شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

سٺي زندگي هر ٻار جو حق: ٻارن جي حقن وارو عالمي دستاويز چائلڊ رائيٽس ڪنوينشن


صبح 09 لڳي 45 منٽ -جمعو 04 جون 2021  265 
image-1

هر انسان  آزاد آهي ۽ ان جي ڪري کيس ڪجهه بنيادي حق به آهن. وڏي انگ ۾ ماڻهون پنهنجي حقن کان بيخبر آهن.هرفرد کي پنهنجي حقن کان آگاهي هجڻ گهرجي.

انساني حقن جو هڪ اهڙو معاهدو به آهي جيڪو خاص طور تي ٻارن لا ٺاهيو ڏنو ويو آهي.    ٻارن جي حقن جو عالمي پڌرنامو چائلڊ رائيٽس ڪنوينشن (سي آر سي) جي نالي سان هڪ دستاويز آهي جنهن تي پهرين ۽ ٻين عالمي جنگين ۾ ٻارن کي نقصان رسڻ کان پو ڪجهه سماجي ڪارڪنن پهرين عالمي دستاويز لا 1959ع ۾ ڪم شروع ڪيو جنهن ۾ وقت سان گڏ  بهتري ۽ واڌارو آندو ويو.  

ٻارن جي حقن لا 1979 ۾ پوليينڊ خيال پيش ڪيو ته ٻارن لا ڪنوينشن منعقد ڪيو وڃي جنهن لا  ڪجهه سال  بحث  مباحثا ٿيندا رهيا ۽ گڏيل قومن جو ڪنوينشن تيار ٿيو.

  گڏيل قومن جو ادارو هڪ عالمگير تنظيم آهي جيڪا انساني حقن، امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لا پر عظم آهي. اهڙن معاهدن کي منظور ڪرڻ وارن ملڪن کي اسٽيٽس پارٽيز جو نالو ڏنو ويوآهي.

معاهدن تي عمل ڪرڻ جي ڪري انهن کي ڊيوٽي بيئرس به چوندا آهن  اهي ڪنوينشن تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا آهن.

  نجي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن، مارل ڊيوٽي بيئرس جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سرڪار لا ڪ۾ ڪرڻ وارا وڪيل، استاد ۽ پوليس وارا شامل هوندا آهن.

 هن معاهدي مان فائدو حاصل ڪرڻ وارن جي عمر ارڙهن سالن تائين آهي. اهو ڪنهن به  رنگ ،نسل ،شهريت،وارو هجي يا معذور هجي، انهن کي رائيٽس هولڊرس چيو وڃي ٿو. هن ڪنوينشن ۾ والدين به رائيٽ هولڊرس آهن جن کي رهنمائي سان گڏ پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل ۽ پالڻ لا رياست جي مدد جي به ضرورت آهي.

درسگاهن ،گهرن ۾ ٿيندڙ ٻارن تي ذهني ،جسماني تشدد جي صورت ۾ درسگاهن جو عملو نشاندهي ڪري سگهي ٿو.

  ٻارن جي ڪنوينشن/عالمي دستاويز (سي آر سي) کي آرٽيڪلس/شقن جي مدد سان لکيو ويو آهي. سي آر سي جون چار اهم شقون.

  1.  ٻارن ۾ امتياز نه ڪرڻ.

2. ٻارن جي بهتري ۽ فائدي جو خيال رکڻ .

3.  زندڱي، بقا ۽ طرقيء جو حق ڏيڻ.

4.  ٻارن جي خيالات کي اهميت ڏيڻ.

سي آر سي ۾ موجود باقي شقن کي ڪجه حصن ۾ ورهائجي ٿو جنهن ۾ شهري حق ۽ آزادي.گهر جو ماحول، سار سنڀال،صحت تعليم تفريح ۽ ثقافت شامل آھن.

وقت سان گڏ اضافي پروٽوڪول به ڏنا ويا آهن.   هر پنجين سال اسٽيٽ پارٽيز ٻارن لا جوڙيل جاچ ڪاميٽي کي  رپورٽ موڪليندي آهي. جنهن مان حتمي رپورٽ ٺاهي هر ملڪ کي بهتري لا رياستن کي ذميداري نڀائڻ لا قانون سازي ڪرڻ جي هدايت ڏني ويندي آهي. قومي سطح تي منصوبا جوڙي ڏٺو وڃي ته ٻارن تي بجٽ جو ڪيترو حصو خرچ ڪيو وڃي ٿو.

هر شعبي ۾  آگاهي ڏني وڃي جيئن ٻار ۽ بالع فرد به ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ ٻارن جي حقن جو احترام ڪري سگهن.

عالمي طور تي شقن کي عمل ۾ آڻي سگهجي. هر جا تي ٻارن کي حق ملڻ گهرجن جيئن  ٻار دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. ٻارن جي عالمي دستايز تي صحيح ڪندڙ 191 ملڪ شامل آهن . هر سال 20 نومبر تي ملهائي آگاهي ڏني وڃي ٿي.

علاقائي ۽ عالمي  سطح تي ٻارن جي عالمي حقن جي شقن جي آگاهي ڏئي قومن جي مستقل کي صحتمند بڻائي سنواري سگهجي ٿو.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment