شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

شاندار ڪلاسڪ فلم - اي هِڊن لائيف


شام 03 لڳي 02 منٽ -جمعو 30 اپريل 2021  461 
image-1



هدايتڪار ٽيرينس ميلڪ جي هي جرمن/ انگلش فلم 13 ڊسمبر 2019ع تي ريليز ٿي، هن فلم جي ڪهاڻي آسٽريا سان تعلق رکندڙ هڪ هاري خاندان بابت آهي، جيڪو خوبصورت جبلن جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ ۾ سادي پر انتهائي پيار ڀري ۽ پرسڪون زندگي گذاري ٿو، ان گهراڻي جو سربراهه فرانز (آگسٽ ڊاهيئل) آهي، سندن زال، ماءُ ۽ ٽي ڌيئر هن خاندان جو حصو آهن.

 1939ع ۾ جڏهن ٻي عالمي جنگ شروع ٿئي ٿي ۽ هٽلر کي فوجين جي ضرورت پوي ٿي ته هر هنڌان فوجي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ فرانز به شامل هوندو آهي، هو ابتدائي ٽريننگ بعد واپس ڳوٺ موٽي ايندو آهي، هن کي احساس ٿيندو آهي ته هي هڪ بي مقصد جنگ آهي، جنهن جو سواءِ ماڻهو مارڻ جي ڪو فائدو ناهي، ان ڪري جنگ ۾ وڙهڻ نه کپي ۽ هٽلر جي تعظيم ڪرڻ نه کپي، سندس زال به سندس ان فيصلي سان متفق ٿيندي آهي. جڏهن ڪيترائي ماڻهو جرمن فوجين جي جٿي ۾ شامل ٿي ان جنگ جو حصو ٿي رهيا هوندا آهن ته فرانز بغاوت ڪندو آهي، جنهن سبب سمورو ڳوٺ، آسپاس جا ماڻهو ساڻس ۽ سندس خاندان سان نفرت ڪرڻ لڳندا آهن ته هي هڪ بزدل ماڻهو آهي، ان وچ ۾ فرانز چرچ جي پادرين جو سهارو وٺندو آهي ته جيئن انهن جي مدد سان ماڻهن جي سمجهائي سگهجي ته هي فضول جنگ آهي، جنهن جو مذهب سان يا ڌرتيءَ جي بچاءَ سان ڪو واسطو ناهي، پر چرچ جا پادري به ان وقت جي حڪومت جي حق ۾ فتوائون ڏيندا آهن ۽ ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ کي شرعي فرض قرار ڏيندا آهن، ان دوران فرانز ۽ سندس خاندان ڳوٺاڻن جي نفرت ڀرن روين ۽ ان خوف سبب ته ڪنهن به وقت کيس زبردستي وڙهڻ لاءِ موڪليو ويندو هڪ عجيب ڪيفيت جو شڪار ٿي ويندو آهي، جنهن کي ڏاڍي سهڻي نموني فلمبند ڪيو ويو آهي.

فرانز ان جنگ لاءِ چندو ڏيڻ يا ڪنهن ٻي قسم جي رضاڪاراڻي شرڪت کان به انڪار ڪري ڇڏيندو آهي، نيٺ فوجي هن کي کڻي ويندا آهن ۽ کيس قيد ڪري ڇڏيندا آهن، سندس رهائي کي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ يا ٻي ڪا به فوجي خدمت ڪرڻ سان مشروط ڪيو ويندو آهي، فرانز چوندو آهي ته هو اسپتال ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو پر ان لاءِ به هو هٽلر جي تعظيم نه ڪندو، نه ئي سندس سلامي ڀريندو يا ان جي حق ۾ نعري بازي ڪندو، فوجي حاڪم ان کي بغاوت سمجهندي هن تي وڌيڪ سختيون ڪندا آهن، ۽ آخر ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي، هڪ طرف فرانز کي جيل ۾ سختيون برداشت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته ٻئي طرف ان جي بغاوت جي ڪري سندس خاندان تي ايندڙ مصيبتن ۽ پريشانين کي به ڪافي اثرائتي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ان وچ ۾ سندس ۽ زال جي وچ ۾ خط و ڪتابت هلندي رهي ٿي، جنهن جي پسمنظر ۾ ڳوٺ جا سهڻا نظارا ڏيکاريا ويندا آهن.

هي فلم ڏسندي خاص طور ڪورٽ روم جي منظرن ۾ يا جيل ۾ فرانز جي ڪيفيتين کي ڏسندي  البرٽو ڪاميو جي ناول اجنبي جو ڪردار مزورالٽ ذهن ۾ ايندو آهي، ساڳي جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي، ان سان گڏ ٻين ڪردارن جي حالت کي ڏسندي اڪثر دوستو وسڪي جي ناولن جا ڪردار دماغ ۾ گهمڻ لڳن ٿا. جن ماڻهن ڪاميو ۽ دوستو وسڪي کي پڙهيو آهي ۽ پسند ڪيو آهي، انهن کي يقينن هي فلم مزو ڏيندي. اڄ ڪلهه جي فلمي وقت جي حساب سان هي ڪجهه ڊگهي آهي 3 ڪلاڪ ڊيوريشن اٿس، ان جو سبب ڪردارن جي ڪيفيت يا منظر نگاري به آهي، پر اها ڏاڍي سهڻي آهي ۽ سنجيده فلم بين ان مان بور نه ٿو ٿئي، پر شوقيه فلم ڏسندڙ کي ڪجهه منظر بور ڪندڙ لڳي سگهن ٿا.

فرانز جڏهن چرچ ويندو آهي ته اتي هڪ آرٽسٽ نقش ٺاهي رهيو هوندو آهي، ان جي ڳالهه ٻولهه انتهائي فلسفياڻي ۽ دل ۾ لهندي محسوس ٿيندي آهي، هو چوندو آهي ته هي منهنجي روزي روٽي آهي، ان ڪري هي ڪم ڪيان ٿو، جيزز جا نقش ٺاهيان ٿو، اهي ماڻهن کي وڻن ٿا، پر آئون مطمئن نه آهيان، آئون ايستائين خدا جي تصوير نه ٿو ٺاهي سگهان جيستائين ان کي محسوس نه ڪيان. هن فلم جا ڪيترائي اهڙا ڊائيلاگ آهن جيڪي Quote ڪري سگهجن ٿا، پر هتي مثال طور ڪجهه جملا ڏجن ٿا.

*نا انصافي ڪرڻ کان ان کي برداشت ڪرڻ بهتر آهي.

*اسان مان ڪير به معصوم ناهي، سڀني جا هٿ رت سان رنڱيل آهن، جنهن دنيا ٺاهي، ان ئي برائي کي تخليق ڪيو، شعور اسان کي بزدل بنائي ڇڏيندو آهي.

*شيطان ڏاڍو چالاڪ آهي. هو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ سندن ئي نيڪين جو استعمال ڪندو آهي.

*ڇا ماڻهوءَ کي سچ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڇڏڻ کپي، ڇا ان سان خدا خوش ٿيندو؟ خدا ته امن، سڪون ۽ اسان جي خوشي چاهي ٿو، هو ڪيئن اسان کي مصيبتن ۾ وجهڻ چاهيندو؟

*مصيبتون ٻن قسمن جون هونديون آهن، هڪ جنهن کي اسان پاڻ چونڊيندا آهيون، ٻي جنهن کان اسان پاڻ بچائي ناهيون سگهندا.

*تون اسان جي ڳالهه مڃ ته توکي آزاد ڪيون (فوجي جو فرانز کي چوڻ) آئون اڳ ئي آزاد آهيان (سخت جيل ڪاٽيندي به فرانز جو جواب)

*توهان انهن عملن جا ذميوار ناهيو جيڪي توهان ڪيا ئي ناهن، ڪا جنگ انصاف لاءِ آهي يا نا انصافي لاءِ توهان ان جو فيصلو به نه ٿا ڪري سگهو.

*فادر! اسان کي شيون ائين نظر نه ٿيون اچن جيئن توهان کي اچن ٿيون، برائي کي ڏسي اسان خاموش نه ٿا رهي سگهون.

*منهنجي مٺي! تون مون لاءِ جنت جي حور مثل آهين، رحمدل، نرم مزاج. پنهنجي اکين جي ذريعي تون منهنجي دل ۾ مٺاس ڀريندي آهين.

*خدا اهو ناهي ڏسندو ته توهان جي وات مان ڇا ٿو نڪري، پر هو اوهان جي دل کي (نيت) کي ڏسندو آهي.

*ھن دنيا ۾ سچ سان ڪنھن جو ڪجهھ نه وڃي. انسان ڪڏھن سچائي لاءِ نه وڙھندو. سدائين سچ کي نظر انداز ڪندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment