شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 18 - سيپٽمبر - 2021ع

ايڇ آءِ وي-ايڊز جو وڌندڙ مرض ۽ ان جا بنيادي سبب


شام 08 لڳي 41 منٽ -جمعو 02 اپريل 2021  432 
image-1


هن وقت دنيا ۾ انسان ذات سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. دنيا ۾ مختلف موتمار بيماريون ڏينهون ڏينهن انسان کي وڪوڙي رهيون آهن. ايڇ آءِ وي/ايڊز به انهن موذي مرضن مان هڪ آهي. جيڪا صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او طرفان عالمي وبا قرار ڏنل آهي. هڪ عالمي سروي موجب هن وقت ايڊز جو مرض دنيا جي تقريبن 137 ملڪن ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي. جنهن سبب ساليانو دنيا ۾ لکين انساني جانيون موت جي وادين ۾ گم ٿي رهيون آهن. پاڪستان به انهن ملڪن جي ٽاپ لسٽ ۾ شامل آهي. يونائيٽيڊ نيشنس ايڊز پروگرام جي 2019ع جي آفيشل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪل رجسٽرڊ ٿيل ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن جو انگ 2 لک 10 هزار آهي. اهو ته انگ صرف انهن مريضن جو آهي، جن جون باقاعده ٽيسٽون ٿيڻ کانپوءِ انهن ۾ ان وائرس جي تصديق ٿي، پر اندازو اهو آهي ته ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن جو انگ ان انگ کان به تمام گهڻو هوندو، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هن وقت سنڌ به ايڊز جي مريضن جو ريڊ زون بڻجي چڪي آهي.

گڏيل قومن جي صحت واري اداري موجب ايڊز جو موذي ۽ خطرناڪ مرض پوري دنيا ۾ نهايت تيزيءَ  سان ڦهلجي رهيو آهي، جنهن سان اڄ تائين اٽڪل چار ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ڊبليو ايڇ او جي 2019ع جي رپورٽ موجب پوري دنيا ۾ 38 ملين ايڊز جا مريض موجود آهن. جن مان 36.2 ملين بالغ ۽ 1.8 ملين جي 15 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار شامل آهن. پوري دنيا ۾ صرف 2019ع سال ۾ ئي 6 لک 90 هزار ماڻهو ايڊز جي مرض جي ڪري موت جو کاڄ بڻجي ويا.

ايڇ آءِ وي ايڊز آهي ڇا؟

انساني جسم ۾ قدرتي طور مختلف بيمارين کان بچاءَ  لاءِ هڪ نهايت ئي بهترين دفاعي نظام موجود آهي، جنهن ۾ رت جا اڇا جزا موجود هوندا آهن، جيڪي انساني جسم کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندا آهن. اسان جي ايڪو سسٽم ۾ موجود جيڪي به وچڙندڙ بيمارين جا وائرس موجود هوندا آهن، اهي انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ سان ئي رت ۾ شامل اڇن جزن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن سان جسم ۾ موجود مدافعتي نظام ڪمزور ٿي ويندو آهي. جيڪي وائرس جيترا وڌيڪ طاقتور هوندا آهن، اوترو ئي وڌيڪ انساني جسم ۾ موجود اڇن جزن کي نقصان پهچائيندا آهن، جنهن سان مدافعتي نظام تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندو آهي. جنهن به انسان جي غذا، کاڌ خوراڪ تمام بهترين هوندي آهي، الڪوحل کان ويندي هر نشي آور شين کان پرهيز ڪندڙ هوندو آهي، ان جو مدافعتي نظام ٻين انسانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ دفاعي هوندو آهي.

ايڊز جو سبب بڻجندڙ وائرس (Human Immune Deficiency Virus) آهي، جيڪو انساني جسم ۾ داخل ٿيندي ئي اڇن جزن کي ڪمزور ۽ ختم ڪري ڇڏي ٿو. جن ماڻهن جو دفاعي نظام ايڇ آءِ وي وائرس سبب ڪمزور ٿي ويندو آهي، انهن لاءِ وائرس سخت نقصان جو سبب بڻجندو آهي. جن ماڻهن ۾ ان مرض جا جراثيم ته موجود هجن پر اڃا انهن ۾ مرض جون نشانيون ظاهر ناهن ٿينديون، انهن کي “ايڇ آءِ وي پازيٽو” چيو ويندو آهي. عام طور تي ايڇ آءِ وي کان متاثر ماڻهن ۾ مرض جون نشانيون هڪ سال يا وڌ ۾ وڌ ڇهن کان ڏهن سالن جي عرصي ۾ به ظاهر ٿينديون آهن. ان ڪري اڪثر صورتن ۾ مريض کي خبر ئي ناهي هوندي ته هو ان مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي ۽ وري علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ميڊيڪل جي ٻولي ۾ چيو ويندو آهي ته مريض کي ايڊز يعني (Acquired Immune Deficiency Syndrome)  ٿي ويو آهي.

ايڊز جون نشانيون:

اهو ضروري ناهي ته ايڊز جي هر مريض ۾ ان بيماريون جون علامتون به ظاهر ٿين. ڪيترائي ماڻهو جيڪي ان کان متاثر هوندا آهن پر سالن تائين انهن ۾ ان بيماريءَ  جون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون. اهڙي صورت ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي موجودگي معلوم ڪرڻ لاءِ واحد طريقو رت جي ٽيسٽ ئي آهي. پر وڏي ۾ وڏو مسئلو اسان وٽ پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ اهو آهي ته رت جي ٽيسٽ جون جيڪي ليبارٽيون آهن، اهي غير معياري آهن. اهي بلڊ بينڪس ئي پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن سان گڏوگڏ ٻين وچڙندڙ بيمارين جي ڦهلا جو وڏي ۾ وڏو سبب به آهن. جن خلاف حڪومتي سطح کان ويندي ڪنهن به سطح تي ڪا قانوني ڪارروائي نه ٿي رهي آهي.

ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مرض جون جيڪي خاص علامتون آهن، اهي هن ريت آهن:

هڪ مهيني تائين لاڳيتو بخار، سخت ٿڪاوٽ جو احساس، بغلن ۽ ڄنگھن جي جوڙن يا نڙي۾ غدودن جي سوڄ، وات، زبان يا نڙي ۾ اڇا يا غير معمولي داغ، چمڙي هيٺان، وات جي اندر، نڪ يا پلڪن تي ڳاڙها يا ڀوري رنگ جا داڻا نڪرڻ، هڪ مهيني کان لاڳيتي کنگهه ۽ ساهه منجھڻ، هفتي کان مٿي جاري رهندڙ لاڳيتا دست، يادداشت ڪمزور ٿيڻ، ڊپريشن، ان کانسواءِ ٿورڙي ئي عرصي ۾ جسم جو وزن ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽجي وڃڻ ايڇ آءِ وي/ايڊز جون خاص علامتون ليکيون وينديون آهن.

ايڊز جو ڦهلاءُ ڪيئن ٿئي ٿو؟

ميڊيڪل اينٿروپالاجي موجب بيماريون ٻن قسمن جون هونديون آهن. (1) Communicable dieses : وچڙندڙ/ڦهلجندڙ بيماريون (2) Non-communicable dieses غير وچڙندڙ بيماريون. وچڙندڙ بيماريون اهي هونديون آهن، جيڪي هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿي سگهن ۽ غير وچڙندڙ بيماريون انهن بيمارين کي چئبو آهي، جيڪي هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ منتقل نه ٿي سگهن. ايڊز جو شمار وچڙندڙ بيمارين ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ڦهلاءَ جا هيٺيان مختلف ۽ خطرناڪ سبب آهن.

(1) ايڊز متاثر مريض جي سرنج جو ٻيهر استعمال يا نشو ڪندڙ ماڻهن جي استعمال ڪيل سئي جو ٻيهر استعمال ڪرڻ (2) آپريشن دوران ايڊز کان متاثر مريض جي استعمال هيٺ آيل اوزارن جو ٻيهر استعمال (3) ايڊز متاثر ماءُ مان پيدا ٿيندڙ ٻار ۾ رت ذريعي ايڊز جو منتقل ٿيڻ (4) حمل دوران ايڊز متاثر عورت جو کير پيئڻ سان نئين ڄاول ٻار ۾ وائرس منتقل ٿيڻ (5) ايڊز متاثر ڪنهن عورت يا مرد سان جنسي لاڳاپا رکڻ (6) ٿيلسيميا يا ٻين مريضن کي ايڊز متاثر مريض جو رت چاڙهڻ (7) هڪ ڀيرو استعمال ٿيل سرنج کي وري وري استعمال ڪرڻ (8) ڊليوري دوران يا مختلف آپريشنس دوران ايڊز متاثر مريض لاءِ استعمال ٿيل مختلف اوزار ۽ سامان کي ٻئي ڪنهن مريض لاءِ استعمال ڪرڻ (9) بيوٽي پارلرز تي استعمال ٿيل سامان ذريعي ايڊز جو ڦهلاءُ (10) سيلون تي ساڳي قسم جي قئنچين، بليڊن ۽ رومالن ذريعي ايڊز جو ڦهلاءُ (11) سونارن پاران نڪ ۽ ڪن ٽوپرائڻ دوران استعمال ڪيل سئي جو ٻيهر استعمال ڪرڻ ۽ ان کان علاوه انيڪ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن، جن جي ڪري ايڊز جي مريضن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ اهڙن ئي سببن جي ڪري اهو خطرناڪ مرض هڪ ماڻهو مان ٻئي ماڻهو ۾ منتقل ٿي رهيو آهي.

هن وقت تائين جيڪي به حڪومتي سطح تي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، انهن جي فنڊنگ ۾ گهوٻين کان ويندي هر سطح تي ٿيندڙ ڪرپشن انهن پروگرامن جي ناڪامي جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي. ريگيولر طريقي سان مريضن کي علاج فراهم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ان مرض کي ڦهلاءُ کان روڪڻ لاءِ به حڪومتي سطح تي ڪنهن به قسم جو ڪو خاطر خواهه بندوبست ٿيل ناهي، جنهن جي ڪري هي مرض ڏينهون ڏينهن انساني وجودن کي کاڄ بڻائي رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت 1947ع کان وٺي جيئن ئي پاڪستان وجود ۾ آيو آهي، ان وقت کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جيڪي به حڪومتون آيون آهن، ڀلي اهي سياسي هجن يا غير سياسي انهن ملي جلي پنهنجين پورين توانائين کي استعمال ڪري سڄو ڌيان صرف ڪرپشن ڪرڻ تي ئي لڳايو، هتان جي عوام جي مسئلن ۽ انهن جي مستقبل، صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ ڪڏهن به سنجيدگي سان نه سوچيو ويو، جنهن ڪري اڄ اسان جي پوري قوم تعليم ۽ صحت کان ويندي زندگي جي هر شعبي ۾ تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. هتي عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. ظلم ۽ ناانصافين جي انتها ته ايستائين آهي جو هتان جي عام ماڻهن جي نالي تي جيڪا به اڄ ڏينهن تائين ٻاهران فنڊنگ ملندي رهندي آهي، اها به ڪرپشن جي نذر ٿيندي رهندي آهي. هن خطي جي عوام جي اها بدنصيبي ۽ بدبختي ئي چئجي جو باقي دنيا وڃي مريخ تي پهتي آهي ۽ اسان جي عوام کي ملڪ ٺهندي 72 سال گذري چڪا آهن، پر اڄ به اسپتالن ۾ سرنج به ميسر نه ٿي ڪئي وڃي. اسان جي رياست اڄ تائين پوليو مان به عوام جي جان آجي ناهي ڪرائي سگهي، اهڙي صورتحال ۾ ايڇ آءِ وي/ ايڊز جو خاتمو ته هڪ خواب وانگر ئي محسوس ٿي رهيو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment