شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

ڀٽ شاهه- راڳ رنگ جي منفرد دنيا


شام 05 لڳي 53 منٽ -اربع 22 Sep 2021  92 
image-1


زندگيءَ جا ڪي سفر اهڙا به هوندا آهن، جن ۾ پير نه ٿڪبا آهن، نه دل بيزار ٿيندي آهي ۽ نه ئي اکين کي منزل ڏسڻ جي تڪڙ هوندي آهي، بلڪه آهستي آهستي منزل ڏانهن وڌندڙ وکون ان رستي تي ئي هلڻ چاهينديون آهن.

منهنجو سفر جنهن ماڳ ڏانهن جاري هو، اتي هر سال هزارين ماڻهو، عقيدت مند، پانڌيئڙا ۽ دنيا جي ڏکن ڏاکڙن کان بيزار ماڻهو ايندا آهن، اهي هڪ اهڙي سڪون جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جيڪو زندگيءَ کي هڻ وٺ ۾ ميسر نه آهي. ان ڏينهن منهنجي جي سفر جي منزل ڀٽ شاهه هئي. هڪ اهڙي جاءِ جتي هڪ عظيم مفڪر شاعر ۽ صوفي ابدي ننڊ ستل آهي. جنهن سموري عالم کي آباد رهڻ جي دعا ڏني آهي.


ڀٽ شاه

پٽ شاه جي بازار

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلهوڙا دور جو شاعر هو، ڪلهوڙا دور کي سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان هڪ بهتر دور سمجهيو وڃي ٿو. هو فقط هڪ شاعر نه هو، بلڪه هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي باريڪيون ۽ جمالياتي پهلو بيان ڪيا آهن، اهي اڄ به هن کي جديد شاعر طور پيش ڪن ٿا.

سندس ولادت 1689ع ۾ هالا حويلي ۾ ٿي، جڏهن ته رحلت 1752ع ۾ ٿي. سنڌ ۾ ان زماني ۾ فارسي ٻولي رائج هئي، هن ان کان بغاوت ڪندي سنڌي ٻولي کي اهم سمجهيو ۽ ان ئي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نه رڳو نئين زندگي ڏنائين بلڪه اهو به ثابت ڪيائين ته سنڌي ٻولي ڪنهن به ريت گهٽ ناهي بلڪه اظهار لاءِ هڪ اعليٰ ٻولي آهي.

سندس ئي بيت جي هڪ سٽ آهي ته:

جي تون  فارسي سکيو تون گولو توءِ غلام

شاه جا راڳي

شاهه سائين جي شاعري جون سورميون عورتون ئي آهن، سسئي، مارئي، مومل، سهڻي، نوري اهي سڀ اهي ڪردار آهن، جن کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾بيان ڪري اُتم ڪري ڇڏيو آهي. هن مرد بدران اظهار لاءِ عورتن جي چونڊ ڪئي، ته جيئن سماج کي ان ڳالهه جو احساس ڏياري سگهجي ته عورت جنهن کي گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو، اها ڪنهن به ريت گهٽ ذات ناهي بلڪه همت، حوصلي، رومان ۽ ڏکن کي منهن ڏيڻ جي علامت آهي.

هن جهڙي ريت پنهنجن سُرن ۾ انهن عورتن جا قصا بيان ڪيا آهن، اهي جڏهن شعر جي صورت ۾ اچن ٿا ته اهي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن. عشق جا قصا، وطن سان حب، پورهيتن جون ڳالهيون، ڪنهن نيڪ مقصد لاءِ زندگي گهوري ڇڏڻ، اهي سڀ ڳالهيون شاهه سائين جي ڪلانم جو روح آهن.

طنبورو

طنبوري ۾ عاج

سنڌ جون درگاهون اهڙا ماڳ آهن، جتي عورت پاڻ کي آزاد محسوس ڪندي آهي، جتي ان جي رقص کي بد پيشو نه سمجهيو ويندو آهي، جتي ان جي ڌمال هڪ ڀيٽا سمجهي ويندي آهي. سنڌ جي گهڻين درگاهن ۽ مزارن تي ڪئين اهڙا ڏکن جا ماريل ملي ويندا آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته انهن جي درد جي دوا انهن بزرگن يا صوفين جي چائنٺ کان ٻاهر ڪانهي، جتي نه ڪنهن جو مسلڪ پڇيو ويندو آهي ۽ نه ئي مذهب. ڀٽ شاهه ۾ به اهڙو ئي ماحول نظر ايندو آهي.

مون کي ان طنبوري جي تارن مان آلاپ پيدا ڪندڙ شاهه لطيف جي فقيرن سان ملڻو هو، جيڪي ورهين کان ڀٽ شاهه کي پنهنجي آواز جي جادو سان آباد ڪري رهيا آهن.

جڏهن اهي شام جو شاهه سائين جو ڪلام ڳائيندا آهن ۽ طنبوري جي تارن کي ڇيڙي آلاپ پيدا ڪندا آهن ته اهو ڪنن کي سُڪون ڏيندو آهي. اهڙا ڪئين وجود شاهه سائين جو ڪلام ٻڌي ڪجهه لمحن لاءِ ئي سهي سڪون ضرور ماڻين ٿا.

ڀٽ شاهه راڳ رنگ جي اهڙي دنيا آهي، جتي محبوب جي وڇڙڻ جو غم به آهي ته محبوب تي گهور ٿيڻ جي حوصلي جو ذڪر به آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته شاهه سائين جو ڪلام ڪنهن به رنگ ۾ هجي، اهو دل ۾ لهيو وڃي.

طنبورو بظاهر ته هڪ ساز آهي جيڪو پنجن تارن جو جڙيل آهي، پر انهن تارن تي جڏهن فقيرن جون آڱريون حرڪت ڪن ٿيون ته ڀلي توهين ذهني طور دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجو پر طنبوري جي تار ڇڙيندڙ فقير ڄڻ توهان جي من جي تار کي ڇيڙي وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو من جي تار کي ڇيڙي وٺي ته اندر جا سر ۽ آلاپ پنهنجو پاڻ وڄڻ لڳندا آهن.

طنبوري ۾ لڳل انهن پنجن تارنُ جي ڪهاڻيءَ به ڪافي وڻندڙ آهي، هر تارُ جو پنهنجو پنهنجو فلسفو آهي.

طنبوري ۾ استعمال ٿيندڙ پنجن تارنُ مان ٻن کي جاڙيون چئبو آهي. يعني انسان جوڙي جي صورت ۾ تخليق ڪيو ويو آهي، ان ڪري اُهي ٻه تارون مرد ۽ عورت يا نر ۽ مادي کي بيان ڪن ٿيون.

درگاهه تي فقير

ان کان پوءِ هڪ تار آهي، جنهن کي زبان چئبو آهي، زبان جي معنيٰ آهي ته ڪنهن به ڳالهه جو وعدو ڪرڻ، جڏهن ته چوٿين تارُ کي گهور چيو ويندو آهي. جنهن جو مفهوم قربان ٿيڻ آهي. مطلب ته جيڪڏهن توهين ڪنهن سان زبان ڪريو ٿا ته توهين ان تي قربان ٿي وڃو. جڏهن ته آخري تارُ کي ٽيپ چئبو آهي. ٽيپ معنيٰ سزا. جيڪڏهن اوهان وعدو نه پاڙيو ته اوهين سزا جا حقدار آهيو ۽ اها سزا اوهان تي لازمي آهي.

منٺار فقير سالن کان طنبورا ٺاهي رهيو آهي ۽ هن طنبوري ۾ جدت به آندي آهي. جتي ڪنهن زماني ۾ اهو بنا ڪلين جي ڪونه ٺهندو هو، اڄ منٺار فقير ان کي بنا ڪِلين جي تيار ڪيو آهي. هو ان کي ٽالهي، ساڳواڻ ۽ ديال جي ڪاٺين سان تيار ڪري ٿو.

طنبوري جا مختلف حصا آهن، ٿاري، گِٽيون، اڏي، جهل، سنگ، گُلو، جهوڙ، ڀانڊي، ڀلو، گهڙي، پس تند، اهي سڀ شيون هڪ طنبوري کي جنم ڏين ٿيون. منٺار فقير نه فقط طنبورا ٺاهي ٿو بلڪه هو ڀٽ شاهه تي راڳ به ڳائيندو آهي. هن پنهنجي پٽ ۽ ڌيئرن کي به ان موسيقي جي تربيت ڏني آهي.

راڳي راڳ ڳائيندي

جنهن جاءِ تي شاهه سائين جي موسيقي وارا فقير ويهندا آهن، ان ۾ استاد وچ ۾ويهندو آهي، هڪ ٽولي پنجن کان ستن ماڻهن جي هوندي آهي. استاد جنهن جاءِ تي ويهندو آهي، ان کي اڏي چيو ويندو آهي. هي جاءِ سندس قربان ٿيڻ واري جاءِ هوندي آهي، هو ان وقت سپه سالار هوندو آهي.

شاهه لطيف جي راڳ ۾ ٻه اهم آلاپ هوندا آهن، هڪ ڪڙي، جڏهن ته ٻيو جهونگار. ڪڙي مٿئين سطح جو آواز هوندو آهي، جڏهن ته جهونگار هلڪي سطح وارو آواز آهي ۽ اهڙي ريت اهي آلاپ تبديل به ٿيندا رهندا آهن.

استاد جڙيل فقير گذريل 45 سالن کان ڀٽ شاهه ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته “هيءَ راڳ ڳائڻ سان مون کي سڪون ملندو آهي، مون جيئن ئي ننڍي هوندي کان طنبورو هٿن ۾ کنيو آهي، تڏهن کان آئون ان جي تارنُ کي ڇيڙي سُرن جي دنيا سان ڳنڍجي ويو آهيان ۽ هاڻ اهو ئي منهنجو مقصد آهي ته آئون هي راڳ ڳائيندو رهان.“ هن پنهنجا شاگرد به پيدا ڪيا آهن. هن وقت ڀٽ شاهه ۾ 101 شاهه جا راڳي آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شاهه لطيف جي سُرن کي ڳائڻ لاءِ خاص پهر رکيل آهن.

رات جو پورب، يمن ڪلياڻ، کنڀات ۽ ٻيا سُر ڳايا ويندا آهن، جڏهن ته صبح جو مارئي، بلاول، آسا، رپ ۽ رامڪلي ڳايا ويندا آهن. محرم الحرام ۾ رڳو ڪيڏارو ڳايو ويندو آهي، جيڪو اهل بيت تي ٿيندڙ ظلم جو داستان آهي.

جڙيل فقير

هاڻ منهنجي واپس ورڻ جو وقت ٿي چڪو هو، پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڀٽ شاهه وڃڻ کانپوءِ شاهه جي ڀر ۾ آرامي عظيم شاعر شيخ اياز جي حاضري نه ڀرجي. مون کي سندس حاضري ڀرڻي هئي. جنهن شاهه لطيف کان پوءِ سنڌي شاعريءَ کي ايترو ته مالا مال ڪيو آهي جو سنڌي ادب ۾ ٻيو شيخ اياز پيدا ٿيڻ ۾ صديون لڳي وينديون.

شيخ اياز جي مزار

ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري سندس مزار تي ماٺار ڇانيل هئي ۽ سندس شاعري منهنجي ذهن ۾ پاسا ورائڻ لڳي. شام جي پاڇن ڀٽ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو پر ماڻهن جي اچ وڃ اڃا به جاري هئي.

هاڻ سج لهڻ وارو هو. مون حيدرآباد واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ اهڙي نگريءَ کي خيرباد ڪيم جيڪا سر، ساز ۽ آلاپ ۾ ٻڏل هئي. جتي سڪون هو، راحت هئي ۽ شاهه جي فقيرن جي اهڙي دنيا آباد هئي. جتي اوهين پاڻ کي وڃائي گهڻو ڪجهه ماڻي سگهو ٿا.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment