شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

ناول يوٿوپيا جو هڪ ڪردار


شام 11 لڳي 19 منٽ -ڇنڇر 17 اپريل 2021  411 
image-1


ڄامشوري جي پٿرائين لٽ تي ڪڻ ڪڻ وسي ٿي ۽ ماٺ ٿئي ٿي: بسنت جو پهريون مينهُن ٻڏتر ۾ آهي. پاڇا گهاٽا ۽ ڇڊا ٿي رهيا آهن. اڱڻ ۾ رکيل پاٽ ۾ پاڻي آهي ۽ تنهن چوڌاري اَنُ چٽيل آهي. جهرڪيون موسم جي مرضيءَ کي سمجهندي تڙ تڪڙ ۾ داڻا چُڳي منهنجي گهر جي ورانڊي ۾ جوڙيل آکيرن ۾ وڃڻ لاءِ اُتاوليون آهن.

ڪالهه کان آئون به ٻڏتر ۾ آهيان. مون اسڪاٽ لينڊ جي شاعر ڊان پيٽرسن جو نظم "مينهُن" (Rain) پڙهيو آهي. اهو هن طرح شروع ٿئي ٿو:

I love all films that start with rain:

rain, braiding a windowpane

or darkening a hung-out dress

or streaming down her upturned face;

پوءِ عجيب "اليوجنز" تي هن طرح ختم ٿئي ٿو:

forget the ink, the milk, the blood –

all was washed clean with the flood

we rose up from the falling waters

the fallen rain’s own sons and daughters

and none of this, none of this matters.

نظم چؤسٽي يا چؤپائي جي انداز ۾ لکيل آهي. مسئلو هيئت ناهي، پر نظم جي پڇاڙي آهي. مون انهيءَ بابت ڪيترائي تجزيا ۽ تبصرا پڙهيا آهن پر اڃا مطمئن ناهيان.

مجموعي تاثر ۾ نظم پنهنجي جماليات ۾ ڀرپور ۽ اڇوتو آهي. شاعر جو چوڻ آهي ته ڪنهن فلم ۾ رڳو گجگوڙ ڪندڙ موسلاڌار مينهُن/ برسات هجي ته اها سمپورن ۽ سوڀاري آهي. ڀلي ڪنهن فلم ۾ ڪا ڇوڪري ويٺل هجي ۽ سندس ڀرسان خاموش ٽيليفون پيل هجي يا ڪا ڇوڪري پُل جي روڊ تي پسار ڪندي هجي يا لباس پکيڙي گاهه تي ستل هجي، جيڪڏهن انهيءَ ۾ مينهُن ناهي ته اها ڪا شيءِ ناهي.

پابلو نرودا به چيو:

"ٽرين ڪا بيٺي هجي برسات ۾

وڌ تنهن کان جڳ ۾

ڪابه شيءِ آهي اداس؟"

اهڙين ئي ڪيفيتن ۾ مون نوجوان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪليم ٻٽ جو نئون ڇپجي آيل ناول "يوٿوپيا" اُتان پڙهڻ شروع ڪيو، جتي اُهو ڇڏيو هو. مک ڪردار "جيبي" رياست "يوٿوپيا" جي "درياهي صوبي" ۾ "اِڪتاوي ڌرم" جي اٿاريل فرقيوار فسادن جي تاريخي وارتا وائکي ڪرڻ کان پوءِ اڳتي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي. مها نگر "لندسيا" ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس دوران سندس ملاقات هڪ ليکڪ "راضي" سان ٿي آهي. "راضي" "جيبيءَ" کي ڪن ۾ چيو آهي ته هن سندس ڪتاب پڙهيو آهي، جنهن ۾ "اسٽوري ٽيلنگ" جي کوٽ آهي ۽ جيبي سندس پيڇو ڪري ٿو/ٿي. (جيبي داخلي طرح ٻنهي جنسن - مذڪر ۽ مؤنث ۾ تبديل ٿيندڙ ماڻهو آهي). هنن ۾ دوستي ٿئي ٿي ۽ جسماني لاڳاپي ۾ پڻ اچن ٿا. پوءِ راضي يوٿوپيا واپس وڃي ٿو ۽ اُهو "کوجين" هٿان مارجي وڃي ٿو.

ناول جي انهيءَ پُتلي/ قصي اندر ذيلي قصي ۾ ناول نگار پنهنجي "اسٽوري ٽيلنگ" جي عنصر جي عروج تي آهي. هو انساني زندگيءَ جي هڪ ممنوع پاسي تان پردو کڻي ٿو. اسان وٽ ايل. جي. بي. ٽي. ڪيو. يا رڳو مجموعي طرح ڪئير (Queer) يعني اهي سڀ ماڻهو - مرد، عورتون ۽ خواجه سرا توڻي گاڏڙ جنسي لاڙن ۽ خصوصيتن وارا ماڻهو - بابت ڳالهائڻ جو رواج ئي ناهي پيو. هن ناول جو مک ڪردار "جيبي" بين الجنسياتي ڪردار آهي. تنهن سان گڏ، ناول نگار سهيوڳي رياستي صورتحال جي اونداهن پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جو فنڪاراڻو سعيو ڪري ٿو.

پر مون کي رڳو "راضي" جي ڪردار جي الميي تي ڳالهائڻو آهي. "راضي" جهڙا وکريل ڪردار اڳي به هئا ۽ اڄ به آهن. پنهنجيءَ بيباڪيءَ ۽ سچ جي طرفداريءَ کي ڀوڳيندا رهيا هئا ۽ اڄ به ڀوڳين ٿا. تن مان ڪي لورڪا وانگي گولين جو کاڄ ٿين ٿا، ڪي داخلي دٻاءَ ۽ ڀڃڊاهه جي ڪري ورجينا وولف، هيمنگوي، آرٿر ڪوئسلر ۽ ماياڪووسڪيءَ وانگي پاڻ - گهاتڪ ٿين ٿا ته ڪي بودليئر ۽ ايدگر ايلن پو وانگي ننڍي ڄمار ۾ ويڳاڻا ٿي منظر تان گم ٿي وڃن ٿا. ڪي سولزي نٽسن وانگي ڊگهيون جلاوطنيون ڪٽي وطن ورن ٿا. ڪي ائنا اخمتووا ۽ محمود درويش وانگي وطن ۾ بي وطنيءَ کي ڀوڳين ٿا.

"راضي" جي باب جي پڄاڻيءَ تي مون ناول رکي ڇڏيو آهي. وڏو ساهه کڻڻ لاءِ ٻاهر آيو آهيان. اڀ ڪنهن قدر صاف آهي ۽ چنڊُ پنهنجي آڪارَ ۾ ڪنهن "ڪُئير" (Queer) جي احساسن وانگي اڌورو پر پنهنجيءَ وجودي سمپورڻتا جي مڃتا جي تمنا ۾ چنتاوند آهي. ستارا انيڪ ڪُٺل "راضي" آهن. آسمان آدرشين جو قبرستان آهي ۽ ٿڌي آلي هوا ۾ ڪافور جي ڳَنڌ آهي.

هن سوڳواريءَ جي انت پڄاڻا ناول ٻيهر کڻندس.

 



پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment