شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 18 - سيپٽمبر - 2021ع

بحريه ٽائون خلاف احتجاج ۽ ڪتابن واري اسٽال جي تصوير


شام 02 لڳي 56 منٽ -اڱارو 08 جون 2021  310 
image-1


6 جون 2021ع تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريه ٽائون جنهن کي ڪجهه ماڻهو ”ڀيڙيه ٽائون“ جو نالو به ڏئي رهيا آهن، جي خلاف احتجاج ۽ ڌرڻي جو سڏ ڏنل هو. ان ڏينهن صبح کان ئي دل ۽ دماغ ۾ عجيب وهم ٽپا ڏيڻ لڳا. جيئن جاڳ ٿي ۽ سوشل ميڊيا تي نظر وڌي ته سنڌ ڌرتيءَ  جي عشق ۾ نڪتل عوام جي قافلن سان پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو هنن کي روڪي بدسلوڪي ڪرڻ ۽ سندن تلاشي وٺڻ وارين خبرن تي نظر پئي. اتي هڪ ڌڪ لڳو ته ضرور اڄ ڪو ممڻ مچندو. اسان سنڌين لاءِ اڳ ئي ڌرتيءَ تنگ ڪئي پئي وڃي، هن ڌرتيءَ  جي گولي تي اسان سنڌين جي حالت به فلسطينين ۽ ڪشميرين جهڙي ئي آهي. هڪ پاسي ايم ڪيو ايم نالي تعصبي دهشتگرد تنظيم اسان سنڌين جا شهر ڳڙڪائي وئي آهي ته ٻئي پاسي ڪوڙي ترقي جي نالي تي سنڌين جي قديم آبادين کي تباهه ڪري انهن جي اباڻي زمينن تي قبضو ڪري شيشي جا شهر اڏيا پيا وڃن.

جيڪڏهن ”ڀيڙيه ٽائون“ واري رٿ جي ڳالهه ڪجي ته هن رٿ لاءِ لڳ ڀڳ 17 هزار ايڪڙ سنڌين جي زمين کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ملڪ رياض نالي ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون حوالي ڪيو ويو. پر ان صاحب جي بک اهڙي آهي جو کٽڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ سندس نظر سنڌين جي قديم ڳوٺن ڏانهن وئي ۽ سنڌ سرڪار سان ٻِٽ ٿي انهن ڳوٺن جي مالڪي به وٺي ڇڏيائين. پر انهن سوين سالن جي قديم سنڌي وسندين جي اصلوڪن ماڻهن سنڌ جي زمين ڏيڻ کان منع ڪيو. جنهن تي وڏي وقت کان ڄامشوري ضلعي واسي جن مان هڪ مان به آهيان، احتجاج ڪرڻ لڳا ۽ ڪوهستان بچايو ڪميٽي جو بنياد وجهي ملڪ رياض جي ”ڀيڙيه ٽائون“ خلاف جدوجهد شروع ڪئي سين.


ان دوران اسان اهو پڻ ڏٺو ته ڄامشوري ضلعي جي سياست ۾ وڏي اٿل ڦٿل اچي وئي ۽ اهي خبرون به اچڻ لڳيون ته ”ڀيڙيه ٽائون“ جي مسئلي تي ڄامشوري جي چونڊيل نمائندن جو سندن پارٽيءَ جي قيادت سان اختلاف ٿي ويا آهن ۽ ان ڪري وڏو ڀوتار ننڍي ڀوتار تي ڪاوڙيل آهي. ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ ملڪ رياض سان وري سياستدان کير کنڊ ٿي ويا. ”ڀيڙيه ٽائون“ واري اسڪيم جو ترقياتي ڪم به هلندو رهيو. وري ممڻ تڏهن مچيو جڏهن ڪجهه وقت اڳ ملڪ رياض جا ڇاڙتا قديم سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ لاءِ هيوي مشينري ۽ ڪرينن سان اچي گڏ ٿيا. ان ڏينهن ته اکين ڄامشوري کي باقاعده فلسطين ٿيندي ڏٺو، هڪ پاسي هٿين خالي قديم سنڌي وسندين جا رهواسي هئا ته ٻئي پاسي بحريه ٽائون جي انتظاميا ۽ سندس نجي سيڪيورٽي جنهن وٽ جديد هٿيار هئا. جيئن ئي سنڌين نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته ”ڀيڙيه ٽائون“ پنهنجو اصل منهن ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ هٿين خالي مظلوم ماڻهن مٿان گوليون هلايون. پنهنجي ڌرتيءَ  لاءِ مرڻ مارڻ لاءِ سنڌين انهن وحشين جي گولين جو فلسطينين جيان پٿرن سان مقابلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ڪيترائي سنڌي سخت زخمي ٿي پيا.

  ان صورتحال کانپوءِ سنڌ جي سياسي قيادت ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي ۽ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪ رياض جي بحريه ٽائون جنهن 17 هزار ايڪڙن بدران سنڌ جي ڌرتيءَ  جا 70 هزار ايڪڙ ڳڙڪائي ڇڏيا آهن ۽ اوڳرائي به نه ڏني آهي، ان جي خلاف پرامن احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. اڃا اهو فيصلو مس ٿيو ته ان جي خلاف سوشل ميڊيا تي مخالفت به شروع ٿي وئي. مخالفت جي حد ان تائين وڃي پهتي جو سوشل ميڊيا تي اهو به لکيو ويو ته:

”هاڻي هي سنڌ بچائيندا... سندن اجلاسن ۾ ماين کي نظر انداز ڪيو ويو آهي...“ ان کانسواءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي خلاف ڪيتري ئي پرپيگينڊا ٿيڻ لڳي. پر پوءِ به 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ملڪ رياض جي بحريه ٽائون خلاف مظاهري ۽ ڌرڻي جو سڏ ڏنو. ان ڏينهن تي صبح کان ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف سياسي ۽ سماجي ماڻهو سنڌ جي سڏ تي نڪري پيا.

اهڙي صورتحال کي سامهون رکندي ”ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي“ کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن ۽ ملڪيت جي حفاظت جي نالي ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ جي نيت سان 4 جون 2021ع تي پوليس لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻيو ويو ته:

”سنڌ انڊجينيس پيپلس الائنس جنهن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي به شامل آهي، نالي پارٽين 6 جون 2021ع تي بحريه ٽائون جي مک گيٽ وٽ بحريه ٽائون ۽ نيو ڊي ايڇ اي سٽي جي انتظاميا خلاف سنڌين جي تاريخي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي الزام تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.

 حفاظتي صورتحال ۽ 2 جون 2021ع تي بحريه آئڪون ٽائور وٽ ٿيل ڪريڪر جي حملي کي نظر ۾ رکندي، ايس ايس پي ملير هڪ مختصر سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو آهي، جيئن ان موقعي تي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي. هيٺ ڄاڻايل انسويسٽيگيشن ونگ جا ايس ايس پي، سندن ايس ايڇ او ۽ ايس پي پي ايڇ ڪيو ايسٽ سندن نفري سان گڏ ڄاڻيل هند تي 6 جون 2021ع تي 9:00 وڳي رپورٽ ڪن.

 ايس ايس پي انويسٽيگيشن-1 سندس سڀني ايس ايڇ اون سان، انهن سان هڪ اين جي او ۽ 5 پي سيز (اينٽي رائٽ) سرڪاري موبائيلن ۾. اهي ايس ايس پي ملير ضلعو کي گڏاپ ٿاڻي تي رپورٽ ڪندا.  فارنسڪ موبائيل فورنسڪ ٽيم سان گڏ. ايس ايس پي ملير ضلعي کي گڏاپ ٿاڻي تي رپورٽ ڪندا. ايس پي، پي ايڇ ڪيو ايسٽ زون 150 سپاهين جي نفري سان جيڪي مڪمل اينٽي رائٽ ڪٽ ۾ هوندا، جنهن ۾ 10گيس بندوقون ۽ 500 گيس وارا گولا شامل هوندا. پي ايڇ ڪيو ايسٽ مان واٽر ڪينن به شامل هوندا. اهي اسٽار گيٽ ايس ايس پي انويسٽگيشن-II کي ايئرپورٽ ٿاڻي تي رپورٽ ڪندا، جيئن شاراهه فيصل تي ٽريفڪ جي وهڪاري کي يقيني بڻائجي. ايس ايس پي انويسٽگيشن-III سڀني ايس ايڇ اون ۽ هڪ اين جي او ۽ 5 پي سيز (اينٽي رائٽ)، سرڪاري موبائيلن ۾. فارنسڪ موبائيل فارنسڪ ٽيم سان گڏ. اهي پي ايڇ ڪيو ايسٽ سعودآباد ڪامپليڪس ايسٽ زون، ڊي آءِ جي پي ايسٽ زون ريزرئو کي رپورٽ ڪندا.“

اهڙو حڪم نامو ڊپٽي انسپيڪٽر جرنل پوليس، ايسٽ زون ڪراچي ثاقب اسماعيل ميمڻ جي صحي سان جاري ڪيو ويو. جيڪڏهن ان پلان سان احتجاج ڪندڙ سنڌين کي هيسائڻ وارو خيال تڙي ڪڍي به ڇڏجي، تڏهن به ان ڳالهه جي پوري پڪ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس ”ڀيڙيه ٽائون“ جي حفاظت جي پوري پوري تياري اڳواٽ ئي ڪري ڇڏي هئي.

پر 6 جون 2021ع تي جيڪي منظر اکين ڏٺا اهي هاڻي ڪنهن کان ڳجها نه آهن، بحريه ٽائون جي مک داخله کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، احتجاج ڪندڙ اندر گهڙي ويا جنهن جي ڪري ڪيترين ئي جاين کي نقصان پهتو. ان سڀ پٺيان ڪير هو، ڪنهن کي فائدو پهتو ۽ ڪنهن کي نقصان پهتو، اهي الڳ بحث آهن ۽ اهي بحث مختلف پليٽ فارمن تي هلي به رهيا آهن. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن تي دهشتگرديءَ  جا پرچا به ڪٽجي ويا آهن. باهه جي منظرن، شيشن کي ڀڃڻ، بحريه ٽائون جي تختي کي لاهي اڇلائڻ، ٽول پلازه تي حملي جي ڏکائيندڙ تصويرن جي وچ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪڙي اهڙي تصوير به آئي جنهن کي ماڻهن جي اڪثريت مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها تصوير ڪجهه سنڌي سياسي ڪارڪنن جي آهي، جيڪي ڌرڻي واري جاءِ تي ڪتابن جو اسٽال هڻي رهيا آهن، تصوير مان اها به خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ  جي مالڪي لاءِ ڌرڻي ۾ پهتل هئا، اهي ان اسٽال تان ڪتاب وٺي رهيا آهن. پوري ملڪ ۾ اها اڪيلي سنڌي قوم ئي هوندي جنهن علم ۽ ادب سان محبت جو هي نئون روپ ڏيکاريو هوندو ۽ شايد ملڪ جي تاريخ ۾ هي پهريون احتجاجي مظاهرو هوندو جنهن ۾ ڪتابن جو اسٽال هنيو ويو هجي. اها سنڌ جي ماڻهن جي شعور جي نشاني آهي جو اهڙي وقت ۾ به هنن علم، ادب ۽ ڪتابن سان پنهنجو ناتو جوڙي رکيو. ان کانسواءِ به مختلف موقعن تي سنڌي قوم ڪتابن سان محبت جو مثال ڏيندي رهي آهي، پوءِ ڀلي اهو مختلف سياسي اڳواڻن جي سالگره يا ورسيءَ  جو موقعو هجي يا ڪو ادبي ميلو هجي، سنڌي قوم ڪتابن سان محبت جو اظهار ڪندي رهندي آهي.

ڀلا اهڙي قوم جنهن جي ماڻهن کي ڪتابن سان ايڏو عشق هجي جو پنهنجي ڌرتيءَ  کي بچائڻ ۽ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ نڪرن تڏهن به پاڻ سان ڪتاب کڻي نڪرن، ان قوم جا ماڻهو دهشتگرد ڪيئن ٿي سگهن ٿا...!!   

     

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment