Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

چارلس بودليئر 1821ع کان 1867ع تائين


2018-05-12 15:11:26  329 

علي آڪاش

image-1

 

چارلس بودليئر جو ذڪرُ پهريون ڀيرو مون تنوير عباسيءَ جي هڪ انٽرويوءَ ۾ پڙهيو هو. اهو انٽرويو شايد ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طارق عالم ابڙي ورتو هو ۽ مهراڻ ۾ ڇپيو هو. بودليئر جي جڳ مشهور ڪتاب ”گناهه جا گل“ جو احوال به اُتان ئي مليو. تنهن کان سواءِ شيخ اياز جو هڪ نظم پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن ۾ هو بودليئر سان مخاطب ٿيوهو. اهڙيءَ ريت ساڻس واقفيت ٿي. اڳتي هلي، مون پاڻ سندس ڪتاب ”گناهه جا گل“ انٽرنيٽ تان پي ڊي ايف ڪاپي ڊائونلوڊ ڪري پڙهي. ڪنهن به شڪ کان سواءِ، هن فرينچ شاعر جو اهو ڪم ” گرائونڊ بريڪنگ“ هو. اِهو اهڙو ڪم آهي، جنهن لاءِ اهو چيو ويو آهي ته ان ۾ رومانويت کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. رومانويت جي تحريڪ جي بنيادن اصولن ۾ ”ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جي تصويرڪشي“ ڪرڻ شامل هو، پر بودليئر انهيءَ رومانويت کي شهر ۾ کڻي آيو. پئرس ۾ رهندي، هن پنهنجي چوڌاري نظر وڌي، فقير ۽ فقيرياڻيون، چڪلا، وئشيائون، ماڻهن جا هجوم، اميرن جي ڪرپشن، بورجوازي ۽ سرمائيدار جون اٽڪلون، غربت، ليسبنزم، جنس ۽ شهري فريب ڪاريون ـــ اهي اهڙا موضوع هئا، جيڪي روايتي شاعريءَ ۾ موجود نه هئا. تنهن کان سواءِ هو بوليئر جو جادو ڀريو انداز؛ جنهن ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيا. فرانسيسي شاعراڻي فضا انهيءَ ڪتاب کان پوءِ ساڳي نه رهي. سرڪار ۽ سرڪار جا ڪارندا، اسٽيٽڪو مان فائدا کڻندڙ، رواجي عقيدن ۽ اخلاقيات جي پوئلڳي ڪندڙ سڀ مڇرجي پيا.
بودليئر شيطان جي ڪردار کي نئين انداز ۾ کڻي آيو، جيڪو پڻ روايت کان الڳ هو. هن شيطان تي هڪ فيصلائتي سگهه طور متعارف ڪرايو. علامه اقبال به شيطان کي اهميت سان پيش ڪيو آهي، جنهن انهيءَ کي هڪ متحرڪ سگهه طور ڪتب آندو، پر بودلئير انهيءَ کي فيصلائتي سگهه طور ڪتب آڻي، عام عقيدائي خلق کي به ڪاوڙايو.
اردوءَ ۾ اسرار الحق مجاز اهڙو شاعر آهي، جنهن شهرن جي وارتائن کي پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ جائتو ڪيو، پر سندس بيان شهرن جي المين تائين محدود آهي، ان ۾ اهڙي نفسياتي يا هيجاني شدت ناهي، جيڪا ”گناهه جا گل“ ۾ ملي ٿي.

بهرحال، فرانس جي شاعري، انهيءَ ڪتاب کان پوءِ نئين دڳ تي اچي بيٺي. انهيءَ نئينءَ تبديليءَ کي شاعريءَ جي ڪن نقادن رد ڪيو، پر گهڻا بودليئر جي پاسي ٿي بيٺا. ايتري تائين جو، تنهن جو زماني جو سڀ کان وڏو فرانسيسي ناول نگار گستاف فلائبر، بودليئر جي واکاڻيندڙن ۾ شامل هو. تنهن زماني ۾ فلائبر جو جڳ مشهور ناول ” مادام باوري“ نئون نئون ڇپيو هو. اهو ناول به غير رواجي ۽ غيرمعمولي نوعيت جو هو، جنهن ۾ هڪ آزادي پسند عورت جي ڪهاڻيءَ کي بنهه غيرمعمولي انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو. اِن ناول تي نقادن ڇتي تنقيد ڪئي هئي، پر ناول اتهاس ۾ هڪ مثال بڻجي ويو. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهو چوندا آهن: ” تون وري ڪهڙي ميڊم باوري آهين.“ فلائبر، بودليئر کي لکيو: ” تو رومانويت کي سگهه ارپڻ جو نئون دڳ ڳولي لڌو آهي..... تون سنگ مرمر وانگي سخت آهين ۽ ايئن سرايت ڪندڙ آهين، جيئن برطانوي ڪوهيڙو.“

ايترو ئي نه، پر مشهور فرانسيسي شاعر ۽ ناول نگار وڪٽر هيوگو هن کي لکيو: ” آئون تنهنجي سگهاري جذبي کي پنهنجيءَ پوريءَ سگهه سان سلام پيش ڪريان ٿو.“ اها ”ايپريسئيشن“ ڪا گهٽ سطح جي نه هئي. ”گناهه جا گل“ جو پهريون ڇاپو 1857ع ۾ ڇپيو هو. اُن ۾ جيڪي نظم شامل هئا، تن مان ڪي اڳيئي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪا هئا، پر ڪتابي شڪل ۾ سهيڙجڻ کان پوءِ ضبط ٿيو. ڪتاب تي ماڻهن جي اخلاق کي بگاڙڻ جي تهمت لڳي. شاعر ۽ پبلشر ٻئي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا ۽ مٿن ڏنڊ رکيو ويو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1861ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ اعتراض جوڳا ڇهه نظم شامل نه هئا ۽ تنهن ۾ ڪي واڌو نظم به شامل ڪيا ويا هئا. هڪ صديءَ کان پوءِ 1949ع ۾ ڪتاب کي اصلي صورت ۾ ڇپجڻ جي اجازت ڏني ويئي.
هڪڙي پاسي بودليئر، رومانويت جو عجيب جهان پاڻ سان گڏ کڻي آيو ته پاسي جديديت جا مهندار پڻ اهو ”ڪليم“ ڪن ٿا ته بودليئر اصل ۾ جديديت جي بنياد وجهندڙن مان هو. ”ماڊرنٽي“ لفظ پهريون ڀيرو بودليئر ئي ڪتب آندو هو. هن اظهار جو، جيڪو نئون دڳ ورتو هو، انهيءَ کي هن ماڊرنٽي يا جديديت جو نالو ڏنو. ماڊرنسٽ تحريڪ جي اهم اڳواڻ ٽي ايس اِليٽ بودليئر لاءِ چيو ته بودلئير ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جديديت جو سڀ کان وڏو مثال آهي. توڻي جو جديديت، پنهنجي سرشت ۾ رومانويت جي مخالف ڌارا هئي، جنهن شاعريءَ لاءِ احساس جي اجهل وهڪري بدران معروضي تلازمي جي ڳالهه پئي ڪئي، پر بودليئر جي مامري تي ٻئي فڪري مڪتب سهمت آهن. بودليئر جي ڪم جي اهميت جو اندازو اتان به لڳائي سگهجي ٿو.

بهرحال، بودليئر جو ٻيو ڪتاب ”نثر ۾ ننڍا نظم“ پڻ شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. نثري نظم جي باقاعدي تجربي جو اهو سڀ کان وڏو مثال ڏنو ۽ ڄاتو وڃي ٿو. مون اهو ڪتاب انگريزي ترجمي ۾ پڙهيو آهي، جنهن ۾ ڪل پنجاهه نظم شامل آهن. اهي نظمَ، پنهنجيءَ هيئت ۾ الڳ آهن ۽ اڄوڪن نثري نظمن جي سٽاءَ وانگي نه لکيا ويا آهن. اڄ نثري نظم ننڍين وڏين سٽن جي سٽاءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، جن ۾ ڪا باقاعدي رائمنگ اسڪيم نه هوندي آهي،نه ئي وري انهن ۾ ڇند يا عروض جي پابندي هوندي آهي. بودليئر جيڪي نثري نظم لکيا آهن، اهي مضمون جي ڪنهن پئراگراف وانگي آهن. پڙهڻ سان اهي نظم محسوس ٿيندا. اهي نظم ”شعوري وهڪري“ ۾ لکيل محسوس ٿين ٿا. ماڊرنسٽ ادبي تحريڪ جي شروعات انهن نظمن کان به چئي وڃي ٿي. اهو ڪتاب بودليئر جي لاڏاڻي کان پوءِ 1969ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ شاعرن جي لانڍ کي متاثر ڪيو ۽ نثري نظم ۾ طبع آزمائيءَ جي روايت ۾ سگهه آئي.

ان حساب سان اهو ڄاڻي سگهبو ته بودليئر، جيڪو به ڪم ڪيو، اهو شاهڪار ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ، سندس ذاتي گهڻن المين مان گذري هئي. هن ننڍڙي ڄمار، 1821ع کان 1867ع، ماڻي. بودليئر هيئن به چوندو هو ته آرٽ اهو آهي، جيڪو حسن تخليق ڪري ۽ ايستائين جو بنهه خراب ۽ غيرشاعراڻين حالتن مان حسن تخليق ڪري وٺي.

حسن جي وڪالت ڪندڙ اسان جو هيءُ شاعر پاڻ ڪڏهن به سک نه ماڻي سگهيو. ابتدائي ڄمار ۾ ئي المين مان گذريو. سندس ماءُ پاڻ کان ٽيهه ورهيه وڏي مرد سان شادي ڪئي. جڏهن بودليئر جي ڄمار اڃا ڇهه ورهيه مس هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو. کيس پنهنجيءَ ماءُ سان بنهه گهڻي محبت هئي، جنهن جي خبر انهن خطن مان ٿئي ٿي، جيڪي هن پنهنجيءَ ماءُ کي لکيا هئا، پر هو پنهنجيءَ ماءُ جي ٻيءَ شاديءَ جي ڪري صدمي مان گذريو هو. سندس تعليم جو پڻ سٺو بندوبست ڪيو ويو، پر پنهنجي وکري مزاج جي ڪري، گريجوئيشن کان اڳ ئي کيس نيڪالي ڏني ويئي. ٻن ٽن ورهين تائين هو رلندو رهيو. نيٺ 1841ع ۾ سندس ماءُ پيءُ کيس سامونڊي ٻيڙي سان انڊيا روانو ڪيو، سوچيائون ته سندس آواره مزاج جي تسڪين ٿيندي، پر ٻيڙو ڇڏي، 1842ع ۾ پئرس واپس ويو. واپسيءَ تي کيس وڏي خانداني ملڪيت ملي، پر اُها هن اڏائڻ شروع ڪئي. کيس سٺن ڪپڙن پهرڻ جو وڏو شوق هو. گهڻو وقت آرٽ گئلرين ۽ ڪيفيز ۾ گذاريندو رهيو. حشيش ۽ آفيم جو ڇتو موالي ٿيو. سندس اهڙن پرڪارن اڳيان خانداني ملڪيت ڌڪ نه جهليو، اها ويئي ختم ٿيندي. نيٺ سندس خاندان ڪورٽ جي حڪم ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هن لاءِ هڪ وڪيل مقرر ڪيو ويو، جيڪو بودليئر جي ملڪيت جي مامرن کي ڏسندو هو ۽ کيس گذاري جيترا پئسا ڏيندو هو ۽ اهو سلسلو سندس ڄمار جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين جاري رهيو. پنهنجيءَ آمدنيءَ کي وڌائڻ لاءِ هن مختلف رسالن ۾ تنقيدي ۽ علمي مضمون لکيا.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment