شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

      ڊاڪٽر رُٿ فائو- ڪوڙهيل سماج جي مسيحا


شام 07 لڳي 47 منٽ -اڱارو 10 آگسٽ 2021  328 
image-1

 

ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته زندگي مسلسل ھڪ درد ڪٿا آهي، زندگي ڪيتري ڏکي آهي، ان جو اندازو انهن ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن کي ڏسي ٿئي ٿو جن پنهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪئي آهي. جيئن اردو جو مشهور شعر آهي:

 “لوگون ڪا غم ديکا تو اپنا غم ڀول گيا”

 زندگيءَ جا ايترا درد ناڪ روپ آهن، جيڪي اسان سوچي به نٿا سگهون، پر انسانيت جو درد رکندڙ انسان ڇا ٿو ڪري سگهي، بس ٻئي انسان جي درد کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش. “ڪوڙهه” هڪ بيماري آهي پر اھو لفظ اسان وٽ حقارت لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مطلب اھڙو مرض جنهن جي مريض کان حقارت ڪئي وڃي. پر دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به رهيا آهن، جن ڪوڙهيل ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ۽ اُهي ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙهيل دماغن کان سئو ڀيرا بهتر آهن.

1996ع کان اھو مرض پاڪستان ۾ ختم ٿي ويو آهي يا ان مرض جو علاج ممڪن ٿي ويو آهي، پر ان جو سڄو ڪريڊٽ ڊاڪٽر رُٿ فائو کي وڃي ٿو جنهن پنهنجي سڄي زندگي پاڪستان ۾ ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي. چون ٿا ته گڏيل هندستان ۾ هُن کي هندستان وڃڻو هو پر پوءِ جڏهن ورهاڱي جو اعلان ٿي ويو ته هوءَ ڪراچي ۾ ئي رهجي وئي آهي ۽ اهڙيءَ ريت هن پنهنجي زندگي هتي موجود ڪوڙهه جي مريض لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

ٻين هزارين ماڻهن جيان مان به ڊاڪٽر رُٿ فائو جو نالو ٻڌو ھو پر جڏهن 10 آگسٽ 2017ع ڊاڪٽر رُٿ فائو جي وفات ٿي ۽ ان جي باري ۾ پڙھي مون کي سچ پچ ان عظيم مسيحا سان پيار ٿي ويو. ڊاڪٽر رُٿ فائو جو جنم 1929ع جرمنيءَ ۾ ٿيو، ھن عالمي جنگ جون وحشتون ڏٺيون، ميڊيڪل جي تعليم فرانس ۾ حاصل ڪيائين. سندس تعلق ھڪ ڪيٿولڪ تنظيم سان هو. سماجي خدمت لاءِ انڊيا وڃڻ جي ارادي سان وطن مان رواني ٿي، ان وقت سندس عمر 30 سال هئي، ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ رھي اتي ڊاڪٽر فائو ڪوڙهه جي مريضن جي وسندي ڏٺي جتي ھڪ عارضي ڊسپنسري ھئي. ھن مھان مسيحا جڏهن ڪوڙهه جي مريضن جي خراب حالت ڏٺي جن کي پنهنجن ۽ سڄي دنيا ڌڪاري ڇڏيو ھو ته ڊاڪٽر رُٿ فاو ڪراچيءَ ۾ رھڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊسپنسريءَ کي ڪلينڪ ۾ تبديل ڪيائين ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ “ميري ايڊيلينڊ ليپروسي سينٽر” جو بنياد رکيو جيڪو اڳتي ھلي ڪوڙهه جي مريضن جي مفت اسپتال بڻي ويو.

ڊاڪٽر رُٿ فائو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وئي ۽ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾ سينٽر قائم ڪيائين. ڊاڪٽر رُٿ جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري پاڪستان ھن خطي جو پھريون ملڪ بڻجي ويو جنهن ڪوڙهه جي مرض تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو.

ڊاڪٽر رُٿ فائو رڳو ڪوڙهه جي مريضن جي مسيحا نه هئي پر هنن لاءِ ماءُ مثل هئي. ھڪ مريض ڊاڪٽر روٿ جون يادگيريون ٽي وي چينل سان ونڍيندي ٻڌايو ته “مريضن جا ڦٽن سان ڀريل پير ڊاڪٽر فائو پنهنجي جھوليءَ ۾ رکندي ھئي.” ھڪ ٻي مريضه ٻڌايو ته “ڊاڪٽر فائو مريضن سان گڏ ماني کائيندي هئي، جڏهن ته اسان جا پنهنجا گهر وارا اسان کان حقارت ڪندا هئا.” مريض رڳو علاج سان نه پر محبت ۽ شفقت سان بھتر ٿيندو آهي. ڊاڪٽر فائو پنهنجن مريضن سان محبت جا عظيم مثال قائم ڪيا. آخري وقت تائين ڊاڪٽر فائو کي پنهنجي مريضن جو فڪر رھندو ھو.


ڊاڪٽر فائو جو چوڻ ھو ته ڪوڙهه جي مريض جو جسم سن ٿيو آهي، دل بي جان ناهي ٿي، ان ڪري انهن کي محبت جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر فائو پاڪستان ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ڪم تي جرمن ٻوليءَ ۾ چار ڪتاب لکيائين. جن مان ھڪـ جو ترجمو انگريزي “ٽو لائيٽ اي ڪينڊل“ جي نالي سان ٿيو. ڊاڪٽر فائو تقريبن شھرت ماڻڻ ۽ فوٽو سيشن کان پري رھندي ھن ڌرتيءَ تي ڄڻ ته هڪ ملائڪ هئي. هوءَ چوندي هئي ته هتان جا ماڻهو ڳالهيون گهڻيون ڪندا آهن پر ڪم گهٽ ڪندا آهن. هن سڄي حياتي ڪم کي ارپي ڇڏي. هن انهن ماڻهن کي جيئڻ سيکاريو، جن سان سندن گهرڀاتي به کائڻ پيئڻ پسند نه ڪندا هئا. رُٿ فائو سموري ڪوڙهيل سماج کي اهو احساس ڏياريو ته انسان جيڪڏهن محبت ۽ جذبي سان ڪو ڪم ڪرڻ چاهي ته ڪجهه به ناممڪن ڪونهي.

 سندس وفات 10 آگسٽ 2017ع تي ٿي. ڌڪاريلن جي ماءُ ھن دنيا مان ھلي وئي پر پنهنجي زندگي سڦل ڪري وئي ۽ ڌڪاريلن جي دلين ۾ روشنيءَ جو مينار بڻجي چمڪندي رھندي .

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment