Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

نئون ڪاروبار ڇا آهي


2018-05-13 14:02:51  408 

نعيم سولنگي

image-1

 

دنيا ۾ ڪڙوڙين ماڻهون پنهنجوڪاروبار ڪري پنهنجي ٻار ٻچن جو پيٺ پالي رهيا آهن ۽ ملڪ جي معاشي طرقي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن هن نئين ڪاروبار ۾ مغربي دنيا تمام گهڻو اڳتي نڪري    چڪي آهي.

نئون ڪاروبار ڇا آهي؟ ڪاروبار ڪيئن ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جو طريقو ڪهڙو آهي. خاص ڪري اسان سنڌي جيڪي هن وقت ان نئين ڪاروبار مان گهٽ واقف آهيون ان مان ڪهڙي وسيلي فائدوحاصل ڪري پنهنجي گهريلو آمدني وڌائي سگهون ٿا.

هن سوالن جو جواب ڪجهه هن ريت آهي، سڀ کان پهرين ڪاروبار ڪرڻ جي لا ضروري نه آهي ته توهان وٺ پئسو هجي پر هڪڙو بهترين ڪاروبار ڪرڻ جو خيال هجي، پوءِ ان خيال کي لکو ته ان ۾ ڪيترو خرچ ايندو ڪهڙن وسيلن جي ضرورت آهي ڪيترو منافعو ملندو ۽ توهانجو ڪاروبار ٻين کان ڪهڙي طرح منفرد آهي. يعنيٰ چوڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان کي ان ڪاروبار جي پوري طرح جي ڄاڻ هجي.

نئين ڪاروبار جي حوالي سان هڪ تقريب

 هاڻي اچو ته پئسو ڪٿان اچي ان لا۽ ڪيترائي طريقا اهن جيڪو توهان کي آسان لڳي پهريون ته مٽن مائٽن يا وري دوستن کي پنهنجو خيال ونڊيو انهن کي اگر توهان جو خيال وڻي ته انهن سان پارٽنرشپ ڪيو.

جيڪڏهن ائين ممڪن نه هجي توهان ڪنهن ڪاروباري ماڻهو کي حوال ڏيو متان اهو توهان سان پارٽنرشپ ڪري.

ٽيون طريقو اهو آهي ته توهان ڪنهن ڪاروبار جي مقابلي ۾ حصو وٺو ڪامياب ٿيڻ تي توهان کي سٺو سرمايو ملي ويندو.

نئين ڪاروبار جي حوالي سان هڪ تقريب

 ان کان ٻيا ڪيترائي طريقا آهن جيئن بينڪ وغيره. اڄ ڪلهه مهراڻ يونيورسٽي جو آئي اي سي سينٽر ان نئين ڪاروبار کي ڪافي هٿي ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ توهان ڪاروبار جي مقابلن ۾ حصو وٺي سگهو ٿا ۽ ڪيترا ئي ٻيا اهڙا ادارا موجود آهن بس هڪ سٺي ڪاروبار جي خيال جي ضرورت آهي.

 هن وقت سٺي ڳالهه اها آهي ته سنڌ گورنمنٽ ان جي اهميت کي ڄاڻي ورتو آهي ۽ ان جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ جي سربراه ڊاڪٽر سڪندر علي شورو صاحب تمام گهڻي ڪاوشن کان پوء ان قسم جا پروگرام متعارف ڪرايا آهن جن ۾  خاص ڪري مهراڻ يونيورسٽي کي مليل رينو پراجيڪٽ شامل آهي جنهن ۾ ۱۵ڪمپنيون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي جن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي محترم وائيس چانسلر ڊاڪٽرمحمد اسلم عقيلي صاحب ، ڊاڪٽر  ذولفقارعلي عمراڻي صاحب ۽ ان جي ٽيم جي اڻ ٿڪ محنت شامل آهي توهان پنهنجي ڪاروباري خيال کي پالش ڪري ان کي بهتر انداز ۾ ٻين جي سامهون پيش ڪريو ته جيئن اوهان جي به معاشي حالت سڌري سگهي ۽ اوهان روزگار ڳولڻ بدران روزگار پيدا ڪريو جيئن ٻين  کي به روزگار ملي سگهي.

 نئين ڪاروبار جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لا۽ رائٽر جا ايندڙ بلاگ لازمي پڙهندا. 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment