شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

منظور پشتين ڪراچي ۾ ڀلي ڪري آيا


صبح 05 لڳي 06 منٽ -آچر 13 مئي 2018  320 
image-1

اڄ سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي ۾ پشتون تحفوظ موومنٽ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هي جلسو پٽاڻ آبادي واري اڪثريتي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ سرڪار به پي ٽي ايم کي اهڙي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ اها يقني ورتي وئي آهي ته هي جلسو پرامن رهندو.

ڪجهه عرصو اڳ منظر عام تي ايندڙ منظور پشتين کي اڄ ڪلهه ماڻهو حق سچ ۽ نئين انقلاب جي علامت سمجهي رهيا آهن ۽ ڪتيرائي کاٻي ڌر جا تجزيا نگار هن جي حق ۾ لکي رهيا آهن. پر مونکي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هي منظور پشتين ڀلي پٺاڻن جو آواز بڻجي چڪو هجي، ڀلي ئي هو حق سچ ۽ انقلاب جي علامت هجي، پر اهو به مهاجر منٽيلٽي جيان سنڌ ۽ ڪراچي واري غلطي ڪري ويٺو آهي. 

پي ٽي ايم هڪ پنفليٽ جاري ڪيو جنهن پٺاڻن جي حقن جو مطالبو ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ هن سنڌ اور ڪراچي ۾ رهني والي پٺاڻ لکيو. سندس اهڙي ٻولي اسان سنڌين جي سيني ۾ تير جيان اچي لڳي ۽ سوشل ميڊيا تي وٺ پڪڙ کانپوءِ منظور پشتين کي اها غلطي درست ڪرڻي پئي.

پر هتي اها سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر اها غلطي ٿئي ڇو ٿي؟ ان کان اڳ به ڪيترن ئي سياستدانن جن جو ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڌڙي سان واسطو نه آهي ڳالهه ڳالهه ۾ سنڌ ۽ ڪراچي جو ذڪر ڪري ويندا آهن مثال طور پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فيصل وڊا هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٽي ڀيرا سنڌ ۽ ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم جو بائڪاٽ ڪن وارو جملو ورجايو. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ته سڀ مٽ ئي ڀڃي ڇڏيا جڏهن هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اچي ڪراچي تي حڪمراني ٿا ڪن. 

هنن نادانن کي ڪير ته سمجهائي ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽندڙ انگ آهي، ڪراچي جو وجود سنڌ سان آهي ۽ هن شهر جا حقيقي وراث اسان سنڌي ئي آهيون. اها ته اسان جو وڏپڻو آهي جو اسان سنڌي اوهان کي ڪراچي جهڙو شهر ڏئي ويٺا آهيون ۽ اوهان جو به فرض آهي ته جڏهن ڳالهايو ته پنهنجي لفظن کي قابو ۾ رکو.

خير اچون ٿا منظور پشتين واري اڄوڪي جلسي تي. پي ٽي ايم ان کان اڳ به پاڪستان جي مختلف حصن ۾ جلسا ڪيا آهن ۽ هاڻي اهي سنڌ جي مارئي ڪراچي ڏانهن وکون وڌائي رهيا آهن. هڪ خبرن واري اداري موجب پي ٽي ايم دعوا ڪئي آهي ته سندن جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت هنن جي راهه ۾ روڪاوٽون وجهي رهي آهي ۽ هنن جا 12 جي لڳ ڀڳ ڪارڪون پوليس کنڀي کڻي وئي آهي. ٻي پاسي اها به ڳالهه چرچي ۾ آهي ته منظور پشتين کي ڪراچي وڃڻ لاءِ جهاز جو ٽيڪٽ نه مليو آهي ۽ هو روڊ وسيلي سفر ڪري ڪراچي پهچندو. 

خبرن واري اداري منظور جي ٽوئٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته هڪ ٽوئٽ ۾ منظور ڄاڻيو آهي ته ڪابه روڪاوٽ پٺاڻن جي جذبي کي نٿي گهٽائي سگهي، اسان 15 سالن کان جنگ ڏسي رهيا آهيون ۽ هي مشڪلون ان جي سامهون ڪجهه به نه آهن. منظور پشتين جا جيڪي به مطالبا آهن سي سڀ جا سڀ پٺاڻن جي حوالي سان آهن ۽ اهو سندس بنياد حق آهي ته هو پنهنجي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪري ۽ ان لاءِ آواز به اٿاري.

پر پشتين ۽ سندس پارٽي کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته پنهنجي حقن لاءِ ٻين جي حقن جي لتاڙ نه ڪري پنهنجي وطن جي ڳالهه ڪرڻ وقت ٻين جي وطن جي سرحدي حدن جو به خيال رکي. جيڪڏهن هو سنڌ ۾ پنهنجي تحريڪ کي مضبوط ڏسڻ ٿو چاهي ته سنڌي جي اڪثريتي آبادي سنڌين جي دل آزاري نه ڪري. کيس ياد رکڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ رهي جن به ڌرين سنڌين سان وير رکيو ته اڄ انهن جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي، هاڻي اهي پاڻ ۾ ئي وڙهي رهيا آهن ۽ هاڻي پي آءِ بي يا بهادرآباد ۾ وڃي بچايا آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment