شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

ٻن مغل شهزادن جي بدين ۾ جنگ


صبح 06 لڳي 13 منٽ -سومر 21 مئي 2018  240 
image-1

 

آئون پنهنجي تصور جي اک سان اهو ضرور ڏسي سگهان ٿو ته، چار سئو ٻاهٺ سال اڳ سنڌو درياءَ جي ’پُراڻ‘ نالي واري وهڪري ۾ ڪيترو پاڻي وهندو هُوندو، جيڪڏهن سياري جا ڏينهن آهن ته پاڻي ضرُور گهٽ هوندو، پر ايترو به گهٽ نه هوندو جنهن ۾ عام بادباني ٻيڙيءَ به هلي نه سگهندي هُجي ۽ جيڪڏهن گرميءَ جي موسم آهي ته، اهو وهڪرو پنهنجي اندر ۾، مٺي پاڻيءَ جي هڪ دُنيا کڻي اُتر کان ڏکڻ طرف وڏي شان ۽ مان سان پنهنجو سفر ڪندو هُوندو. ’فتح باغ‘ ’جُوڻ‘ ۽ ٻيون ڪيتريون مشهور آباديون انهيءَ وهڪري جي ڪناري آباد هُيون ۽ گڏوگڏ چاچڪان پرڳڻي ۾ بدين جو مشهور قلعو به انهيءَ جي ڪناري آباد هو.

هي اُهو زمانو هو، جڏهن مرزا عيسيٰ خان ترخان ٺٽي جي تخت تي ويٺل هو، اهو 1554ع جو زمانو هو، شاه حسن ارغون دريائي ٻيڙيءَ تي تري تري وڃي خالق حقيقي سان مليو ۽ امانت طور مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو هو. مرزا عيسيٰ جا اٺ پُٽ ۽ پنج نياڻيون هُيون، پر اسان اڳيان سندس ٽن پُٽن جا نالا تاريخ ۾ مُتحرڪ نظر اچن ٿا، جيڪي اُن وقت ٺٽي جي سياسي اُفق تي روشن هئا. اِهي پهريان مغل نسل هئا جنهن جي ماءُ مقامي سنڌي خاندان مان هُئي. مرزا جان بابا جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي چوڻ تي قتل ٿيو، اُن جو ذڪر ٻيهر ضرور ڪنداسين، پر اڄ جي لکڻي ۾ مرزا محمد صالح بيگ ۽ مرزا باقي بيگ جو ذڪر ٿيندو، جيڪي هُئا ته پاڻ ۾ ڀائر پر ٻنهي کي پيار محبت جو رشتو ڪڏهن به انهن جي وچ ۾ جڙي نه سگهيو، جڏهن ته مرزا عيسيٰ انهن جي تربيت ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي هُئي، ڇو ته انهن جي تربيت لاءِ، مُلان بهبود، شيرنگ خان ۽ فتح خان کي مقرر ڪيو ويو هو. مرزا عيسيٰ برداشت ڪرڻ وارو انسان هو، پر اِها خاصيت سندس پُٽن ۾ پيدا ٿي نه سگهي. مرزا صالح هڪ سُٺو بيوقوف ۽ بهتر ڊاڙُون هڻن وارو انسان هو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

مرزا باقي جذباتي ضرور هو پر هُو هڪ ذهين انسان هو، هُن کي حُڪومت ڪرڻ جو جُنون جي حد تائين شوق هو، انهن ٻنهي جي مُخالف طبيعتن هڪٻئي کي دشمن ڪري ڇڏيو هو. مرزا عيسيٰ ترخان، مرزا باقي جي ڀيٽ ۾ مرزا صالح بيگ کي ڪجهه وڌيڪ چاهيندو هو، پيءُ جي انهيءَ چاهت کيس آزاد ڪري ڇڏيو  ۽ حُڪومت جو سڄو ڪاروبار پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ نزلو ڪريو مرزا باقي بيگ تي ۽ ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. مرزا عيسيٰ پنهنجي ننڍي پُٽ ’مرزا جان بابا‘ کي سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو هو، مرزا صالح جڏهن اهو محسوس ڪيو ته، جان بابا هن لاءِ ايندڙ وقت ۾ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو ته هن، جان بابا سان انتهائي سخت رويو رکيو، جان بابا کان اهو رويو برداشت نه ٿيو ۽ ونگي طرف پنهنجن مامن وٽ هليو ويو، جتي هُن سميجن مان شادي ڪئي، جنهن مان مرزا عيسيٰ ثاني پيدا ٿيو جيڪو پنهنجي زماني جو ناليوارو انسان ثابت ٿيو.

هاڻي مرزا صالح بيگ لاءِ ڪا پريشاني نه هُئي، مرزا عيسيٰ کي هن ايترو جڪڙي رکيو جو مرزا هن کي وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو. مرزا باقي جنهن جي ٽوليءَ ۾ چار پنج ماڻهو هُئا، جن ۾: خميسو قاضي، ڇتو جولي، خليل خدمتگار ۽ مل هندو اهم ۽ خاص هئا، هي اُهي ماڻهو هئا، جيڪي سخت ۽ انتهائي ڏُکين حالتن ۾ مرزا باقي بيگ سان گڏ رهيا، اهو انهن ماڻهن جو ڪمال ۽ ظرف هو، مرزا باقي بيگ جو ڪمال اهو هو ته، سُکين ڏينهن ۾ هن پنهنجن ساٿين کي ڪڏهن پاڻ کان جدا نه ڪيو. جڏهن مرزا باقي کي سندس ڀاءُ سنڌ مان ڌڪاري ڪڍيو ته رستي ۾ هن گهڻيون تڪليفون ڏٺيون. هن جي بدحالي ۽ پريشاني جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳايو ته، مُسافريءَ ۾ سخت بُک لڳڻ ڪري مرزا باقي، ڪپڙو وات ۾ وجهي هڪ وڻ هيٺان ليٽيو پيو هو، اتفاق سان هن جي هڪ ساٿي کي ٻاجهريءَ جا ڪجهه سَٽا ملي ويا ۽ هو انهن کي ڪچو کائڻ لڳو، مرزا باقي منهن تان ڪپڙو لاهي پڇيو: ڇا پيا کائو؟ اُنهن جواب ڏنس ته: اسين جيڪو کائي رهيا آهيون اُهو توهان جي شايان شان ناهي... اهو ٻُڌي مرزا چيو ته: اها ڪهڙي ڳالهه ٿي، ڇا اوهين مُون کي فرشتو ٿا سمجهو جو بنا کائڻ پيئڻ جي زنده رهي سگهان ٿو؟ جيڪو ڪجهه به اوهين کائي رهيا آهيو، مونکي به کارايو.

تصور: ابوبڪر شيخ

اهي روايتون اسان کي تاريخ طاهري جي طاهر محمد نسياني کان ٻُڌڻ لاءِ ملن ٿيون. مرزا جڏهن ڪڇ جي ويجهو پهتو ته سندس هڪ ساٿي ’ڇتو جولي‘ ڪنهن جي ٻڪري چورائي آيو ۽ ٻڪري کي ذبح ڪري، ٽڪرا ٽڪرا ڪري باهه تي پچائي رهيا هئا ته ايتري ۾، ٻڪريءَ جو مالڪ پيرا کڻي اچي بهتو ۽ انهيءَ ٽوليءَ کي جهلي حاڪم ’کنگهار‘ وٽ وٺي آيو، راجا مرزا باقي کي سُڃاڻي اُن کي هڪ شهزادي جيتري عزت ڏني. صاحب سمون نالي جاڙيجا قوم جي هڪ معزز فرد پنهنجي نياڻي ’ٻائي جاڙيجي‘ سان مرزا باقيءَ جو نڪاح ڪرايو، جنهن مان پوءِ ’مرزا مُظفر بيگ‘ پيدا ٿيو جيڪو بدين جو حاڪم بنيو.

مرزا باقي بيگ هڪ عرصي تائين ڪڇ ۾ رهيو ۽ سياسي حوالي سان هُو انهيءَ ڊُڪ ڊوڙ ۾ لڳو رهيو ته، ڪڇ جا سردار سندس مدد ڪن جيئن مرزا صالح کان وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ بدين واري حُڪومت ته ڦُري سگهجي، آخر سندس اهي ڪوششون ڪامياب ويون ۽ راجپوتن جو هڪ لشڪر تيار ٿيو جنهن ۾، مرزا باقي جي سُهري انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ راءِ کنگهار اهو لشڪر ڏنو. ’ميرڪ‘ لکي ٿو:”راجپوتن جو هڪ لشڪر تيار ٿيو جيئن بدين پهچي سرڪار بدين ۽ چاچڪان پنهنجي زور تي مرزا صالح جي مقرر ڪيل عملي کان ڦُري وٺجي. انهيءَ نيت سان جڏهن مرزا محمد باقي بيگ بدين جي ويجهو پهتو ته مرزا محمد صالح بيگ مُغلن ۽ ٺٽي جي ٻين قبيلن جو لشڪر وٺي مقابلي لاءِ نڪتو، ٻنهي طرفن کان جنگ جون صفون تيار ڪيون ويون، جنگ ٿي، پر مرزا باقي بيگ جا سپاهي ميدان ۾ ڪو وڏو عملي ڪارنامو انجام نه ڏيئي سگهيا ۽ اهڙي ريت، مرزا باقي پنهنجي ڀاءُ کان ذلت ۽ خواري کڻي ناڪام ٿي واپس ڪڇ طرف ويو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

انهيءَ ناڪامي کانپوءِ مرزا باقي بيگ انتهائي مايوسيءَ واري ڪيفيت ۾ هليو ويو، ڪجهه عرصو ڪڇ ۾ رهڻ کانپوءِ سلطان محمود ڪوڪلتاش کان مدد وٺڻ لاءِ بکر طرف نڪري پيو، پر اُتي مرزا جي پيءُ ۽ سلطان محمود وچ ۾ ڪيل معاهدو وچ ۾ آيو، جنهن موجب، هو هڪٻئي جي علائقن ۾ فوج ڪشي نه ڪندا. مرزا، محمود کي چيو:” مونکي جيڪا گُذارش ڪرڻي هُئي اُها مون توهان کي پنهنجو پيءُ سمجهي ڪئي، هاڻي توهان ڪو اهڙو رستو ڪڍو جو آئون هن بک ۽ بي حاليءَ مان نڪري سگهان، ٻي حالت ۾ هن زندگي ۽ ذلت کان موت چڱو آهي...“ سلطان محمود هن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ پاڻ وٽ رهڻ جي صلاح ڏنائينس. شايد مرزا باقي جي گردش ۾ ڪجهه ڏينهن اڃان رهيل هُئا. بدين ويجهو ٻنهي ڀائرن ۾ اها جنگ 1560ع ۾ ٿي، ان جي ٽن سالن کانپوءِ، گرمين جي هڪ تتل ڏينهن قسمت هڪ عجيب فيصلو ڪيو.

تاريخ طاهري موجب:”مُريد نالي جت جيڪو بلوچ هو، مرزا صالح انهيءَ جي ڪجهه عزيزن کي جيل ۾ وجهي ۽ سندس پيءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، انهيءَ بنياد تي مُريد کي مرزا صالح کان سخت نفرت هئي، پنهنجي قوم ۽ قبيلي ۾ چوندو هو ته، جيستائين مرزا صالح کي بازار جي وچ ۾ قتل نه ڪندس تيستائين پنهنجي مٿي تي پڳ ڪونه ٻڌندس. ان لاءِ هُو ڳوٺ کان ٺٽي آيو ۽ بازار ۾ چاقو تيز ڪندو وتندو هو ۽ انهيءَ وقت پنهنجي منهن پيو چوندو هو ته: ها اي چاقو! تُون ڪم ڪندين يا نه؟ ۽ ها اي دل وقت تي تون مضبُوط رهج، مون کي تو مان اها اُميد آهي ته، انهيءَ موقعي تي تون بيهمت نه ٿج. شهري ۽ سپاهي هن جُون ڳالهيون ٻڌي، هن کي ديوانو سمجهي هن  تان ٽوڪون ڪندا هُئا.

تصوير: ابوبڪر شيخ

هڪ ڏينهن موقعو ڏسي، بلڪل اُنهيءَ وقت جڏهن مرزا صالح گهوڙي تي سُوار ٿي پنهنجي محل ڏانهن وڃي رهيو هو، مريد ڇُريءَ کي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فريادين وانگر ’فرياد..فرياد‘ جو نعرو هڻندو ڊوڙندو آيو. مرزا جا چوبدار انهيءَ کان درخواست وٺڻ لاءِ ڊوڙيا پر هن اهو ڪاغذ ڪنهن کي ڪونه ڏنو ۽ چيائين ته، آئون پاڻ مرزا جي خدمت ۾ پيش ڪندس ۽ ڪجهه زباني به عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. اهو ٻُڌي مرزا چوبدارن کي حڪم ڏنو ته، کيس نه روڪيو. جڏهن هو ويجهو پهتو ته، هن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڇُري ڪڍي مرزا تي وار ڪيو ۽ سندس پيٽ ڦاڙي وڌو، ترت چوبدارن مريد جا ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيا..“ هي واقعو ڇنڇر جي ڏينهن 17 اپريل 1563ع  تي  ٿيو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

مرزا صالح جو قتل، مرزا باقي لاءِ اُن جي مُشڪل ترين زندگيءَ جي سفر جي پُڄاڻي هُئي، انهيءَ کانپوءِ ماه بيگم جي اسرار تي مرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ کي گهُرائڻ لاءِ، مرزا صالح لاءِ هي لفظ استعمال ڪيا:”ڇو ته هو يوسف کي کائڻ وارو بگهڙ مرزا مرحوم پاڻ اُن کوهه ۾ وڃي ڪريو جيڪو هُن ٻين لاءِ کوٽيو هو.“ سنڌ جي تاريخ جي هن اهم موڙ تي اسين هڪ ڏکاري پيءُ ۽ هڪ خُوش پُٽ کان موڪلاڻي ڪريون ٿا.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment