شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 21 - جنوري - 2022ع

اياز ۽ اياز کان پوءِ


شام 02 لڳي 35 منٽ -اڱارو 28 ڊسمبر 2021  111 
image-1


سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان بحث مباحثو ڪا نئين ڳالهه ناهي بلڪه اهو ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندو. ڪجهه وقت کان هاڻوڪي ٽهيءَ جا شاعر هڪٻئي کان اڳرا ٿيڻ جي جنهن ڊوڙ ۾ لڳل آهن، انهن کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته اهي شاعر نه هجن بلڪه ڊوڙ جي ميدان ۾ لٿل گهوڙا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پهريون نمبر اچڻ چاهين ٿا. جنهن به شاعر جو انٽرويو پڙهو ته انهي کي سنڌي شاعريءَ کان اها ئي شڪايت آهي ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو شاعري ردي ٿي رهي آهي، باقي 10 سيڪڙو سٺا شاعر آهن ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته اها ڳالهه ڪندڙ هر شاعر پاڻ کي 10 سيڪڙو وارن چڱن شاعرن ۾ شامل ڪري ٿو. پر ڪوبه پاڻ کي انهن شاعرن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي گند لکي رهيا آهن.

مون کي حيرت ٿيندي آهي ته انهن کي اهو ڪنهن چئي ڇڏيو آهي ته غزل يا نظم لکڻ جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو بس شاعر ٿي پيو. بلڪه شاعريءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي گهرجون هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن پورو نه ڪيو وڃي ته شاعر ٿيڻ ممڪن ناهي. ان کان سواءِ اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته ماڻهو يا ته شاعر هوندو آهي يا شاعر ناهي هوندو. شاعري ڪو رازڪو يا درزڪو ڌنڌو ناهي جنهن کي هڪ مهيني ۾ سکي ماڻهو ڀڙ ٿي وڃي. بلڪه اهو هڪ تخليقي عمل آهي، هڪ اهڙو ميوو آهي، جيڪو انهيءَ جي جهوليءَ ۾ اچي ڪرندو جيڪو انهي جو حقدار هوندو. توهين ڪنهن به سٺي شاعر کان ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌرائي شاعر نٿا سگهو، ڪوبه توهان کي شاعري ڪرڻ نٿو سيکاري سگهي.

اسان وٽ ڇا ٿيندو رهيو آهي، انهي کي به جاچڻ جي ضرورت آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ٻه وڏا دور رهيا آهن. جن سنڌي ادب تي وڏا اثر ڇڏيا آهن. هڪ آهي شاهه لطيف وارو دور ۽ ٻيو آهي شيخ اياز وارو دور. شاهه لطيف، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي شاعري وسيلي هڪ نئون جيئندان ڏنو، جنهن پنهنجي تخيل جي اڏام وسيلي اهڙا ڪردار خلقيا جيڪي ڀلي کڻي عام ماڻهو هئا پر انهن جا آدرش معمولي نه هئا، انهن جا ڪردار ارڏا ۽ مهانتا وارا هئا. هڪ ئي ماڻهو هو جنهن فارسي ٻوليءَ کي ٿڏي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سموري دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ڪا معمولي ٻولي ناهي، بلڪه انهي ۾ بيت لکي، هن ان کي نئين تازگي ڏني، نئون اتساهه بخشيو ۽ اهو سلسلو صدين تائين هلندو رهندو.

ان کان پوءِ جيڪو دور آهي، اهو آهي اياز جي جديد سنڌي شاعريءَ وارو دور. جنهن ۾ هن ايڏو ته لکيو جو ڪنهن ٻئي شاعر ناهي لکيو. اياز پنهنجي دور جو هڪ اهڙو قدآوار شاعر آهي جنهن کي ڇهڻ لاءِ اسان جي ڪيترن ئي شاعرن ڪوشش ڪئي پر اهي ناڪام رهيا. انهن اياز کي ننڍو ڪري پاڻ کي وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهي ۾ به اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. انهن کان الائي ڇو اها ڳالهه وسري وئي ته اياز هڪ ”فنامنا“ آهي. هن هڪ شاعر کان هڪ عهد تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، اهو ڪو هڪ ٻه شعر لکي يا ڪنهن ماڻهو جي خوشامد ڪرڻ لاءِ شاعري ڪري نه ماڻيو آهي. بلڪه انهيءَ لاءِ هن ڪيترو ڪجهه سَٺو آهي، اهو سڀڪجهه هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي لکي ويو آهي. جنهن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ۾ ته هڪ دور اهو به رهيو آهي، جنهن ۾ ڪن ماڻهن ته اياز جي ضد ۾ شاعري شروع ڪئي پر وقت گذرڻ سان اهي ڌوڙ ٿي ويا ۽ اڄ جيڪڏهن ڪو بچيو آهي ته اهو اياز آهي. اياز ڇو اڄ هر پوڙهي توڙي نوجوان جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.، ڇو هن جو نالو ٻڌي اهي دشمن جي ڪئمپ ۾ ملهايل شام ۾ به هليا ويندا آهن؟ ڇو اهي اياز کي اڄ به پراڻو ٿيڻ نٿا ڏين؟ اڄ به جڏهن هن جا گيت ڪٿي گونجار ڪن ٿا ته سوين ڪن هن کي ٻڌڻ لاءِ بي چين ڇو ٿا رهن؟ انهن سمورن سوالن جو هڪ ئي جواب آهي ته اياز کي خبر هئي ته هن کي ڪهڙي شاعري ڪرڻي آهي، هن جي شاعريءَ جو محور ڪهڙو هوندو. هن جي شاعريءَ جو محور سنڌ هئي، سنڌ جا مظلوم ماڻهو هئا، هن ڌرتيءَ جا هاري، ناري ۽ پورهيت هئا. هن کي خبر هئي ته سندس تخليق کي زندگي رڳو محبوب جي تِر يا ڳل تي لکيل ڪو شعر نٿو ڏئي سگهي، بلڪه اهو شعر ئي زنده رهندو جيڪو سنڌ ڌرتي يا عالم سان ڳنڍيل هوندو. جيڪو عام ماڻهو جي ڪنن تائين پهچندي ئي ان ۾ نئون روح ڦوڪي سگهي.

سائين جوئي صاحب، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته ”وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي، ۽ اُهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. ان ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اُجھل نفرت ۽ بي پناهه غصو پڻ موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿا ڪري سگهن، ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ اياز جو ۽ ٻين قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هِنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو، ۽ هو ڀُون ڀُون ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مِڙي آيا، ۽ اڄ تائين اُنهن ۾ اُهوئي شور ۽ غوغا، اُهوئي ڏنگ ۽ اُهوئي زهر اوترو ئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجھن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي. ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبانَ ان بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ اُن کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا. آزاديءَ ۽ انسانيت جو ادبُ ۽ فنُ ۽ اُن ادب ۽ فن جا اُپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اَجھل ۽ آڏول، پنهنجا ڪنڌ اُوچا ڪيو، سَرها ۽ سوڀياوان، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندڙ ۽ للڪاريندا ٿا رهن“.

اڄايازجاهزاريندوستپيداٿيپياآهن،جيڪيسندسحياتيءَ ۾ ڪٽر دشمن هئا، ان خلاف هر سازش ۾ شريڪ هوندا هئا. جن ماڻهن ڪڏهن اياز جي هڪ جهلڪ به نه ڏٺي هئي يا ساڻس هٿ به نه ملايو هوندو، اهي سندس وفات کان پوءِ ائين اياز دوستيءَ جا قصا بيان ڪن ٿا ڄڻ اياز انهن کان سواءِ ڪو پهر نه گذاريو هجي. ڄڻ ته اياز جي ”فرينچائز“ انهن وٽ آهي.

هاڻ ته حالت اها وڃي ٿي آهي جو ڪي ماڻهو جن جي شاعريءَ جو محور رڳو سندن ذات آهي، اهي پاڻ کي اياز سان ڀيٽڻ لڳا آهن. جيڪي پنهنجي ئي پر ۾ ائين چون ٿا ته ٻيلي اسين شاعر آهيون پر دوستن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري مون کي اياز سان نه ڀيٽيو، آئون ته معمولي شاعر آهيان. اسين ڪٿي ٿا اياز کي پڄي سگهون. ڳالهه جو مطلب اهو ئي ٿيو ته اياز کان پوءِ اسين آهيون.

اياز ته انهي دور ۾ پنهنجي شاعريءَ تان هٿ نه کنيو، جڏهن کيس جيل ۾ واڙيو ويو هو. جيل ۾ واڙڻ جو سبب هن جي شاعريءَ ئي بڻي هئي. اها ئي شاعري جنهن ۾ تند تلوار سان وڙهي ٿي. جيڪا برج لوڏي ٿي. پر هن پنهنجي شاعري تان هٿ نه کنيو. اها ئي شاعريءَ جنهن ۾ هن چيو ته

منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر

منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟

اسان جي اڄوڪي سنگت جيڪا پنهنجي شاعريءَ جي ٻين تي اثرن جي ڳالهه ڪري ٿي، يا اهو سمجهي ٿي ته بس سموري ڏات انهن تي ئي اچي دنگ ڪري ٿي، انهي کي گهٽ ۾ گهٽ اهو خيال ته ڪرڻ گهرجي ته اها جنهن چٽاڀيٽي ۾ اچي پئي آهي، اها سنڌي شاعريءَ کي وڌيڪ تباهه ئي برباد ڪري رهي آهي. اوشو رجنيش چيو آهي ته چٽاڀيٽي ساڙ پيدا ڪندي آهي. سو انهي چٽاڀيٽي واري عنصر اسان جي شاعرن کي هڪ اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، جتان شاعري انهن کان موڪلائي رهي آهي ۽ پنهنجي ڀيٽ وري اياز سان ٿي رهي آهي.

ائين ڪونهي ته اياز کان پوءِ ڪو وڏي شاعر پيدا نه ٿي سگهندو، بلڪل ٿي سگهي ٿو جيئن لطيف کان پوءِ اياز پيدا ٿيو آهي، ائين ئي اياز کان پوءِ به ڪو ٻيو پيدا ٿيندو. پر لطيف ۽ اياز جي وچ ۾ جيڪا وقت جي وٿي آهي، انهي کي به جاچڻ گهرجي، اهو صدين جو فاصلو آهي، جنهن کان پوءِ اياز جو جنم ٿيو هو. ائين ئي اياز کان پوءِ جنهن بهترين شاعر جو جنم ٿيندو، اهو به وقت طلب آهي. پر انهي لاءِ ضروري آهي ته شاعريءَ جا محور طئي ڪجن، انهي کي سماج سان ڳنڍجي، ماڻهن سان انهيءَ جو ڳانڍاپو قائم ڪجي، ان ۾ تازگي پيدا ڪجي ۽ پنهنجو ڪم ماٺ ميٺ ۾ جاري رکجي. جيئن گوئٽي چيو آهي ته ”ڏات جي اڏاوت خاموشيءَ ۾ ٿيندي آهي.“


 



پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment