شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجهه تاريخي حقيقتون


صبح 05 لڳي 13 منٽ -سومر 14 مئي 2018  741 
image-1

1851ع ۾ هندستان جي برطانوي سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسرن کي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ، سنڌي ٻولي (Sindhi boli) لازمي سکڻي پوندي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي. سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي فارسي رسم الخط 1853ع کان لاڳو آهي. ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو. هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون قصو 1854ع ۾ ڇپيو. سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي. سنڌيءَ ۾ باقائدي قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو. هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو. هاڻوڪي سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي ۾ گرامر تي ڪتاب لکيو. سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر جي حوالي سان لکيو. ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي. انگريز حڪمرانن جي ڪوشش سان موجوده ”سنڌي - عربي رسم الخ 1853ع ۾ رائج ڪيو ويو.

انگريز عالمن جي سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپيءَ جا اهڃاڻ ان کان به ڪجهه اڳ ملن ٿا. پرنسيپ صاحب سن 1835ع ۾، ۽ راموس 1836ع ۾، ۽ واٿن به 1836ع ۾ سنڌي گرامر لکيا. حالانڪ اهي ڪوششون اڻ پوريون ۽ اڌوريون ئي سهي، پر آگاٽيون ۽ سڀ کان پهريون ڪيل آهن، تنهنڪري اهي ڪوششون يادگار رکن ٿيون.

ڪيپٽن جارج اسٽئڪ سن 1849ع ۾ بمبئيءَ مان ٻه ڪتاب شايع ڪيا: هڪ انگريزي - سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، جنهن جي آخر ۾ ”راءِ ڏياج ۽ سورٺ“ جي آکاڻي ۽ دودي چنيسر جو قصو پڻ شامل ڪيو ويو.

”ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ“ منشي اڌارام ٿانور داس 1854ع ۾ ڇپايو.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ”سنڌي پاٺا ولي“ “A Sindhi Reading Book in Sanskirt (Devangri) & Arabic Character” لنڊن مان 1858ع ۾ ڇپايو، ان ڪتاب ۾ چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي ته سنڌي حرف /ٻ/، /ڏ/، /ڄ/ ۽ /ڳ/ ڪيئن اچارجن ٿا.

1860ع ۾ ميان محمد حيدرآباديءَ منشي پرڀداس ”سنڌي صرف ونجو“ جي نالي سان گرامر لکيو. وڏيءَ محنت سان ڪيل اِهي اوائلي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون ته آهن، پر هنن گرامرن ۾ تحقيق جو ڪوبه ترورو موجود ڪونه آھي.

پهريون مڪمل گرامر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ صاحب 1872ع ۾ لنڊن ۽ ليپزگ مان شايع ڪرايو. ٽرومپ صاحب هن گرامر ۾ شاهه جي رسالي مان مثال کنيا. گرامر لکڻ جو طريقو سنسڪرت وارو ئي آهي. علم نحو تي پڻ ڪافي قدر روشني وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گرامر ۾ سنڌي زبان جي آوازن، انهن جي مخرج ۽ مفرد ۽ گڏيل آوازن تي چڱو مواد پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ موجوده زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب جا ڪي نتيجا پراڻا پيا لڳن، پر انهيءَ هوندي به ان زماني جي وصف موجب سندس نظريا بلڪل وزندار ۽ درست آهن .

ڊاڪٽر ٽرومپ صاحب 62 - 1861ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ٻه مضمون لکيا، جن ۾ سنڌي، پراڪرت ۽ سنسڪرت ۾ صوتياتي هڪجهڙايون بحث هيٺ آنديون، ۽ گهــَـرو تعلق ڏيکاريو. گرامر لکڻ وقت يعني 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي ڄائي ڏيکاريو.

بيمس، آريائي ٻولين جو تقابلي گرامر "Comparative grammer of Modern Aryan Languages in India” جا ٽي جلد لکيا. پهريون سن 1872ع ۾، ٻيو 1875ع ۾ ۽ ٽيون 1880ع ۾، تنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيائين.

ڊاڪٽر آر. ڪالڊويل سن 1875ع ۾ هڪ تقابلي گرامر لنڊن مان ڇپرايو. نالو هئس: "A Comparative grammer of Dravidian or South Indian family of Languages.” ڪتاب ۾ نه سنسڪرت ۽ مارواڙي ٻولين جي ڀيٽ ڪيل آهي، پر سنسڪرت تي دراوڙي اثرن جي اپٽار به ڪندو ويو آهي. هن ڪيترن هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ جا به مثال ڏنا آهن.

انگريزي لوڪن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ مرزا علي قلي بيگ سن 1883ع ۾ هڪ گرامر لکيو. مسٽر سيمور 1884ع ۾ ٽرومپ صاحب جي گرامر تان مدد وٺي هڪ گرامر لکيو. پهريون سنڌيءَ ۾ لکيل گرامر ”نئون سنڌي ويا ڪرڻ“ ديوان جهمٽمل نارو مل وسڻائي جو سن 1892ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. وسڻائي صاحب سنسڪرت ويا ڪرڻ ۽ ٽرومپ صاحب جي گرامر تي آڌار ڪيو آهي. ان جي هڪڙي خاص خوبي اها آهي. ته وياڪرڻي شبدن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس. هن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي، جنهن جو مــُـول سنسڪرت آهي. تنهن جي وياڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ آهي، گويا ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري.

”لنگوسٽڪ سروي آف انڊيا“ مسٽر گريئرسن جو مشهور و معروف ڪتاب آهي، ان جو اٺون جلد 1919ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي پهرين حـصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪيل آهي. سندس تحقيق جي هڪ خصوصيت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪن آوازن تي روشني وڌي وئي آهي. سنڌي صوتيات جون ڪي خصوصيتون سنسڪرت جي صوتيات مان ڀيٽي پيش ڪيون ويون آهن . مسٽر گريئرسن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مڪاني لهجن: لاڙي، ٿري، ڪڇي، لاسي وغيره جو به جائزو ورتو آهي. ساڳئي وقت وچوليءَ کي معياري سنڌي طور ڪم آندو اٿس. گريئرسن صاحب جو رايو آهي ته وچ هندستان واريون ٻوليون هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون ۽ سرحدي ٻوليون وري پاڻ ۾ نسبت رکن ٿيون. اهڙيءَ طرح هن هند آريائي ٻولين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي:هڪ اندروني آريائي ٻولين وارو، ۽ ٻيو بيروني آريائي ٻولين وارو. سنڌي ٻوليءَ کي بيروني آريائي ٻولين ۾ شامل ڪيو اٿس.

ٽي . جي بيلي، سن 1922ع ۾ سنڌي آوازن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ چوسڻا آوازن تي نوٽ لکيو. سر رالف - ايل - ٽرنر پڻ 1923ع ۾ سنڌي صوتيات تي تحقيق ڪئي ۽ آوازن جا مخرج ٻڌايا. لفظن جا بنياد / ڌاتو/ اصليت پڻ ٻڌائي. ٽرنر صاحب موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي عنصر موجود آهي. ڏنداوان آواز ان جو مثال آهن، جيڪي قديم هندستاني آهن. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ،21-1916ع ۾ چئن ڀاڱن ۾ سنڌي وياڪرڻ لکيو. علم صرف ۽ علم نحو عربي ۽ فارسي اصولن موجب تيار ڪيو. مرزا صاحب ٽرومپ جي گرامر کان پڻ مدد ورتي آهي. ساڳئي وقت مرزا صاحب سنڌي آوازن کي بيان ڪندي سرن واري حـصي ۾ ڪافي اضافو ڪيو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment