شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

ڪلان ڪوٽ: هڪ پراسرار قديم قلعو


صبح 06 لڳي 36 منٽ -جمعو 18 مئي 2018  361 
image-1

 

گذريل سال سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي وڃڻ ٿيو ۽ اتي ڪجهه قديم ماڳن کي به ڏسڻ جو موقعو مليو. ماضيءَ ۾ ٺٽو عالمن ۽ ڏاهپ جو شهر ليکيو ويندو هو. پر هر شهر جا سٺا ۽ چڱا ڏينهن هوندا آهن، تنهنڪري ٺٽي سان به ائين ئي ٿيو.

تصوير- اختر حفيظ

اها سياري جي مند هئي پر جنهن وقت آئون اتي پهتس ته ان ڏينهن آسمان صاف هو.

اڄ ٺٽو پنهنجي مڪلي واري سڀ کان وڏي قبرستان جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، پر اتي ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي جيڪو ڏسڻ لائق آهي ۽ جنهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. آئون اتي پروفيسر محمد علي مانجهي سان مليس. جنهن سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخي ماڳن تي ڪم ڪيو آهي.

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

”توهان ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ويا آهيو؟“ هن پڇيو

”نه بلڪل به نه. بلڪه مون ته ڪڏهن ڪلان ڪوٽ جي باري ۾ ٻڌو به ناهي.“ کيس جواب ڏنم

اهو پهريون ڀيرو هو، جو مون ڪنهن جي واتان ڪلان ڪوٽ جي باري ۾ ٻڌو هو. پروفيسر مانجهي مون کي ڪلان ڪوٽ جي باري ۾ ٻڌائيندو ويو ۽ مون فيصلو ڪيو ته اهڙي قسم جو تاريخي ماڳ ضرور ڏسڻ گهرجي.

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

 ڪلان ڪوٽ مڪليءَ کان ڪو گهڻو پري ناهي. اهو مڪلي واري قبرستان جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ تقريبن ٻه يا ٽي ڪلوميٽر ٺٽي کان پري آهي. هڪ ٽٽل ڦٽل روڊ ڪلان ڪوٽ ڏانهن وڃي ٿو، جتان اٿندڙ مٽي توهان جي سواريءَ کي لٽي ڇڏي ٿي. بس ٿوري ئي سفر کان پوءِ اسين ڪلان ڪوٽ پهچي وياسين.

گهڻا تاريخدان اهو سمجهن ٿا ته اهو قلعو راءِ گهراڻي جي دور ۾ ٺهيو هو. راءِ گهراڻو سنڌ جو هڪ مشهور حڪمران گهراڻو رهيو آهي. جيڪو ٻڌ مت جو پوئلڳ هو. راءِ سهاسي انهي خاندان جو آخري حڪمران هو. 450 کان وٺي 632 تائين راءِ گهراڻي سنڌ تي حڪمراني ڪئي، سندن تخت ۽ تاج 632 ۾ ڦرجي ويا. 

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

ڪلان ڪوٽ پهچڻ وقت مون اتي ڀريل عمارتون ڏٺيون، جن جون ڀتيون به جهريل هيون. هر پاسي کان سرون پکڙيل هيون. پهرين ئي نظر ۾ توهان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اها جاءِ صدين کان هڪ غيرآباد جاءِ هجي. انهي شهر کي ڏسندي ۽ جاچيندي پروفيسر مانجهي هڪ ڏند ڪٿا به ٻڌائي جيڪا شهر سان واڳيل آهي.

انهي لوڪ آکاڻي موجب شهر ۾ هڪ ارڙ نانگ رهندو هو. جنهن جو منهن ڪلان ڪوٽ ڏانهن هوندو هو، پر جڏهن ان پنهنجو منهن دهلي ڏانهن ڦيريو ته دهليءَ جو شهر اڏجي ويو ۽ پوءِ اهو گهڻ آبادي وارو شهر ٿيندو هڪ بهتر شهر ٿي ويو. تنهنڪري ڪلان ڪوٽ پنهنجو جوڀن وڃائي ڇڏيو.

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

ڪلان ڪوٽ تي ڪيترن ئي حڪمرانن توڙي حملي آورن حڪمراني ڪئي آهي. انهي قلعي جي جاگرافيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان کي دفاعي مقصدن لاءِ اڏيو ويو هو.

پر اڃا تائين اهو هڪ ڳجهه آهي ته هن شهر کي آخر اڏيو ڪنهن هو. جيڪو تقريبن 14هين صدي ۾ اڏيو ويو هو.

علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ”ملڪي نامه“ ۾ لکي ٿو ته ”هن شهر جا ٿبڀ پري کان ئي نظر ايندا هئا، جيڪي آسمان کي پيا ڇهندا هئا. انهي جي ڀتين وٽان من موهيندڙ نظارا، ساوا کيت ۽ باغ هوندا هئا، جيڪو جنت جو نظارو لڳندو هو.“

هو ان حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته ”دهلي جي فيروز بادشاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هن ڪلان ڪوٽ ڏسڻ ٿي چاهيو، هن انهي کي فتح ڪرڻ ٿي چاهيو، پر انهي کي فتح ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ويو. ڇاڪاڻ ته انهي کي فتح ڪرڻ گهڻو ڏکيو هو. ان زماني ۾ فيروز بادشاهه جي فوج وٽ 90 هزار گهوڙي سوار، 480 هاٿي ۽ پنج سئو ٻيڙا هئا ۽ هزارين سپاهي هئا. سپاهي ۽ بادشاهه انهي قلعي ۾ رهندا هئا.

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

اتر واري پاسي کان وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٿنڀ ۽ بچاءُ ڪندڙ ڀتيون اڏيون ويون. جڏهن ته ٻئي پاسي فقط هڪ ڍنڍ هئي. ان کانسواءِ قلعي جي تحفظ لاءِ کاهيون به کٽيون ويون هو.

ٻه ڀيرا تباهه ٿيڻ کان پوءِ انهي کي ٻيهر اڏيو ويو هو. ديبل جي تباهي کان پوءِ ٺٽو سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو. ڪلهوڙن جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي راڄڌاني رهيو. جڏهن ته سنڌ جي هر حڪمران هن قلعي ۾ پناهه ورتي.“

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

تغلق واري زماني ۾ هتي هڪ مسجد به ٺاهي وئي هئي. اتي ٻه پاڻيءَ جا تلاءُ به هئا، جيڪي ان وقت جي حڪمرانن ٺهرايا هئا. جن مان هڪ اڄ به موجود آهي. جڏهن چار پاڻي جا تلاءُ قلعي جي اندر هئا.

ڊاڪٽر مانجهي وڌيڪ ٻڌايو ته ”مغلن هن قلعي کي بارود خاني طور به استعمال ڪيو. ڪئين هندو هتي تباهه ٿيل مندر تي به ايندا هئا. ماڻهو پنهنجن ديوتائن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هتي قربانيون به ڪندا هئا. پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ ماڻهو پوڄا ڪن ٿا ۽ پٿر جي ڀتين تي رنگ هڻندا آهن. جڏهن داراشڪوهه ٺٽي شهر کي ساڙائي ڇڏيو ته سمورن شهر واسين ڪلان ڪوٽ واري قلعي ۾ پناهه ورتي هئي. پر قلعي جو بنياد ڪنهن وڌو اسين اڃا تائين انهي سوال جي جواب جي ڳولا ۾ آهيون.“

تصوير- اختر حفيظ
تصوير- اختر حفيظ

ان قلعي جي ماٺ مون کي وڌيڪ انهي تي تحقيق ڪرڻ تي اتساهي ڇڏيو جيڪو پنهنجي دور جو هڪ بنهه بهترين قلعو رهيو هوندو. مون ماٺار ۽ سڪون ۾ ويڙهيل ڪلان ڪوٽ تان واپسي ڪئي. پر مون کي لڳو ته ڪلان ڪوٽ جي باري ۾ اڃا گهڻو ڪجهه حقيقي طور ڳولڻ جي ضرور آهي.

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment