شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

شوڪت حسين شورو ۽ چانهه جو ڪپ


شام 02 لڳي 54 منٽ -اربع 10 نومبر 2021  61 
image-1


آئون جڏهن به هُن سان ملندو هئس ته پنهنجو پاڻ ۾ اتساهه محسوس ڪندو هئس. اها هن سال (2021) جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون ۽ ڪليم شوڪت شوري صاحب سان سندس گهر ملڻ ويا هئاسين. اسين سائين شوڪت لاءِ پنهنجا ڇپيل نوان ناول کڻي ويا هئاسين. هو در تي آيو. اڱڻ ۾ ڪرسيون رکيائين ۽ پوءِ اسان سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويو. ڪچهري اها ئي، ڇا پيو ٿئي، ڇا پيو پڙهجي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب آيا آهن.

اسان کيس ٻئي ناول (ڪووڊ-19 ۽ يوٿيوپيا) ڏيندي اها گذارش ڪئي ته انهن کي پڙهي پنهنجي راءِ ضرور ڏجو. ڇاڪاڻ ته هو سنڌي ادب جو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ته هو پر ان سان گڏ هو وڏو پاڙهو به هو. قادر جوڻيجو صاحب سدائين شوڪت شوري سان ڪتابن جي ڏي وٺ جو ذڪر ڪندو هو. ان ڪري اسان سيکڙاٽ ليکڪن لاءِ هُن جي راءِ اهميت هئي. اسين چانهه جي چوسڪين تي ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.

ان ڪچهريءَ ۾ جڏهن اسان شوڪت شوري صاحب کان پڇيو ته ڀلا توهان ڪووڊ جهڙي وبا تي ڪجهه لکيو آهي يا نه. ته هن هڪ پنهنجي طبيعت جي ناچاڪيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ ٻيو چيائين ته يار آئون ته هاڻي رڳو مهاڳ پيو لکان. مختلف ڪتاب پيا آهن. انهن جا مهاڳ لکيو ويٺو آهيان، ان ڪري ڪا نئين ڪهاڻيءَ به ڪانه لکي اٿم. اسان سندس ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو. سنڌي ناول تي ڳالهايوسين. ان وقت سندس جهيڻي آواز مان لڳو پئي ته شوڪت صاحب جي طبيعت ڪجهه بهتر ناهي.

شوڪت شورو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو، جنهن پنهنجي ڪهاڻين کي هڪ الڳ مزاج ڏنو ۽ وجوديت ۽ ويڳاڻپ واري الڳ ڌارا جي پوئواري ڪئي. هن وٽ ڪلا به هئي ته آئيڊيا به هئا. سندس لکيل ڪهاڻين کي اڄ به پڙهجي ٿو ته هو پنهنجي دور جي ڪهاڻيڪارن کان الڳ ٿلڳ بيٺل نظر اچي ٿو پر هن کي ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاريءَ کي اڀاري پيش ڪرڻ هنر به ايندو هو. هڪ پاسي ته هو پنهنجن پڙهندڙن کي نيون نيون ڪهاڻيون ڏيندو رهيو پر ٻئي پاسي هن سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو سو به بهترين هو، جنهن ۾ هو سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختلف دورن کي شامل ڪيو. اهو ڪم سنڌي ڪهاڻي پڙهندڙن توڙي ان تي تحقيق ڪندڙن لاءِ بهترين ڪم آهي.

ان ڏينهن شوڪت صاحب سان منهنجي اها هڪ طويل ڪچهري ٿي هئي، جيتوڻيڪ ان کان اڳ به هن سان ڪجهه ڪچهريون هيون پر اهي بنهه مختصر هيون. اسان جڏهن کانئس موڪلايو ته هو در تان موڪلائڻ مهل ڪجهه گهڙين لاءِ بيهي رهيو ۽ چيائين:

“اختر مون تنهنجون ڪهاڻيون پڙهيون، انهن مان مون کي ڪي وڻيون آهن. آئون سوچيان پيو ته انهن تي لکان. بس واندڪائي ملي ته منهنجو لکڻ جو ارادو آهي.” هو منهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب “ٽيهه منٽ” جو ذڪر ڪري رهيو هو. پر ڪالهه جڏهن خبر پئي ته هو اسان کان وڇڙي ويو آهي ته مون کي سندس اها ڪچهري ياد پئي اچي. جنهن ۾ چانهه جو ڪپ هو، ادب جون ڳالهيون هيون، هن جا بيان ڪيل قصا هئا.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment