڏانهن آڱريون کڻڻ بدران ان ڪهاڻيڪار کي واجب القتل قرار ڏئي ڇڏيندا آهيون، جيڪو اسان کي اصل ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوندو آهي ته جنهن سماج جو اسين حصو آهيون، انهي جو حقيقي روپ ههڙو آهي. پر سيڪس جتي ماڻهو جي ضرورت آهي، اتي اها هوس به آهي. ڇاڪاڻ ته فطري طور اهو انساني جبلت جو حصو آهي. جنهن کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي.

ادب ڪو مقدس علم ناهي، جنهن ۾ اسين اهڙي قسم جون ڳالهيون نه لکي سگهون، بلڪه ادب جو ڪم ئي اهو آهي، اهو هر حوالي سان شين کي فنڪاراڻي نموني سان ائين پيش ڪري جو ماڻهو جو اندر کلي سامهون اچي. اڄ جيڪڏهن اسين ادب کي برقعو پرائي لکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته گهڻيون حقيقتون اهڙيون هونديون جيڪي اسان کي نظر ئي نه اينديون. ان ڪري سيڪس جي پهلو کي ادب ۾ شامل ڪرڻ سان ادب يا اديب خراب ناهي ٿي ويندو. بلڪه ان سان اسين ڪجهه اهڙن نفسياتي پهلوئن کي سامهون آڻي سگهون ٿا، جيڪي اسين ڪنهن ٻي صورت ۾ شايد نه آڻي سگهندا هجون.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment