Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

’ امان! منهنجا سبق ته ڪَچا ئي رهجي ويا‘


2018-05-13 09:00:05  349 

شوڪت لوهار 

image-1

 

مُون جهڙو جاهل ماڻهو ماءُ جهڙي عظيم هستي کي ڪهڙا ويهي ٽربيوٽ پيش ڪري سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته ڪي ڳالهيون، ڪي محبتون، ڪي ڏک اهڙا سگها ۽ عجيب غريب هوندا آهن، جن جي اظهار لاءِ اوهان کي اکرن جو سانچو تمام ننڍو لڳندو آهي.

آئون هن وقت به وڏي دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪي دوست هِن وقت به پنهنجي مائرن جي پيار ۽ پاٻوهه ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي ڪن ٿا يا فرض شناسي ۾ سندن آڏو ڪنهن به قسم جي ڇيت اچي ٿي ته انهن کي کپي ته جهٽ گهڙي لاءِ اکيون ٻوٽي تصور ڪن: جيئن اکيون ٻوٽڻ سان هن جهان جي خوبصورتي، وڻن جا خوبصورت رنگ، مٿي جو مٺو لمس، ميوات ۽ رشتن جي بصيرت ايڏو ڪجهه آهي جو هُوند اکيون بند هوندي هو رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽ شايد گهڻي دير اکيون بند ڪري به نه سگهن؛ تنهنڪري امان جو هُجڻ اولاد لاءِ اکين مثل آهي، جيڪڏهن اولاد کي اکيون هجن ته؟

دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ ماءُ جو رشتو ڪنهن نازڪ ٻوٽي جي ڪنهن لام جي حصي تي ٺاهيل ڪنهن پکي جو آکيرو. اِهو آکيرو بس اِهو پکي ئي ٺاهي سگهي ٿو، ٻئي ڪنهن کي ان جي طاقت ڪونه آهي.

ماءُ، ماءُ ٿئي ٿي، ان جي محبت، ان جو پيار، ان جي ارپنا ۽ ان جي اوجاڳن جي ماپ تور لاءِ اڃا تائين ڪو اوزار ايجاد ئي ڪونه ٿيو آهي. ماءُ جي هڪڙي اوجاڳي جو قرض اولاد جي سڄي زندگي جي بيٺي پير خدمت ۽ فرض شناسي جي سوين پَتي به ان جي انهي سلهاڙپ سان ڀيٽڻ بي واجبي چئبي. ماءُ جو رشتو لازوال، بي مثال ۽ چنڊ جي روشني جهڙو ٿئي ٿو، جيڪا ٿڌڙي ڇانءَ جيان هوندي آهي. ماءُ جو هُجڻ، هِن ڪائنات جي هُجڻ جو هِڪ وڏو ثبوت آهي. اولاد لاءِ ماءُ جو نه هُجڻ، ان جي ڌن، دولت ۽ مها خوشين جي سجايل ڪاڪ محل هڪ ئي ڳالهه نه آهي، بلڪه ماءُ جي وڇوڙي جي ويراڳ جي هِڪ ذري ڀور برابر به ڪونهي. جن کي هن وقت به ماءُ جو پيار نصيب ٿي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ هِڪ دنيا، هِن ڪائنات ۾ ٻيو ڪو خوشنصيب ٿي ئي نٿو سگهي. خوشنصيبي، وڏين گاڏين يا بنگلن سان ڪونه ٿيندي آهي، اِهي مادي شيون ته ماڳهين ڪڏهن ڪڏهن امڙ جيجل جي پيار وچ ۾ هِڪ ٿلهي ديوار بڻجي وينديون آهن، بلڪه ماءُ جو پيار ته، فٽ پاٿ تي ماءُ جي ڪُوسي هنج ۾ اگهور ننڊ ستل انهي نينگر جي اطمينان جو نانءُ ٿئي ٿو، جنهن جي چوڌاري ڀل دنيا جو ڪيڏو به شور ۽ غل هجي.

هونئن ته ماءُ کي ڪهڙن ئي نالن سان پڪارجي، ان جي پيار ۽ پاٻوهه ۾ ڪنهن رتيءَ جو فرق به نٿو اچي، جو ماءُ ته ماءُ هجي ٿي، هُو ڪا الجبرا جو حساب ته ڪونه ٿئي ٿي، جو ان جي مُحبت سمجهه ۾ نه ايندي هجي. ماءُ کي امڙ، جيجل، آئي، آيل، امان، اَمي، مادر، اُمهات مُوم ۽ ٻين اڻ ڳڻين نالن سان پڪاري سگهجي ٿو، پر اوهين ڪهڙي به نالي سان پڪاريو ماءُ جي واتان هميشه ٻاجهه ۽ پيار سان ٽٻ ”جيءُ“ جو آواز ئي نڪري ٿو.

موسمن ۽ زمانن جون تبديليون، ماءُ جي پيار ۾ کوٽ آڻڻ جي مجال ئي نه ٿيون ڪري سگهن. ماءُ ته اهو بڙ جو وَڻ ٿئي، جنهن جي گهاٽي ڇانوَ هيٺ ڪئين پکي لاتيون لمندا رهن ٿا. دنيا جون سڀئي مائرون منهنجون امڙيون آهن، پر جنهن ماءُ جو آئون ذڪر ڪرڻ جي تمهيد ٻڌي رهيو آهيان، اها صرف منهنجي امڙ هئي.

مون کي خبر ناهي ته هِن لکڻي ۾ اهڙي ڪهڙي خاصيت آهي جو ان کي لِکندي منهنجي ڪيفيت ڪجهه عجيب ٿيڻ لڳي آهي ۽ بار بار مَن ۾ اچي ٿو ته آئون هن مضمون کي اتي ئي ڇڏي ڏيان، جو مون کان وڌيڪ لکيو ٿيندو ئي ڪونه. ماءُ جو پيار ڪٿڻ ۽ ان جي شخصيت جو تعين ڪرڻ لاءِ مُون وٽ نه ئي ڪي اهڙا لفظ آهن ۽ نه ئي قلم ۾ ايتري سگهه آهي جو اِها ماءُ جي اوجاڳن جو وزن کڻي سگهي، پر پوءِ به مُون پنهنجي نڙيءَ ۾ گڏ ٿيل ٿوهرن کي ڳلي ۾ ڳيت ڏئي لاٿو آهي ۽ لکڻي جي پلاند کي ڊگهيرڻ شروع ڪيو آهي.

موجوده ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ جروار، جنهن کي امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي نانءُ سان سڃاتو وڃي ٿو. اُتي لڏي اچڻ کان اڳ ۾ اسين ان کان ويهه ڪلوميٽر اوڀر طرف هِڪ ڳوٺ نالي جهنگان بوزدار ۾ ويٺل هئاسين، پنهنجي سانبر ۽ سامڪ ۾ اچڻ کان هِن مهل تائين مليل منهنجي امڙ جو پيار ايترو ته گهڻو آهي جو اِهو هِن دنيا ۾ ملندڙ دردن لاءِ هِڪ اهڙو مرهم آهي، جنهن جي ياد ان درد جي زخم کي ٺاريو ڇڏي ٿي.

ڳوٺاڻي زندگي هئي. ڏک به، سُکن جا چوُغا پائي ڪيئن گذاربا آهن، اِهو مُون پنهنجي امان کان سکيو. مادري ٻولي سرائيڪي هجڻ ڪري اسين ماءُ کي امان سڏيندا هئاسين. ناني کي پٽيلو اولاد نه هجڻ ڪري امان پاڻ ٻڌائيندي هئي ته هُوءَ پنهنجي پيءُ کي پٽيلي اولاد کان به وڌيڪ هئي. امان سميت ناني کي ٽن نياڻين جو اولاد ترتيب وار غلام فاطمه منهنجي امڙ، مائي اميران ۽ خانزادي هيون، جن مان امان کي سندس پيءُ يار محمد جو پيار ۽ ويجهڙائپ ڪجهه سرس ئي نصيب ٿي، جيئن ان کي بعد ۾ اولاد هجڻ کانپوءِ ڏکن ۽ ڏوجهرن ڀريل مِٽ مليا.

امان بابا جي سڳي سئوٽ هئي، تنهنڪري نانا ڏاڏا کي منهنجي بابي محمد رمضان جي رشتي لاءِ ڪا دير ئي ڪونه ڪئي. امان ۽ بابا جو ساٿ امان جي ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻ تائين هليو، ان کانپوءِ بابا جي اکين ۾ خشڪ ٿي ويل ڳوڙها انهيءَ ڳالهه جا ساکي آهن ته ڪنهن جي ساٿ جو وڇوڙو ماڻهوءَ کي ڀڳي هڏ جهڙو درد ڪيئن ڏئي ويندو آهي. اِهو بابا جي اُٻاڻڪائي مان ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي.

امان نانا جي جيتري هئي دادلي، ان بعد ۾ ان دادلائپ جو سڄو قرض پنهنجي حياتي جو هِڪ هِڪ پل پنهنجي ٻچڙن جي تڪليفن ۽ ڏکن کي دور ڪرڻ سان لاٿو. امان مون سميت ڏهن ٻارن جو اولاد بابا جي جهول ۾ وڌو، جن ۾ چار ڀينر ۽ ڇهه ڀائر آهيون. هڪڙو ڀاءُ جيڪو بابا جي اولاد جي موتين واري سڳي جو مهراب هو، ادو لياقت علي پنهنجي ڦوهه جواني ۾ چار معصوم ٻارڙن جو اولاد ڇڏي هِڪ روڊ حادثي جي غفا ۾ ڪٿي گم ٿي ويو.

مون کي چڱي طرح ياد آهي ته سڄو سڄو ڏينهن بلور، ڪنچ کيڏي کيڏي منهنجي ڪپڙن جو اڳيون کيسو چدن جي گهڻائي جي ڪري ڦاٽي پوندو هو ۽ امان پنهنجي پيار سان ان کي ٽوپو ڏيندي هئي. انهي ٽوپي ۾ هُوءَ ڪئين لکين هزارين دعائون به ٽوپي ڇڏيندي هئي، جيڪي اڄ سوڌو ڪم اچي رهيون آهن. منهنجي امان محنتون ڪيون، مزدوريون ڪيون، دادلي هوندي به هُن هِڪ ڪمٽمنٽ سان پنهنجو رشتو نڀايو. منهنجو نانو جيڪو وڏي هشمت ۽ پنهنجي مال متاع جي ڪري تر ۾ مشهور هوندو هو. هُن وٽ ڍڳين جا ڌڻ هئا، جن جو کير مکڻ امان جي سُتي ۾ پيل هو.

امان جو پنهنجي لاءِ ۽ ٻين ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ پيار جو، انسيت جو ڪهڙو مثال پيش ڪيان. بَس امان ته امان هئي، جو وقت جيڪڏهن اچي بيٺو ته هُن پرايا جنڊ به پيٺا ۽ ڪشني ڪراڙ جي گهر جي مزوري به ڪئي. پر مُون سندس چهري تي هميشه مقدس مرڪ ئي ڏٺي. منهنجي ڀاءُ امداد کي جنهن جو نٿي گبول ۾ لوهارڪو دوڪان هو، کي پيرين پنڌ ماني پهچائڻ ۽ پنج ڪلوميٽرن جو پنڌ تَتل ڪاڙهي ۾ ڪرڻ امان جو پنهنجي اولاد لاءِ لازوال ۽ بي لوث محبت جو مثال آهي.

جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻ لڳس ته پٽي لاءِ ميٽ ٺاهي ڏيڻ، پراڻيون اگڙيون گڏ ڪري ڪتابن جو ٿيلهو هٿ جي ٽوپي سان تيار ڪري ڏيڻ، بجلي جڏهن ڳوٺ جو رستو ڪونه ڏٺو هو، تڏهن رات جو تغاري اونڌي ڪري ان جي مٿان سرنهن جي تيل سان پيالي ۾ ڏيئو ٻاري ڏيڻ. اِهي سڀ خوبصورت مثال آهن، جيڪي ماءُ جي پيار جي هِڪ اٿاهه مها ساگر کي ظاهر ڪن ٿا. نٿي گبول ۾ ڇهين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين پڙهڻ دوران هِڪ ڊاڪٽر مختيار لغاري وَٽ پنج روپيه ڏهاڙي تي سڄو ڏينهن پرايا ڦٽ ڌوئڻ ۽ اسپتال ۾ ڇهه ماڻهن جو اڪيلي سِر ڪم ڪرڻ تائين اِهو امان جو ڏنل پيار ۽ سندس ٿڃ جي مَها طاقت هئي، جنهن ايڏين مصيبتن کي به محسوس ٿيڻ ڪونه ڏنو.

جڏهن نائين ڪلاس ۾ هاءِ اسڪول ۾پهتس ته امان منهنجي روزانو جي مسافت جو اندازو لڳائي اسڪول کان واپسي تي گهر جي هِڪ پاسي ۾ پوکيل ڀينڊيون پٽي، انهن ۾ لوڻ مرچ وجهي تئي تي تري ڏيندي هئي ۽ هڪ لسي جو وٽو ملندو هو ته پندرنهن ڪلوميٽر جي پنڌ ۽ بَس جي موت جهڙي سفر جا ٿڪ ئي لهي ويندا هئا. جڏهن ڪِن ناچاڪين ۽ آزارن جي ڪري اسان پنهنجو ڳوٺ ڇڏي اچي جروار ۾ رهڻ شروع ڪيو ته اسين سڀئي اُٻاڻڪا ٿي پياسين. ڄڻ اسان جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي هجي. اُتي انهيءَ مٽي کي پنهنجو ڪرڻ ۾ امان پنهنجي احساس ۽ پنهنجي وجود سان ان گهر کي اهڙو ته پنهنجو ڪيو جو هُوءَ آخري هڏڪي تائين اُتي ئي رهي.

هُونئن ته امان لاءِ سڄو اولاد هِڪ ڪونج جو ولر هو، پر هُوءَ آخري دم تائين مون سان ۽ وڏي ڀاءُ امداد سان گڏ رهي. آئون جڏهن يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ آيس ته ڄڻ ايم اي مون نه پر امان پيئي ڪئي. هُن کان ڄامشوري تائين جي جدائي به برداشت نه ٿيندي هئي. روئي روئي پنهنجو حال وڃائي ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”بابا اتي ئي پڙهي وَٺ ڄامشوري وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ امان جو اُلڪو ۽ پريشاني تڏهن سمجهه ۾ آيم جڏهن پاڻ اولاد کي هنج ۾ کنيم. امان، هر اٺين ڏينهن پاڙي وارن جي گهر ۾ لڳل پي ٽي سي ايل تي مون سان ڳالهائيندي هئي، انهن پنجن منٽن جي ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ چار منٽن تائين ته امان کي منهنجي صحت جو اُلڪو لڳو رهندو هو. پاڻ لاءِ ته ڪجهه ٻڌائي به ڪين سگهندي هئي. اِها ته گهر وڃڻ کانپوءِ خبر پوندي هئي ته فون تي ڳالهائيندي ڪيئن سندس ڳوڙها، سانوڻ مينهن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا ۽ هُوءَ انهن کي پنهنجي پراڻي پوتيءَ جي پلاند سان اگهندي ۽ مون کان کاڌي پيتي ۽ سنگت بابت پڇا ڪندي رهندي هئي.

جڏهن ٽرين جي ٽڪيٽ ڪٽائي مان ريل گاڏيءَ ۾ ويهندو هئس ۽ امان کي گهر پهچي سرپرائيز ڏيندو هئس، تڏهن هُن کي گهر جي ڪا ڪنڊ هٿ نه ايندي هئي، جتي هُوءَ مون کي ويهاري. گرمي جي ڪري هٿ ونجڻو هڻندي هئي، سڀ حال احوال وٺندي هئي، رات جو پڙهڻ جي ڪري امان اچي پڇندي هئي ته ”ابا اُتي يونيورسٽي ۾ سبق پڪا ڪري ايندو ڪر، ڀلا اڃا تائين تنهنجا سبق ڪچا آهن جو ڳوٺ ۾ به ڪتاب کڻي آيو آهين؟“ آئون مرڪي جواب ڏيندو هئس ته امان واقعي منهنجا سبق ڪچا ئي رهجي ويندا.

منهنجي امان مَن جي فقيرياڻي عورت هئي. جيڪو پاڻ کائيندي هئي، جيڪڏهن ڪو سائل ايندو هو ته اِهو به کڻي ان کي ڏئي ڇڏيندي هئي.

امان کي بلڊ پريشر جو عارضو رهڻ لڳو، جنهن لاءِ هن جهڙي ڪِري ڪئي دنيا ۾ شايد ئي ڪو ڪندو هُجي، پر هِڪ ڏينهن جروار جي هِڪ انڌي ڊاڪٽر کان وڌيڪ بلڊ پريشر ۾ سئي لڳڻ ڪري امان جي طبيعت خراب ٿي پيئي ۽ ان کانپوءِ ان تي فالج جو حملو ٿيو. امان جي جڏهن زبان خاموش ٿي ته منهنجي رڙين ۽ ڪوڪاٽن کي ان جي هَرڻ اکين مان هِڪ ڳوڙهي جواب ڏنو. اِهو ڳوڙهو امان جي اکين مان هڪ جوابي گفتار بڻجي منهنجي سڀني سوالن جا جواب ڏئي ويو. آخرڪار اچي عزرائيل سُتي سئي جاڳائي ۽ 2007ع ۾ صبح جو يارهين وڳي امان دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. هُوءَ مون کي، منهنجي ننڍي ڀاءُ علي مراد سميت اسان سڀني پٽن ۽ ڌيئرن کي، ڳوٺ جي ڳلين کي، ڳوٺ جي کيتن کي، گهر جي ٿڌي پاڻي جي دلن جي انهيءَ گهڙامنجي کي ويران ڪري مٿي هلي وئي. ڏور، ڏور ڪنهن ستاري ۾ هُو اڄ ڀي هن ڊجيٽلن جي جهرمٽن ۾ غرق شهر ۾ به هميشه نظر اچي ٿي.

امان کي بعد ۾ جروار جي الهندي پاسي واقع خير شاهه بخاري قبرستان ۾ پنهنجي پيءُ يعني نانا يار محمد جي پاسي ۾ جاءِ ڏني وئي، جنهن جي هُوءَ لاڏلي پٽيلي ڌيءُ هئي ۽ سندس پيرن ۾، اُن پياري پٽ، جيڪو ماءُ کي ڪلهن تي کڻي ڪئين ڪوهه پنڌ ڪرڻ ۾ هِڪ ذري جو ٿَڪُ محسوس ڪونه ڪندو هو، لياقت جي قبر آهي. انهي مقام جي کٻڙن تي ويٺل جهرڪيون ۽ رين بسيرا روزانو اچي امان جي اٿاهه سڪ ۽ مها ساگر جيڏي واعدي جي تجديد ڪري ويندا آهن:

اکين مان جو نئين ڇلهي پئي ڪَک پن ٿي ويا رنج،

نڪتيون تنهنجيون ڳالهيون ائين، پاڻي تي جيئن هنج.( اياز)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment