شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

اڄوڪا مارننگ شو ڪهڙو پيغام ٿا ڏين


صبح 10 لڳي 40 منٽ -آچر 20 مئي 2018  280 
image-1

  ”رونا ڪس ڪو آتا هي؟ ڪيا آپ اڇا روسڪتي هين، ڪيا آپ چيخ ڪي روڪي ديکا سڪتي هين“

 اهي جملا هڪ مارننگ شو جا هئا، جنهن ۾ ميزبان پنهنجي آيل مهمانن کي لطف اندوز ڪري رهي هئي، اهو مارننگ شو امان ۽ ادي وڏي شوق سان ڏسنديون هيون. ڪجهه دير کانپوءِ شو ۾ اها وٺ پڪڙ هئي ته رنگ گور ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي يا وري وزن ڪيئن گهٽ ڪجي، وار لهندا هجن ته هي شيمپو لڳايو ۽ گهر ۾ ٺاهيل شين جي استعمال سان اوهان جا وار لهڻ بند ٿي ويندا. وري 15 منٽن جي وقفي کانپوءِ ڳالهه آئي ته اڄڪلهه فيشن پيو هلي ۽ شرٽس ڪيئن پيون ملن، مان مڃان ٿي ته عورت جو زيور ئي هار سينگار آهي پر مان سمجهان ٿي ته اسان جون عورتون رڳو هار سينگار لاءِ دنيا ۾ ڪونه پيدا ٿيون آهن، ٻيا به ڪيترا ڪم ۽ هنر آهن، جيڪي اهي سرانجام ڏين ٿيون.

       ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون هڪ ٻيو مارننگ شو ڏٺو، جنهن ۾ ڪنهن اداڪار ۽ سندس گهرواريءَ کي گهرايو ويو هو، جنهن ۾ هن کان اهو سوال پيو ٿئي ته اوهان جي (Husband) اوهان کي ڪٿي ڏٺو ۽ ڪيئن رشتو ٿيو، ڪيترن سالن ۾ شادي ٿي؟ وري ٻئي مرحلي ۾ اها ئي ڳالهه ورجائي وئي ته رنگ ڪيئن گورو ڪجي.

 ان کانسواءِ انهن پروگرامن ۾ انهن ئي ماڻهن کي گهرايو ويندو آهي جن جا Product سيل ڪرڻ لاءِ رکيا ويندا آهن. اهي اچي پنهنجي شيءِ جي مشهوري ڪندا آهن. ٽئين مرحلي ۾ ڪافي ڇوڪرين کي ميڪ اپ ڪري ماڊل طور ڏيکاريو ويو ته ڪهڙي ڇوڪري وڌيڪ سٺي ٿي لڳي. ان کانسواءِ هڪ ٻئي پروگرام ۾ ميزبان ننڍين ننڍين ڇوڪرين کي اڌ ڪپڙا پارائي عجيب قسم جو ڊانس ڪرائيندا آهن.

 اڄ اسان جي سنڌ ڪيترو ته پٺتي پيل آهي، اسان جا نوجوان ا-ب جا ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪLong way to lachi  کي ياد رکن ٿا.

ڇا گهرو ٽوٽڪن کانسواءِ مارننگ شو ۾ ڪي به ڪارائتا موضوع بحث هيٺ نٿا آڻي سگهجن. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ته مارننگ شوز ۾ اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته اهي رڳو عورتن لاءِ ئي آهن. جن ۾ رڳو ذڪر ئي عورتن جو ئي ٿيندو پيو آهي. پر مرد ڄڻ ته غائب هوندو آهي، اها ان وقت مرد جي موجودگي ضرور ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن هڪ نقلي شادي واري تقريب رکي ويندي آهي.

 اسان جون 90 سيڪڙو عورتون ته ذهني مريض آهن ۽ ڪي وري ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، اسان جي عورتن کي هار سينگار کانسواءِ هنن جي ذهن جي آبياري جي به ضرورت آهي. هنن کي انهن ڳالهين سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو وڃي ته جيئن اهي ان ذهني دٻاءُ مان نجات حاصل ڪري سگهن.

ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عورتن کي جڏهن ڪا تڪليف ٿيندي آهي ته ڪنهن ڊاڪٽر بدران هڪ پير يا بابي ڏانهن وٺي ويندا آهن، اهو پير ۽ بابا پئسن ۽ هوس جي چڪر ۾ هنن کي اڃا وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن ته شهر جون عورتون ٻاهر نڪرڻ ڪري پوءِ به ڪجهه ايڪٽو آهن، پر ٻهراڙي جون عورتون به ٻاهر نڪرن ئي ڪونه.

ان کانسواءِ ڪجهه عورتون رشتي لاءِ ۽ ڪي وري رشتو ٿيڻ کان پوءِ ۽ ڪي وري ٻين گهرو مسئلن جي ڪري ذهني مريض ٿي ويون آهن. ڪجهه وقت هڪ شهر ۾ عورتون ۽ مردن زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏٺم ڇاڪاڻ ته سندن مرشد جو چوڻ هو ته هنن کي جن اچي ويو آهي، هاڻ منهنجو سوال اهو آهي ته جن رڳو ٻهراڙي وارين عورتن کي ڇو ٿا اچن، شهر وارين کي ڇو نه؟ سڄو مسئلو شعور ۽ ماحول جو آهي ۽ ان ماحول ۾ وري اهڙا پروگرام ڪرڻ جو، جيڪي اسان جي سماج جي تربيت گهٽ ۾ تباهي وڌيڪ ڪري رهيا آهن.

       جنهن پاسي ڏسجي ميڊيا تي اهڙن پروگرامن جي ڀرمار لڳي پئي آهي، مثال طور، اڪ نئي صبح، جاگو پاڪستان، صبح سويري، جيو صبح پاڪي وغيره وغيره. مان سمجهان ٿي جيڪڏهن انهن ئي پروگرامن ۾ ڪاڪروچ ڪيئن مارجن يا وري اوهان ڪنهن سان پهريون ڀيرو ملندا آهيو ته ڇا سوچيندا آهيو؟ جهڙا سوال ڪرڻ ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ بدران جيڪڏهن اسان انهن مارننگ شوز ۾ ڪا نواڻ آڻيون ته وڌيڪ بهتر رهندو. جيئن مدر ڊي آهي ته ان حوالي سان پروگرام ڪجي يا وري ڌرتي جو ڏينهن آهي ته ان حساب سان ڪو پروگرام تيار ڪجي.

 ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته انهن پروگرامن ۾ ٻارن ۽ مردن لاءِ يا وڏي عمر وارن لاءِ ڪو مواد ئي ناهي، اڳ جيئن ته پي ٽي وي هڪ ئي چينل هوندو هو، ان تي هر قسم جا پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا. ٻارن جا الڳ ۽ وڏن جا الڳ پروگرام هوندا هئا. هينئر به انهن ئي مارننگ شوز ۾ اهڙي قسم جا پروگرام هجن ته انهن جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو.

       ان کانسواءِ جيئن ئي رمضان جو مهينو شروع ٿيندو آهي ته رمضان ڪريم رحمت ۽ برڪت سان گڏوگڏ ماڻهن لاءِ هڪ ڪمائي وارو ذريعو به بڻجي ويندو آهي. اسان وٽ جيئن ئي رمضان شروع ٿيندو آهي ته اسان جا علماءِ ڪرام ۽ ٻيا به ڪيترائي اداڪار اسان کي رمضان المبارڪ وارا پروگرام ڪندي نظر ايندا آهن. انهن پروگرامن ۾ مرد، عورت گڏ ويٺل نظر ايندا آهن ۽ اهي ئي عالم جيڪي ٿوري گهڻي تي فتويٰ جاري ڪندا آهن، سي ميڊيا تي انهن کي آمهون سامهون مسئلن جا حل ٻڌائيندا آهن.

 ڪجهه اهڙا به شو اسان وٽ ٿيا آهن جن ۾ ميزبان پنهنجا ئي پڙهايل ماڻهو وٺي ايندا آهن، ڪو اچي اها دعويٰ ڪندو آهي ته هن وٽ غيبي علم آهي ۽ ڪو وري جسم تي ڪي مقدس نالا لکرائي انهن جي به مشهوري پيا ڪندا آهن.

هڪ پروگرام ۾ ته باقاعده هڪ ماڻهو کي گهرايو ويو ۽ هن گانو هلرائي فرش تي ليٿڙيون پاتيون. پر اسين اهو سڀ ڪري يا ڪرائي پنهنجي عوام کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون؟ اسان ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون؟ اسان جي قوم پٺ تي پيل آهي ۽ ان کي تعليم ۽ شعور جي ضرورت آهي.

مارننگ شوز نشر ڪندڙ چئنلن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته گهرو ٽوٽڪن وسيلي اسين عام ماڻهو کي شعور نٿا ڏئي سگهون ۽ نه ئي اها ڪا وندر آهي. ٽي وي چئنلن جو ڪم پنهنجن ناظرين کي وندر فراهم ڪرڻ به هوندو آهي پر سوال اهو آهي ته اها وندر ڪهڙي قسم آهي. ڇا وندر جي نالي ۾ رڳو رنگ گورو ڪرڻ، وزن گهٽائڻ، وار وڏا ڪرڻ ۽ ڪاڪروچن مان جان ڇڏائڻ آهي.

تنهنڪري مارننگ شوز رڳو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ بدران انهن جي تربيت ڪرڻ لاءِ به هجڻ گهرجن.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment