شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

ڪورونا جي پسمنظر ۾ لکيل ٻه ناول


شام 05 لڳي 17 منٽ -آچر 28 فيبروري 2021  467 
image-1

 

اسان جو نسل هڪ ڀوائتي وبا جي خوفناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ويڪسين اچي چڪي آهي، خوف جا بادل آهستي آهستي گم ٿي رهيا آهن، پر دنيا غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي سگهي ٿي، ان تجربي انسان کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪيو. خاص طور ڪورونا کان بچاءَ جي احتياطي تدبيرن ۾ سماجي فاصلي واري پابندي انسان کي پاڻمرادي قيد ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو. اڪيلائي، غير يقيني ۽ خوف واري صورتحال ۾ ڪتاب ئي اهڙا ساٿي هئا جن ذريعي ماڻهو ڪيترن ئي نفسياتي مسئلن کان پاڻ کي بچائي سگهيو ٿي. جيئن ته وبا جو دور هو ان ڪري هر ماڻهو جي هٿ ۾ وبائي دور جون ڪٿائون ۽ وبا جي موضوع تي لکيل ڪتاب هئا. سوشل ميڊيا تي به انهن جي پذيرائي ٿي رهي هئي ۽ ڪيترائي سال اڳ لکيل گارشيا مارڪيز جو ناول ”وبا جي ڏينهن جي محبت“ البرٽ ڪاميو جو ”طاعون“ سولزي نٽسن جو ”ڪينسر وارڊ“ ۽ حوزي ساراماگو جو ”انڌيارو“ (Blindness)  خاص طور بحث هيٺ رهيا.

دنيا جي ڪلاسڪ ادب ۾ وبا جي موضوعن تي لکيل ڪتابن جي مقبوليت مان ادب جي تاريخي اهميت جو به اندازو ٿيو جو عام ماڻهو ڪورونا جي پسمنظر ۾ بجاءِ ڪنهن تحقيقي رپورٽن جي ناول، ڪهاڻين يا فلمن جا حوالا ڏيئي رهيا هئا.

ان سموري صورتحال ۾ موجوده دور جي متحرڪ اديبن جو ڪورونا جي پسمنظر ۾ لکڻ هڪ فطري عمل هو. شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا ويا، پر پاڪستاني همعصر ادب جي ڳالهه ڪجي ته ان موضوع تي سنجيده ڪوشش طور مستنصر حسين تارڙ جو اردو ٻوليءَ  ۾ ناول ” شهر خالي، ڪوچه خالي“ ۽ سنڌي ۾ ٻوليءَ  ۾ اختر حفيظ جو ناول ”ڪووڊ-19“ اسان کي نظر اچن ٿا. اهي ناول نه رڳو مختلف ٻولين ۾ آهن پر مخلتف ادبي سگهه رکندڙ اديبن جو پنهنجي دور جي وبائي تاريخ کي بلڪل الڳ انداز سان بيان ڪرڻ جو فن به آهي.

مستنصر حسين تارڙ جو ناول هڪ وڏي ڄمار واري ماڻهو جي داخلي وارتائن ۽ احساسن تي ٻڌل آهي. هن ناول جو عنوان افغان شاعر امير جان صبوري جي ڪلام تان کنيل آهي، جيڪو ناول جي شروع ۾ پورو نظم اصل ٻوليءَ  سان گڏ اردو ترجمي سان گڏ ڏنل آهي ۽ انتون چيخوف جو ”وبائي اڪيلائي“ جي عنوان سان ٽڪرو ڏنل آهي جيڪو پڙهندڙ جي ناول جي موضوع جي موضوع ڏانهن حساسيت کي وڌائي ٿو. ناول جي شروعات ۾ ڳيري جي اڏام کي علامت ٺاهي، مختلف پکين جون خصلتون بيان ڪيل آهي، پکين جي اڏام، سندن پرن هيٺيان پاڻي ئي پاڻي کي انسان جي زندگي ۽ چوطرف وبا جي ڪري موت جي راڪاس جي نشاندهي ڪري ٿي.

هن ناول جو هڪ ئي ڪردار آهي هڪ وڏي ڄمار وارو ماڻهو، جنهن جي زندگي پنهنجي خاندان سان گڏ گذري ٿي، جنهن ۾ سندس پٽ ۽ سندن اولاد آهي، ناول ۾ ڪو به متحرڪ ڪردار ناهي، سواءِ انهن جي احساسن جي. ان وڏي ڄمار واري ماڻهو تي سندس پٽ پابنديون لڳائي ٿا ڇڏين، جنهن ۾ سماجي فاصلو ۽ مختلف ٻين احتياطي تدبيرن جو استعمال جيڪو انهن جي زندگيءَ ۾ وڏي پئماني تي تبديلي جو سبب بڻجي ٿو. ان قيد تنهائي کي ڀوڳيندي ان ماڻهو جي ذهن جي جيڪي خيال ۽ سوچون اچن ٿيون سي بيان ڪيون ويون آهن. هو ائين محسوس ڪري ٿو ته کيس احتياط ڪرائڻ جو سبب ان جي پنهنجي حفاظت نه پر ان کان ٻين جي حفاظت آهي. هو محسوس ڪري ٿو ته وبا جي ڪري قيد سبب پکي آزاد ٿي ويا آهن، اهي هاڻي شهرن ۾ لامارا ڏين ٿا، ٻوليون ٻولين ٿا. هو شخص ڏسي ٿو ته شهر جي روڊن تي ماسڪ ائين اڇلايل آهن، جيئن استعمال ٿيل ڪنڊوم. هو ڏسي ٿو ته غريب نوڪر جي ٻارڙي جيڪا ڪڏهن پارڪ نه وڃي سگهي، اها پارڪ ۾ وڃي ايتري خوش آهي جو ڄڻ اها وبا ان کي راس اچي ويئي هجي. هو محسوس ڪري ٿو ته اها ٻارڙي شايد اڳي ڪڏهن ايترو خوش نه ٿي هوندي، جو هاڻي ان کي پارڪ جي پينگهه تان لڏڻ کان روڪڻ وارو ڪير به ناهي ۽ ان ڪري هو چوي ٿو ته ڪورونا هڪ ٻارڙي کي ايتري خوشي ڏيئي سگهي ٿو ته بيشڪ هي ختم نه ٿئي هلندو رهي.

ناول ۾ مختلف هنڌن تي مختلف ڪتابن ۽ فلمن جو ذڪر به ڪيل آهي، جيئن روزمره جي ڊائري وارو انداز اختيار ڪيل آهي. ٻولي ۽ اندازِ بيان متاثر ڪندڙ آهي، هر سٽ حساسيت سان ڀريل آهي. ليکڪ ادب سان پنهنجي لڳاءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو ته ”وڏو ادب ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن مخصوص ٻولي تائين محدود ناهي هوندو، ان جي پکيڙ هر زماني تائين هوندي آهي، اهو هر دور جي انسانن جي ڏک سک ۽ معروضي حالتن جي ترجماني ڪندو آهي.“

مٿين سٽن وانگر ڪورونا جي وبا ۾ سنڌ جي ماڻهن جي سوچ، نفسياتي توڙي معاشي حالت ۽ وبا جي ڏينهن ۾ مختلف طبقن جي ماڻهن جي گذاريل روزمره جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. اختر حفيظ ”ڪووڊ-19“ ناول جي شڪل ۾. هي ناول تارڙ صاحب جي ناول کان بلڪل مختلف آهي، هن ۾ ڪيترائي متحرڪ ڪردار آهن، جيڪي وبا جي ڪري مختلف قسم جي سماجي ۽ معاشي مسئلن کي ڀوڳيندي نظر اچن ٿا. ناول ٻن حصن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ پهريون حصو چين ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جي شروعات واري عڪاسي آهي. ڊاڪٽر وويانگ جنهن وٽ ڪورونا جو پهريون مريض اچي ٿو، اڳتي هلي  پاڻ وويانگ به ان بيماري سبب موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو، ڊاڪٽر وويانگ خبردار ڪندو آهي ماڻهن کي، پر ڪو به ان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، ان سبب ڪير بيماريءَ کي سنجيدگيءَ سان ناهي وٺندو نتيجي طور هڪ شهر کان شروع ٿيندڙ هڪ بيماري عالمي وبا بڻجي ويندي آهي.

ناول جو ٻيو حصو 20 مارچ، جنهن ڏينهن کان سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي شروعات ٿي ان کي بيان ڪري ٿو. چين مان پڙهائي ڪري سنڌ واپس آيل سجاد، بليڪ تي وڏي رقم ذريعي سامان وڪرو ڪري منافعو ڪمائيندڙ حاجي عثمان، وبا جي شروع وارن ڏينهن ۾ تبليغ ڪري موٽيل الهه بخش، سندس پيءُ مسجد جو پيش امام مولوي علم الدين، تازي شادي ڪيل نوجوان اسد هن ناول جا اهم ڪردار آهن. ساڻن گڏ سندن خاندان جا فرد، دوست ۽ پاڙيسري به هن ڪهاڻيءَ  جو حصو آهن.

هن ناول جي خوبي اها آهي جو ليکڪ ڪردارن جي چونڊ اهڙي انداز سان ڪئي آهي جو پڙهندڙ هڪ وبا جو سماج جي هر طبقي جي فرد تي پوندڙ اثرن کي سمجهي سگهي ٿو. ان سان گڏ مختلف سوچ جا ماڻهو هڪ وبا کي ڪيئن ڏسن ٿا، ڪيئن محسوس ڪن ٿا، اهو سمورو ڪردارن جي ڳالهه ٻولهه مان اندازو ٿئي ٿو. سمورا ڪردار وبا کي ڏسندي وائسندي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي روزمره واري روٽين مطابق هلن ٿا ۽ وبا جو شڪار ٿيندا رهن ٿا، ان کان پوءِ سندن ڀوڳنائون، سندس زندگيءَ تي پوندڙ معاشي ۽ نفسياتي اثرن سٺي انداز سان بيان ڪيا ويا آهن. هي ناول روزنامچي جي انداز ۾ هر ڪردار سان ٿيل روزمره جي وارتا کي بيان ڪري ٿو.

اختر حفيظ جي هن ناول ۾ ڪجهه نڪتا اهم اٿاريل آهن، ڊاڪٽر وويانگ جو سيڪس ڊالز جي حوالي سان ڪيل ڪم هڪ ترقي يافته قوم جي جنسي مونجهارن ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو. سجاد ۽ سندس دوستن جي ڳالهه ٻولهه جو محور پنهنجي قوم جي سائنسي شعور نه هجڻ سبب مختلف مسئلا هوندا آهن. مولوي علم الدين جي سادي سوچ هوندي آهي ته اها ڪافرن جي مسلمانن خلاف سازش آهي. حاجي عثمان ڪافرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي، پنهنجي مسلمان هجڻ تي فخر ڪندي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽيندي نظر ايندو آهي، جنهن جو مقصد هوندو آهي ته پئسا گڏ ڪري هڪ وڌيڪ حج ڪجي. حج تي بندش کي به ڪافرن جي مسلمانن خلاف سازش سمجهيو ويندو آهي. ناول ۾ ملڪ جي وزيراعظم جي غلط فيصلن کي آئينده جي تباهي جو سبب ڄاڻائيندي، لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ تي ماڻهن جو سڀ احتياطي تدبيرون ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ تي ليکڪ ان افسوس جو اظهار ڪندي ناول جي پڄاڻي ڪئي آهي ته وبا سان وڙهڻ کان اڳ جهالت سان وڙهڻو پوندو آهي.

جيئن ته هي ادب ان دور ۾ تخليق ڪيو ويو آهي جنهن دور جا اسان پاڻ اکين ڏٺا شاهد آهيون، ان ڪهاڻيءَ جو هڪ ڪردار آهيون، ڪيترائي مشاهدا ڪياسين، ان ڪري هن ناول کي موجوده دور جي هڪ تاريخ چئي سگهجي ٿو، جنهن کي ايندڙ وقتن ۾ حوالي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. اختر حفيظ متحرڪ ليکڪ آهي پر ناول ۾ سندس پهريون تجربو هو، ان حساب سان ناول جي بيهڪ توڙي آخر تائين نڀاءَ ڪرڻ ۾ اختر گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي. هي اسان جي دور ۾ آيل وبا جو ادب اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ اسان جي سماجي حالتن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment