شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

تعليم کاتي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏبي، قانون تي عمل ڪبو: اڪبر لغاري


صبح 11 لڳي 15 منٽ -آچر 19 Sep 2021  159 
image-1

سنڌي جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڳالهائيندي چيو آھي ته تعليم کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ لا مختلف ادارن کان ٽيسٽ وٺرايا ويا. اقرا يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو مطالبو آھي ته هنن کي ڊيٽ آف اپائنٽمنٽ کان پڪو ڪيو وڃي، هنن جو حق به آھي هنن سان وڏيون بي واجبيون ٿيل آھن.

ڪلهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري سان هڪ ڊگهي براهه راست شيشن ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جو چوڻ هو ته تعليم کاتي ۾ من پسند ڀرتيون ۽ اقربا پروي کان بچڻ لا مختلف ادارن جهڙوڪر سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس، اقرا يونيورسٽي ۽ آ بي اي جهڙن غيرجانبدار ادارن کان چٽي ڀيٽي ٽيسٽ ڪرايا ويا جيئن استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو وڃي. اقرا يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو مطالبو آھي ته هنن کي ڊيٽ آف اپائنٽمنٽ کان پڪو ڪيو، هنن جو حق به آھي هنن سان وڏيون بي واجبيون ٿيل آھن.

  اڪبر لغاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماضي ۾ ٽيسٽ پاس استادن  کي ٽن سالن تائين ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويندو هو جنهن کانپو انهن کي پڪو ڪيو ويندو هو. اسان کي قانون جي دائري ۾ ڪم ڪرڻو آهي، مان ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندس جيڪا قانون ۽ کاتي جي اصولن کان مٿاهين آهي، قانون جي دائري ۾ رهي استادن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪرن جي ڪوشش ڪندس، منهنجو موقف آھي ته مهنجي قلم ذريعي سڀني کي  فائدو ٿئي.

سيڪريٽري تعليم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين تعليم کاتي ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيڪو ڪم ڏهن ڏينهن ۾ ٿي رهيو آهي اهو ڪم ٻن ڪلاڪن ۾ ٿي وڃي، جيئن ڪنهن کي به ڪنهن قسم جي پريشاني نه ٿئي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته استاد پوري ايمانداري سان ٻارن کي تعليم ڏين، سندن سمورا جائز مسئلا حل ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي جيڪا مان هر حال ۾ پوري ڪندس.

تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته کاتي اڳ جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي اهو منهنجي ذميواري نه آهي، پر هاڻي کاتي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏبي.

 

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ايس ٽي استاد آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪرائي HST بڻيا ويٺا آهن. اهي واپس PST جي سِيٽ سنڀالن، نه ته پوءِ جيڪي ترقيون ٿيون ته اهي ان ۾ رهجي ويندا ۽ کين واپس موڪليو ويندو ۽ پوءِ ڀلي پروموشن کان رهجي وڃن. پي ايس ٽي اپگريڊيشن لاء فنانس ڊيپارٽمينٽ کي لکيو آهي.2018 ع ۾ جيڪيجي ايس ٽي ڀرتي ٿيا آهن انهن جو ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ آهي ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ تي اڪبر لغاري يا سردار شاھ فيصلو نه ڪندا پر ريگيولر لا ڪابينا فيصلو ڪندي. هاڻي جيڪڏهن ڪو به آئوٽ آف ٽرن پروموشن ٿيو ته TEO ۽ D.O خلاف قدم کڻندس.

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment